عالمي شهريت يافته سنڌ جي صوبائي گادي جي هنڌ ڪراچي جنهن کي انساني سمنڊن جو شهر پڻ سمجهيو ويندو آهي، تنهن جي وڌندڙ آباديءَ انگ اکر هن شهر جي انيڪ مسئلن کي جنم ڏنو آهي سڀ کان وڏو مسئلو ڌارين جي آبادڪاري سبب درپيش آيو آهي جنهن ڪري هن شهر جون سرحدي حدون هڪ طرف بلوچستان ته ٻئي طرف ضلعو ٺٽو ڄامشورو کي لڳن ٿيون، بنيادي سهولت کي حڪمران طبقو پهچي نٿو سگهي، جنهن جو ڪارڻ انساني لوڌ جو هن شهر طرف رات ڏينهن آمد آهي.
هن شهر جو اڄ جو سڀ کان وڏو مسئلو پاڻي آهي جنهن کي سرڪاري سطح تي هڪ طرف ضلعي ٺٽي جي ڪينجهر، هاليجي منهن ڏئي رهي آهي ته ٻئي طرف حب ڊيم جا آبي ذخيرا به کٽي وڃن ٿا. جڏهن ته ڪراچي واٽر ۽ سيوريج بورڊ تمام وڏو ادارو آهي جيڪو پاڻي جي رسد ۽ نيڪالي جو ڪم سرانجام ڏئي رهيو آهي، هن اداري سرڪاري سطح تي واٽر ٽينڪر جا ڪجهه هائيڊرنٽس ذريعي به پاڻي پهچائڻ جو سلسلو ڏينهن رات جاري آهي پر ٽينڪر مافيا آبادين ۾ رهندڙ ماڻهن کي ڪنهن حد تائين پاڻي جي سپلاءِ ۽ فراهمي ڪري رهي آهي پر هو صعنتن کي وڏو پاڻي ڏئي رهي آهي.
ضلعي ملير جي اسٽيل ٽائون لڳ هائيڊرنٽ ذريعي تمام هيوي واٽر ٽينڪر سروس جيڪا اڳ ۾ اسٽيل موڙ کان ٽرن ڪري پورٽ قاسم سميت ملير جي صعنتي ايريا ڪورنگي طرف ويندا هئا تن جي روٽ ۾ ٽريفڪ پوليس تبديل ڪرائي گلشن حديد جي مک آبادي واري ٻن چوڪن تان ٽرن ڪرائي شهر طرف روانو ڪري ٿي، واٽر ٽينڪر جتي ٽريفڪ جي روانگي سخت طريقي سان متاثر ڪئي آهي اتي روڊ حادثا ۽ قومي شاهراهه کي ٽينڪرن مان وهندڙ پاڻي تباهي جي ڪنڌي پهچايو آهي، هي اهو علائقو آهي جتان سڄي ملڪ سميت ٺٽو، بدين، ٽنڊو محمد خان ۽ ٿر جي ٽريفڪ جيڪا ڪراچي ۾ داخل ٿئي ٿي تنهن کي سخت ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پيو آهي .
هڪ مهيني اندر ٽينڪرن جي تيز رفتاري سان اسٽيل ٽائون، گلشن حديد ۽ قومي شاهراهه تي ڪيترائي موٽر سائيڪل سوار اجل جو شڪار ٿيا آهن جنهن کي وقت بوقت ميڊيا ذريعي منظر تي آندو ويو آهي، سوشل ميڊيا ذريعي ايس ايس پي ٽريفڪ ملير ۽ ٽريفڪ سان لاڳاپيل ادارن کي هن اهم ۽ ڳنڀير مسئلي تي پڻ آگاهي ڏني وئي آهي ته ٽينڪر مافيا کي ڪراچي شهر کان ٻاهر ڪڍي اهڙي هنڌ پارڪنگ ۽ الڳ رستا ڏنا وڃن جتي عوام مشڪلاتن کان بچي ۽ پنهنجون جانيون بچائي سگهن.
3 مهينا گذرڻ جي باوجود واٽر ٽينڪرن جي روٽ ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي نه ڪرڻ عوام سان دوکو، مذاق وارو ماحول بڻايو ويو آهي، هتي سنڌ جي وڏي وزير کان هتان جو عوام مطالبو ٿو ڪري ته اسٽيل ٽائون واٽر هائيڊرينٽ کي ترت ختم ڪري کين آبادي کان ٻاهرين علائقن ۾ منتقل ڪيو وڃي ته جيئن وڌيڪ انساني جانيون بچن ۽ عوام کي ٽريفڪ جي روانگي ملي.