بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بڻائڻ جون ڪوششون

تحرير: اعجاز ممنائي

ڪجهه ڏينهن کان خبرون هلن پيون ته پاڪستان پيپلزپارٽي جا سينئر اڳواڻ تحريڪ هلائڻ طرف وڃن پيا ته بلاول ڀٽو کي ملڪ جو وزيراعظم بڻايو وڃي. پاڪستان پيپلز پارٽي جيڪا ملڪ جي سڀ کان وڏي ۽ متحرڪ سياسي جماعت ھئي،جمھوريت ۽ انساني حقن جي لاءِ جدوجھد ۾ سڀ کان اڳڀري تصور ڪئي وڃي ٿي، ھن وقت نواز ليگ جي اتحادي ٿي گڏيل حڪومت ڪري رهي آهي گذريل چونڊن کان اڳ وزيراعظم  بلاول جا نعرا لڳايا ويا پر اليڪشن کٽڻ کانپوءِ شهباز شريف وزيراعظم بڻجي ويو ۽ بلاول ڀٽو جا خواب چڪنا چور ٿي ويا اهو مفاهمت جي بادشاهه جو فيصلو هو جيڪو هر ڪنهن کي مڃڻو پئجي ويو ڇوته ملڪي حالتون سازگار نه هجڻ ڪري سينئر سياستدانن کي اڳتي وڌي ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪم ڪرڻو هو جيڪڏهن سياست ٻاراڻي راند هجي هان ته سڀڪو ان راند ۾ حصو وٺي هان.ملڪ هلائڻ لاءِ سياست جي اصولن قاعدن ۽ قانونن تص عمل پيرا ٿيڻو هوندو آهي بلاول ڀٽو ڀلي سينئر ۽ خانداني سياستدانن جو پٽ هجي پر ملڪ هلائڻ لاءِ وڏو دماغ ۽ ٽيڪنيڪل شين کي اپنائڻ لازم آهي.

هن وقت ملڪ جون سنگين حالتون تجربن جي اجازت نه ٿيون ڏين۔ ڇوته 77 سالن ۾ ملڪ تي ڪيترائي تجربا ٿي چڪا آهن جيڪڏهن جذباتي طور وري نئين ۽ اڻ واقف ماڻهوءَ کي ملڪ جون واڳون ڏبيون ته وڏو نقصان به ٿي سگهي۔ڇوته ماضي ۾ اڻ تجربيڪار عمران خان جي هٿ ۾ ملڪ جون واڳون ڏنيون ويون جنهن ٽن سالن اندر ملڪي معيشيت کي جيڪو نقصان پهچايو ان جو ازالو اڃان تائين نه ٿي سگهيو آهي هونئن به پ پ پ سنڌ تائين محدود آھي ۽ ٻين صوبن ۾ عوامي سطح تي اھا انتھائي ڪمزور پارٽي آھي،ان جا سبب ڪهڙا به هجن پر بلاول ڀٽو کي جيڪڏهن پارٽيون جون زميواريون مليل آهن ته پهرئين ان کي پارٽي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي ٺاهي ۽ ماڻهن سان لهه و چڙهه ۾ اچي ۽ ڪجهه تجربا پارٽي اندر حاصل ڪري ته پوءِ ملڪ جون واڳون ڏيڻ گهرجن۔ اسان وٽ روش رهي آهي ته سياستدان اليڪشن ۾ عوام وٽ ويندا آهن ۽ پوءِ پنج سال گم ٿي ويندا آهن پر هينئر عوام ۾ بيداري اچي وئي آهي ۽ کانئن سوال ٿا ڪن ته پنجن سالن جي ڪارڪردگي ٻڌايو جيڪڏهن ڪم نه ڪيو اٿئي ته پوءِ سيٽ ڇو ورتي اٿئي۔ ملڪ ۽ قوم لاءِ جيڪو به سياستدان ڪم ڪندو اهو عوام جو پسنديده اڳواڻ ٿيندو۔ ماضي ۾ محترمه بينظير ڀٽو سينئر سياستدان نصرالله خان جهڙن اڳواڻن کي ويجهو رکندي هئي ته جيئن ملڪ جي ڀلي لاءِ کانئن صلاح مشورو وٺي سگهي۔ هن وقت پاڪستان پيپلزپارٽي،  مسلم ليگ ن جي ڪرتوتن جي سزا ڀوڳي رهي آهي.ان جو وڏو سبب اهو آهي ته بلاول عوامي ليڊر بڻجڻ بدران وڏيرن وانگي درباري سياست ڪري رهيو آهي جنهن سان پيپلز پارٽيءَ کي وڏو نقصان پيو پهچي،پيپلزپارٽي نواز سان الحاق ۾ شامل ٿي، پاڻ کي عوامي سطح تي ڪمزور ڪري رهي آهي. ڇوته پيپلزپارٽي جو ڪارڪن ۽ ووٽر مسلم ليگ ن ۽ ايم ڪيو ايم سان اتحاد کي ناپسنديدگيءَ جي نگاھ سان ڏسي رھيو آھي ۽ پنھنجي اصل پيپلزپارٽي جي ڳولا ۾ آھي، ھن وقت ،بلاول ڀٽو وٽ ٻه رستا آھن يا ته ھو موجوده اتحادي حڪمرانن کي ڪمزور ڪري يا وري عوامي سياست جو رستو اختيار ڪندي چئني صوبن ۾ سينئر سياستدانن کان حڪمراني جا گر سکي وٺي ۽ هڪ مضبوط جٿو ٺاهي ته جيئن ملڪ ۽ قوم جو ڀلو ٿي سگهي۔. هن وقت مجموعي طور ملڪ جون حالتون بي يقيني جو شڪار آھن.ڇوته ھڪ طرف ملڪ جو عوام مھانگائي بيروزگاري ۽ بنيادي سھولتن کان محرومي آھي،ته ٻئي پاسي پاڪستان جي غير سنجيده سياست عالمي سطح بدنامي جو سبب بڻيل آهي انڪري پاڪستان جو مستقبل اونداهو ڏسڻ ۾ پيو اچي۔ڇوته اقتداري سياسي جماعتن جا سربراهه ”اقتدار“ لاءِ ڪجهه به ڪري سگهن ٿا. اقتداري سياستدانن جي چوڻي هوندي آهي ته سياست ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، ”ڪالهه جا دشمن اڄ جا دوست ۽ اڄ جا دوست سڀاڻي جا دشمن“ ٿي سگهن ٿا.انڪري سينئر سياستدان کي هڪ پليٽ فارم تي رهي ڪم ڪرڻ گهرجي

ھن وقت ،بلاول ڀٽو وٽ ٻه رستا آھن يا ته ھو موجوده اتحادي حڪمرانن کي ڪمزور ڪري يا وري عوامي سياست جو رستو اختيار ڪندي چئني صوبن ۾ سينئر سياستدانن کان حڪمرانيء جا گر سکي وٺي ۽ هڪ مضبوط جٿو ٺاهي ته جيئن ملڪ ۽ قوم جو ڀلو ٿي سگهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.