اسرائيلي فوج جي سربراهه جو چوڻ آهي ته لبنان تي اسرائيل جا تازا حملا، اتي اسرائيلي فوج جي امڪاني داخلا (يعني زميني ڪارروائي) جي تياري جي سلسلي ۾ ڪيا ويا آهن.اسرائيل جي آرمي چيف هرزي حلوي فوجين کي خطاب ڪندي چيو ته ” توهان جنگي جهازن جا آواز ٻڌا آهن؟ اسان سڄو ڏينهن حملا ڪندا رهياسين. اهي توهان جي ممڪن داخلا لاءِ ميدان تيار ڪرڻ ۽ حزب الله کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ ھئا.اسرائيل ۽ لبنان جي وچ ۾ تڪرار ۾ تازي واڌ ڪافي ماڻھن کي 2006 جي جنگ جي ياد ڏياري ٿي، جڏھن اسرائيلي فوج فضائي بمباري کان پوءِ لبناني علائقي جي اندر زميني آپريشن شروع ڪيو هو.
7 آڪٽوبر 2023 تي اسرائيل تي حماس جي حملن کان پوءِ، ويڙهاڪ گروپ حزب الله ڏکڻ لبنان کان اسرائيل تي پنهنجا حملا تيز ڪري ڇڏيا ۽ جنھن بعد لڳاتار هڪ سال کان ڇڪتاڻ جاري آهي.ان ڪري جيڪڏهن اسرائيل لبنان تي زميني حملو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿو، اهو حملو ڪيئن نظر ايندو ۽ ڇا اسرائيل لبنان جي علائقي ۾ رهڻ ۽ ڪنٽرول ڪرڻ چاهي ٿو؟اسرائيلي وزير اعظم بينجمن نيتن ياهو بار بار چيو آهي ته حزب الله سان وڌندڙ ويڙھ جي ڪري اتر اسرائيل ۾ ۾ پنھنجي گھر تڙ کان بي دخل ٿيندڙ اٽڪل سٺ ھزار اسرائيلين جي محفوظ واپسي جو بندوبست ڪيو ويندو.25 سيپٽمبر تي، اهو چٽو ٿي ويو ته اسرائيل ڪنھن نھ ڪنھن بھاني سان لبنان ۾ داخل ٿيڻ جو ارادو ڪري ورتو آھي.جيئن حزب الله کان پنھنجي ماڻھن کي نقصان کان بچائي سگھجي. اسرائيلي فوج جي سربراهه هرزي هاليوي موجب اسان حملا جاري رکنداسين ، نھ رڪجنداسين،هر جڳهه تي نشانو بڻائينداسين.مقصد پنھنجي ماڻھن جي واپسي ۽ بچاءُ ڪرڻ آھي.فوجين کي خطاب ڪندي هن چيو ته فوج پنھنجي حڪمت عملي ٺاهي رهي آهي، جنهن جو مطلب آهي ته توهان کي دشمن جي علائقي ۾ داخل ٿيڻو آھي.حزب الله جي جوڙيل وڏين فوجي چوڪين کي نشانو بڻائبو.
ان کان اڳ 23 سيپٽمبر تي اسرائيل جي ھوائي حملن ۾ 550 کان وڌيڪ ماڻهن کي ماريو ويو.جنھن ۾ عورتون ۽ ٻار بھ شامل ھئا.اسرائيل جا هوائي حملا جاري آهن، پر ماھرن اڳڪٿي ڪئي آهي ته اسرائيل جلد ئي لبنان ۾ زميني فوج موڪليندو. گذريل جنگين ۾ اسرائيل پنهنجي زميني ڪارروائي ۾ مختلف طريقن تي عمل ڪيو آهي.ماھرن موجب اسرائيل هڪ تيز ۽ زوردار اڳرائي شروع ڪرڻ بدران ڏکڻ لبنان جي سرحدي علائقن تائين محدود رھنديون. اسرائيل لبنان جي علائقي ۾ ڪمانڊو آپريشن جي امڪان کي بھ رد نٿو ڪري سگھجي.اھو بھ امڪان آھي تھ اسرائيل لبناني سرحد لڳ لطاني درياھ کي واري علائقي ۾ بھ آپريشن ڪري.ماھرن موجب ڏکڻ لبنان ۾ ڪنهن به امڪاني حملي ۾ اسرائيل جو بنيادي مقصد لطاني نديءَ جي اتر ۾ حزب الله جي ويڙهاڪن کي پوئتي ڌڪڻ هوندو، جيئن اتان کان گھٽ رينج وارن راڪيٽ حملن کي روڪيو وڃي.جيئن واري اتر اسرائيل ۾ آڪٽوبر 7 واري ڪنھن حملي وانگر ڪنھن اھڙي امڪان کي ختم ڪري سگھجي.