هن شهر ۾ ڪنهن جي به مضبوط سياسي پوزيشن ناهي، نه ڪير هتي ووٽ وٺي يا آرام سان کٽي به سگهي، ان ڪري هتان جي شهرين ۾ ڪنهن قسم جي لالچ ۽ لوڀ ناهي هوندو. هتي عام رواجي ماڻهو اڌ سياست بسين، گاڏين ۽ ٽرينن ۾ ڳالهائي ڳالهائي پوري ڪندا آهن. انهن کي ان ڳالهه جو درد ناهي ته سرڪار نوڪريون ڏئي، بک هڙتال ڪن، پمفليٽ ۽ بينر کڻي بيهن ته گندا نالا اُٻرن (اڀرن يا وهن) ٿا، يا روڊ کنڊر بڻجي ويا آهن .
هي هڪ متحرڪ شهر آهي، هي شهر ملڪ جي تجارتي ۽ ڪاروباري سرگرمين جو مرڪز پڻ آهي، پر آباديءَ جي حساب سان ۽ واپاري سائيز ۽ سرگرمين جي لحاظ کان شهر جو بنيادي انفرا اسٽرڪچر خراب رهندو ٿو اچي. ترقياتي ڪم هتي پائيدار نوعيت جا نه ٿا ٿين ۽ جي ٿين ٿا ته اهي هڪ بجيٽ کان ٻي بجيٽ تائين مس ٿا هلن يا هڪ برسات جو کڄ هجن ٿا، جو هڪ ٺاهوڪي برسات جي وسي ٿي ته اهي نظام درهم برهم ٿي ٿا وڃن، پر ڪنهن وزير ۽ مشير جو گهر نه ٿو ڪري، ان ڪري جو انهن جي گهرن جي بجري، لوھ ۽ سيميٽ ان سرڪاري ڪمن کان وڌيڪ بهتر هجن ٿا.
هي رڳو هن شهر جي عوام جو مسئلو ناهي، پر اهو ملڪ جي هر شهر جوِ ڳڻتي جوڳو مسئلو آهي. هي شهر تمام گهڻيون ڪاروباري ۽ تجارتي سرگرميون پيدا ڪري ٿو، جيڪي باقي ملڪي شهرين کي ججها واپار، سک، آرام ۽ پيسو ڏين ٿيون. هتي ٻين شهرن وانگي روڊ نيٽ ورڪ به بلڪل ٽٽل ڦٽل رهن ٿا، هڪ ٺاهي بس ٿا ڪن ته ٻيو کوٽيون ويٺا آهن، پبلڪ ٽرانسپورٽ جو بنيادي ڍانچو ايترو سٺو يا مناسب ناهي، پاڻي جي فراهمي مسلسل خراب ٿي رهي، ڪجهه علائقن ۾ جانورن کي به پاڻيءَ سان وهنجارين ٿا، ڪي گهرن جي ٻاهران وڻن، ٻوٽن ۽ گلن ڦلن کي به پاڻي ڏين ٿا، پر ڪجهه علائقا اهڙا به آهن جن وٽ پيئڻ جو پاڻي جو ڍڪ ناهي هوندو. ڪجهه علائقا اهڙا به آهن جتي جرَ جو پاڻي ماڻهن ۾ مختلف بيماريون پيدا ٿو ڪري ۽ ڪجهه علائقا اهڙا به آهن جتي پاڻي ٽينڪرن جي صورت اچي ٿو، باقي اتي ميوسپالٽي پاڻي نه ٿي پڄائي، معني سهولتن جي برابري ناهي، ته نل مان هر ماڻهوءَ کي پاڻي ملي سگهي، هر ماڻهو جڏهن هڪجيتري ۽ برابر ڪنزيومر ٽيڪس به ڀري ٿو ته ان کي پاڻي پڄائڻ گهرجي ۽ ٻيون سهولتون به. هتي پاڻيءَ جي نيڪال جو بنيادي سسٽم ئي خراب آهي، گٽرن جا ڍڪڻ چوري ٿي ٿا وڃن، ماڻهو (هيروئني) ته شهر جي روڊن تي لڳل لوهي گرليون به پٽي ٿا وڃن، اوورهيڊ برجيون ڪنهن ڪم جون ناهن رهيون، جو ماڻهو روڊن تان رسڪ کڻي پار ڪرڻ کي پسند ٿا ڪن. هتي 200 کان 300 ملي ميٽر برسات جو 24 ڪلاڪن اندر پوڻ به آمد ۽ رفت ۾ وڏيون رڪاوٽون پيدا ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندو آهي. بارشن جي ڪري شهر جا ڪجهه ٻاهريان حصا يا ڪچي آبادي اڪثر ڪري پاڻي هيٺ اچي وينديون آهن. پر شهر جا ماڻهو ڏاڍا دلفريب آهن، اهي ڀلائي جي ڪمن ڪرڻ سان گڏ پيسن ڪمائڻ جا نوان نوان طريقا به ڳولهي لهندا آهن، جيڪي انهن جي ضرورت هوندي آهي، پر شهر جو ڪاروبار ۽ ڌنڌا هلندا ٿا رهن، شهري گهڻو ڪري خود انحصار آهن، انهن وقت جي حڪومتن تي ڇڏي ناهي ڏنو، اهي هڪ ٻئي جي مدد ڪري به اڳتي وڌندا رهن ٿا ۽ شهر ۾ اهڙن ماڻهن جو تحرڪ واضح طور تي نظر ايندو.
هي شهر يقينن لاهور جي ڀيٽ ۾ نسلي، مذهبي ۽ لساني لحاظ کان وڌيڪ خطرناڪ شهر آهي. اها ڳالهه ان مان چٽي طور واضع ڪري سگهجي ٿي ته هتي هر ماڻهو ان ڳالهه ۾ دلچسپي رکندو آهي ته هو هر نئين ماڻهو کان اهو سوال ڪري ته ”توهان ڪير آهيو“ يا ”توهان ڪٿان جا آهيو“، ”ڇا توهان ڪراچي جا آهيو“؟ يا گهڻي ڀاڱي ماڻهو انهن جي ڳالهائڻ ۽ انهن شڪل شبيهھ مان سڃاڻي وٺندا آهن ته هي ماڻهو ڪير ٿي سگهي ٿو. هن شهر ۾ ننڍڙا ننڍڙا لساني، مذهبي ۽ تعصب پرست گروپ به آهن، اهي ”اِن ۽ آئوٽ گروھ“ هتي ڪيترين ئي مذهبي، لساني ۽ طالباني تنظيمن سان سلهاڙيل آهن، انهن جي لاءِ اها راءِ عام آهي ته اهي اهڙن فردن کي پنهنجي گروهن ۽ نيٽ ورڪ ۾ تڪڙي جاءِ ناهن ڏيندا. هتي سروس ڪلچر ۽ واپار ملڪ جي ٻين حصن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو آهي. هتي آفيس جي عملي سان ڳالهائڻ کان وٺي دڪانن ۽ ريسٽورنٽ ۾ سيلز ۽ سروسز جي اهلڪارن سان ڳالهائڻ تائين سڀني قسمن جون خدمتون فراهم ڪندڙ ماڻهن سان ڊيل ڪرڻ تائين، پيشه ورانا رابطي جي اعليٰ سطح تائين وڻ وڻ جي ڪاٺي آهي. اها هڪ خوش آئند ڳالهه آهي ته هتي فلاحي تنظيمون ۽ خدمتون نه رڳو بهتر آهن پر معياري به آهن جيڪي ملڪ جي ٻين حصن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه سستيون به آهن.
شهر جي مارڪيٽ تمام وڏي آهي ۽ گهڻين خدمتن جي ڪري وڌيڪ واپاري مقابلي واري به آهي، اها ڳالهه کاڌي پيتي جي شين جي لاءِ به لاڳو ٿئي ٿي، اتي موجود کاڌن جي قسمن ۾ وڌيڪ مقابلي واري ڳالهه ٿي وئي آهي، پاڪستان جي ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ هن شهر ۾ معيار ۽ قيمت تحت واپار جو رجحان تمام گهڻو ۽ بهتر آهي، اهو شايد مارڪيٽ جي سائيز ۽ مقابلي جي رجحانن سان پڻ تعلق رکي ٿو. روڊ رستين تي کليل ريسٽورنٽ جو هڪ وڏو تعداد وچين درجي جو پڻ آهي، جيڪو وچين درجي جي آمدني وارن گروپن کي پورو ڪري ٿو، قيمت ۽ معيار هن درجي ۾ تمام سٺو آهي. هتي جا شهري گهڻي ڀاڱي امير آهن، ڪاروبار ۽ تجارتي مرڪز هجڻ جي ڪري، هتي دولت جو مقدار اعلي آمدني واري سطح وٽ تمام گهڻا آهن. هتي جا شهري ايتري ڏيکاءَ وارا نه آهن، جيترا لاهوري ۽ اسلام ابادي آهن. هتي ڪيتريون ئي لگزري گاڏيون نظر اينديون، گهر اوترا ئي بهترين (پر ڪجهه خاص علائقن ۾) عوامي هنڌن تي گهٽ ۾ گهٽ لباس ۽ ذاتي لوازمات به بهترين نظر ايندا.
شهر ۾ امن امان جي صورتحال خوف ۾ ويڙهيل هجي ٿي، گهڻ ثقافتي ۽ ميٽروپوليٽن شهر هجڻ سبب هتي لساني گروهن ۾ گهرا اختلاف به آهن؟ اڪثر ماڻهن ۾ سيڪيورٽيءَ جو احساس اڃان به وڌيڪ هجي ٿو ۽ هر ڪو شڪ ۾ مبتلا هجي ٿو، تحفظ جو احساس هر وقت هجي ٿو، جو ڪير ڪنهن کي نظر ڀري ڏسي به نه ٿو ڏسي ته متان سامهون وارو خطرناڪ نه هجي. سڄي شهر ۾ هٿياربند گارڊن جو تعداد جيتوڻيڪ ملڪ ۾ في ماڻهوءَ جي لحاظ کان هڪ رڪارڊ تي وڃي پڳو آهي، جو مسجدن ۾ به سيڪيورٽي گارڊ هجن ٿا. موبائيل چوري ۽ ڦرلٽ يقيني طور تي هتي جي ماڻهن جو گهڻو مسئلو هجي ٿو، ان موبائيل چوري ۽ سينازوري واري سلسلي ۾ ٻڌائڻ لاءِ هر ماڻهوءَ وٽ ذاتي يا ڪو نه ڪو پرائوواقعو ضرور هوندو آهي. ان ڪري ماڻهو ٻه موبائيل کڻي گهمندا آهن، ڪي ماڻهو هڪ سادي موبائيل به کڻي هلندا آهن ته جيئن کسجي وڃڻ مهل احساس گهٽ ٿئي يا کسجي ئي نه، جيڪا هڪ عام ڳالهه بڻجي وئي آهي.
ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ هتي عوامي هنڌن تي عورتون تمام گهڻيون آهن. پر دلچسپ ڳالهه اها به آهي ته لاهور جي ڀيٽ ۾ هن شهر ۾ موٽرسائيڪل (اسڪوٽر) هلائيندڙ عورتون تمام گهٽ آهن (جيڪي وقت سر وڌنديون رهن ٿيون) اهو ٽرينڊ قانون ۽ امن امان سان ڳنڍيل ناهي، پر آمدني ۽ ڪلچر جو حصو بڻبو رهي ٿو، اتي ڪا ٻي وضاحت نه ٿي ڪري سگهجي. هڪ سروي مطابق لاهور ۽ اسلام آباد جي ڀيٽ ۾ هن شهر ۾ وڌيڪ انساني ۽ اداراتي دوستي آهي. هر گهٽي ۾ ٽرسٽ ۽ فائونڊيشن جا بورڊ لڳل آهن، اهي ماڻهو مفت تعليم، صحت، کاڌي يا سماجي ڀلائي جي شعبن ۾ ڪجهه نه ڪجهه ڪري رهيا هوندا آهن. هتي هر شهري، هر ٻوليءَ وارو هڪ غريب پرور ضرور آهي. اهو ڀلو ٿيندو جو جيڪڏهن ڪو سماجيات جو ماهر انهن لاڙن جو مطالعو ڪري ۽ ڪجهه وضاحتن سان گڏ تحقيق ڪري ته اهو ڪم قابلِ ستائش ۽ تعريف جوڳو ڪم ٿي سگهي ٿو ۽ اهو ڪجهه ٻين شهرن جا رهواسي به سکي سگهن ٿا. هي شهر خوبصورت، متحرڪ، سماجي، واپاري لحاظ کان هڪ مسلسل ڇڪ وارو شهر آهي ۽ شهر ۾ هميشه گهڻو ڪجهه ٿيندو رهي ٿو. جيڪڏهن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون انفراسٽرڪچر ۽ ٽرانسپورٽيشن جي فراهمي تي ڪجهه وڌيڪ ڌيان ڏين ته سنڌ جي دل نه رڳو شهر جي رهواسين لاءِ پر سڄي ملڪ لاءِ بهتر زندگي جي ضامن ٿي سگهي ٿي.