ايران جي بادشاهه خلاف عوام انقلاب لاءِ ذهني، جسماني ۽ نفسياتي طور تيار ٿي ويو ۽ آيت الله خميني 1979 ۾ جلا وطني ختم ڪندي ايران جي بادشاهه محمد رضا شاهه پهلوي کي للڪاريندي انقلاب آڻڻ جو اعلان ڪيو. ۽ عوام آيت الله خميني جي آواز کي لبيڪ چوندي انقلاب برپا ڪري ڇڏيو. ايراني بادشاهه ملڪ مان فرار ٿيندي جان بچائي ورتي. رضا شاهه پهلوي دنيا ۾ رسوا ۽ خوار ٿيندو رهيو. آمريڪا ۽ اسرائيل سندس کي ڏکي وقت ۾ اڪيلو ڪري ڦٽو ڪري ڇڏيو. هونءَ به جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو ٻئي ماڻهوءَ مان جڏهن مفاد نڪري ويندو آهي ته پوءِ ان کان منهن موڙيو ويندو آهي. پاڪستان ۾ ساڳي صورتحال آهي. بحرالحال هن وقت هڪ ڀيرو ٻيهر ايراني عوام کي موجوده حڪومت جي طرز حڪمرانيءَ خلاف ڀڙڪائڻ ۽ ايران ۾ انقلاب جون تياريون هلي رهيون آهن. دنيا جون اهي قوتون جيڪي ايران مخالف آهن هڪ مائيند سيٽ جي تيارين ۾ مصروف آهن. ايران مخالف قوتون جن ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل قابل ذڪر آهن. تازو آمريڪا ۽ ايران جي اڳوڻي بادشاهه محمد رضا شاهه پهلوي جو پٽ رضا پهلوي هڪ سيمينار ۾ اسرائيل کان مطالبو ڪيو آهي ته ايران ۾ حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ سندس جي مالي مدد ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته ايران ۾ سول نافرماني تحريڪ هلائڻ لاءِ سندس وٽ ڏوڪڙ ناهن. ۽ ايران جو عوام موجوده حڪومت جي طرز حڪمرانيءَ مان بيزار آهي. ۽ آمريڪا پاران ايران تي لڳل معاشي پابندي سبب ايران جا ماڻهو جيڪي ٻاهر ويٺل آهن اهي ايران ۾ ترانزيڪشن وسيلي پئسو موڪلي نٿا سگهن. ايران جي اڳوڻي بادشاهه ايران تي 38 سال حڪومت ڪئي. رضا پهلوي 2024-09-20 ڌاري آمريڪا واشنگٽن هلٽن ۾ اسرائيل آمريڪا ڪونسل IAC پاران ڪوٺايل قومي سربراهي اجلاس ۾ تقرير ڪندي اسرائيل کان مالي مدد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. رضا پهلوي ايران حڪومت خلاف صف بندي ڪري رهيو آهي ڪجهه سالن ۾ خبر پوندي ته هو ان منصوباندي ۾ ڪيترو ڪامياب ٿئي ٿو. بحرالحال سندس آڏو معاشي مشڪلاتون انقلاب آڻڻ لاءِ رنڊڪ بڻيل آهن. ڪجهه ذريعا ٻڌائن پيا ته موجوده حڪومت جي ڪماليت جو به عروج آهي ۽ جڏهن ڪماليت کي عروج حاصل هوندو آهي. ته پوءِ اها ڪماليت زوال پذير به ٿيندي ۽ اکين سان ڏٺي آهي. هن وقت رضا پهلوي جي آمريڪا ۽ اسرائيل پٺي ٺپي ڇڏي آهي ۽ رضا پهلوي آمريڪا کان آشيرواڌ وٺي ميدان ۾ لٿو آهي. آمريڪا رضا پهلوي جو منهن اسرائيل طرف ڪري ڇڏيو آهي. يعني فنڊنگ آمريڪا ڪندو پر اسرائيل جي معرفت. ڇاڪاڻ ته آمريڪا دنيا جو چيف سردار آهي ان ڪري هو پاڻ کي ان معاملي ۾ سڌو سنئون ملوث نه ڪرڻ چاهيندو. ان سان سندس اجارداري تي وڏو اثر پئجي سگهي ٿو ۽ مسلمان ملڪن اندر سندس جي مفادن کي ڪافي نقصان ٿيڻ جو انديشو به آهي. رضا پهلوي اپريل 2023 ۾ اسرائيل جو دورو به ڪيو هو. موجوده آمريڪا ۾ تقرير ان کي وڌيڪ قوت بخشي ڇڏي آهي.
هن وقت ايران اندر حڪومت مخالف قوتون وڌي رهيون آهن. ان جا ڪيترائي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا. ايران پاران يمن جي ويڙهه ۾ حوثي باغين جي حمايت ڪرڻ ۽ سعودي مخالف حوثي باغين جو سعودي عرب تي حملا ڪرڻ ملڪن اندر معاشي مشڪلاتن ، ايران اسرائيل ڇڪتاڻ جنهن ۾ ايران جو صدر ساٿين سميت مارجي ويو هو. ايران جي آرمي جنرلن کي اسرائيل پاران قتل ڪرڻ ۽ ايران پاران خاموشي اختيار ڪرڻ سميت ٻيا انيڪ اندروني معاملا آهن. جن ۾ حڪومت مخالف ماڻهن کي طاقت ذريعي چٿڻ به شامل آهي. رضا شاهه پهلوي سيمينار کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ڪيترائي غير ملڪي ايراني سندس جي مدد ڪرڻ چاهين ٿا پر ايران مٿان عالمي پابندين سبب اهو ممڪن نٿو ٿي سگهي. هڪ ٻيو عنصر به سندس مطالبي ۾ شامل ڏسڻ ۾ اچي ٿو ڪٿي ائين ٿي سگهي ٿو رضا پهلوي آمريڪا ۽ اسرائيل آڏو اهڙو مطالبو ان ڪري به رکيو هجي ته جيئن آمريڪا ايران مٿان ڪجهه پابنديون نرم ڪري ته جيئن ٻاهر ويٺل ايراني پنهنجي گهرن ڏانهن رقم موڪلي سگهن ۽ ائين ايران ڪجهه معاشي مشڪلاتن مان ٻاهر نڪري اچي؟
رضا پهلوي آمريڪا کان اهو به مطالبو ڪيو آهي ته ايران حڪومت مخالف ڌڙا معاشي مشڪلاتن سبب ايران حڪومت آڏو ڪمزور آهن ان ڪري معاشي پابنديون ختم ڪيون وڃن. ولي عهد چوي ٿو ته اڄ به لکن جي تعداد عوام موجوده حڪومت خلاف ٻاهر نڪرڻ لاءِ سندس سان رابطي ۾ آهي. هن اهيو به چيو آهي ته هو پاڪستان، افغانستان، سعودي عرب ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن سان سٺا لاڳاپا رکڻ چاهي ٿو. يعني پاڙيسري ملڪن جي به اڳواٽ پٺي ٺپي ٿو. هن اسرائيل تي زور ڏنو آهي ته ڪجهه ايراني اسرائيل جي دوستيءَ کي شڪ جي نگاهه سان ڏسن ٿا. ڇاڪاڻ ته تازو اسرائيل پاران ايران خلاف جيڪي ڪاروايون ڪيون ويون آهن. اهي دنيا آڏو آهن. آخر ۾ ولي عهد اسرائيل تي زور ڏنو آهي ته جيڪڏهن اسرائيل نيڪ نيتي سان سندن جو ساٿ ڏنو ته هو ايران جي عوام لاءِ خوشحالي، وقار ۽ پنهنجي ملڪ جي استحڪام ۽ سلامتي کي محفوظ بڻائي سگهن ٿا ۽ ايران معاشي طور دنيا ۾ مثال بڻجي سگهي ٿو. اتي ويٺلن سندس حمايت ۾ تاڙيون وڄايون. بحرالحال ايران جي طرز حڪمراني عوام کي بيزار ڪري ڇڏيو.