سنڌ جي هڪ محترم دانشور دوست ڪيترائي سال اڳ دعويٰ ڪئي هئي ته پنجاب ۾ مذهبي انتهاپسندي جي جيڪا لهر ھلي رھي آهي، هر منبر تان جيڪي فتوائون ڏنيون پيون وڃن، ڪافر ڪافر جا جيڪي نعرا گونجي رھيا آھن،جيڪي سِر تن کان جدا ڪرڻ جون صدائون بلند ٿي رھيون آھن. اهو سلسلو ڪشمور کان اڳتي هلي نه سگهندو.هن جو چوڻ ھو تھ سنڌ صوفين جي ڌرتيءَ آهي، هتي جو مولوي به ڀٽائيءَ جو ڪلام سمجھي ٿو. هتي مذهبي رواداري آهي، جيڪڏھن توهان پنجاب ۾ پيدا ٿيو ته سڄي زندگيءَ ڪنھن غير مسلم سان ڪنھن لاڳاپي کانسواءِ گذاري سگهو ٿا.اڪثر پنجابين، ھندو رڳو فلمن ۾ ڏٺا آهن،جڏهن ته سنڌ ۾ غير مسلم خاص ڪري ھندن جي وڏي آبادي موجود آهي، اسپتال ۾ ڊاڪٽر به هندو هوندو، گهٽي جي ڪنڊ تي جنرل اسٽور جو مالڪ به غير مسلم ھوندو.منهنجي دوست جو پيغام هو ته سنڌ شهباز قلندر، ڀٽائي ۽ سرمست جي ڌرتي آهي، مذهب ۽ فرقيواريت جي نالي تي ڪاوڙ جو جيڪو فصل پنجاب ۽ ملڪ جي ٻين حصن ۾ پچي راس ٿيو آهي،ان جي سنڌ ۾ پوکي ئي نٿي ٿي سگهي.
گذريل هفتي عمرڪوٽ ۾ ڊاڪٽر شاهنواز تي توھين جي الزام لڳڻ بعد پوليس تحويل ۾ ھن جو موت ھڪ خوفناڪ واقعو هو.پنجاب ۽ بلوچستان ۾ اهڙا واقعا ٿي چڪا آهن پر ڊاڪٽر شاهه نواز جي لاش کي ڪنهن به قبرستان ۾ دفنائڻ نھ ڏنو ويو ۽ جڏهن گهر ڀاتين کيس ذاتي قبرستان ۾ دفنائڻ جي ڪوشش ڪئي ته لاش کسيو ويو . ان کي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پوءِ هنن جون مٽ مائٽ عورتون ھن جي آخري ديدار جي لاءِ اگھاڙين پيرن ڊوڙنديون رهيون. اها خبر پڙهي دل ۾ سوال اڀريو ته ڇا سنڌ مان ڀٽائيءَ جو پاڇو هٽي ويو آهي؟ بهرحال ٻن ڏينهن کانپوءِ ئي سنڌ واسين ڊاڪٽر شاھ نواز جي جنازي نماز پڙھي ڪري، ھن جي قبر تي اجرڪ ۽ گل وڌا ۽ شاعر يوسف لغاري جو ڪلام ڳائي ثابت ڪيو ته سنڌ جي صوفي روح کي زخم رسيا آھن پر اھو زندهه آهي.
عمرڪوٽ (عمرڪوٽ) جي ريگستان ۾ جيڪا شي دفن ٿي آهي، اهو سنڌ جو صوفي ڪلچر نه آهي،بلڪھ ڪئين ڏھاڪن کان صوبي تي حڪمران ڪندڙ پيپلز پارٽيءَ جي اھا تصوير آهي، جنهن ۾ اُها پاڻ کي ڪڏهن سوشلسٽ چئي ٿي، ڪڏهن سيڪيولر، ڪڏهن لبرل ۽ جڏھن ان جي قول ۽ فعل ۾ تضاد تي سوال اٿاريو وڃي ٿو ته اھا پنهنجي شهيدن جي تصويرن جي پٺيان چھرو لڪائي ٿي ڇڏي.
سنڌ مٿان پيپلز پارٽي ايتري عرصي کان راڄ ڪري رهي آهي جو هڪ پوري نسل کي اهو به ياد ناهي ته اها پارٽي ڪڏهن مظلوم پڻ هئي. پيپلز پارٽي جو آخري وڏو شهيد سلمان تاثير هو. جنهن کي سندس ئي پوليس باڊي گارڊ ممتاز قادري، مٿس گستاخيءَ جي تھمت مڙھڻ بعد گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو.اھو قتل جو واقعو راڄڌاني اسلام آباد ۾ ٿيو ھو، پر پنجاب ۾ سندس جنازي پڙھائڻ جي لاءِ جي امام ڳولڻ ۾ ڏکيائي ٿي هئي. سنڌ حڪومت ان شھادت مان اھو سبق سکيو آهي ته ”قاتل“ ڪانسٽيبل کان ترقي ڪري ايس پي ۽ ڊي آءِ جي، جي عهدي تائين پھچي ويا آھن. جيڪي تحويل ۾ ورتل ڊاڪٽر شاهنواز کي مبينا پوليس مقابلي ۾ مارڻ بعد گلن جا ھار ۽ اجر ڪ وصول ڪن ٿا. اهڙن تحفن ڏيندڙن ۾ پيپلز پارٽي جا پنهنجا اسيمبلي ميمبر به شامل آهن.
بعد ۾ ڪجهه ڏينهن لاءِ معطلي، انڪوائري وغيره جو اعلان ٿي چڪو، پر جن ماڻهن کين انهن عهدن تي مقرر ڪيو ۽ بعد ۾جن ڊاڪٽر شاهنواز جي بي رحماڻي قتل تي مبارڪون ڏنيون ۽ جشن ملھايو، ان جو علاج ڪنھن وٽ نه آهي، بلڪھ خوف جو اھو عالم آھي جو پيپلز پارٽي جو لبرل کان لبرل وزير پڻ وڌ کان وڌ اھو چئي ٿو ته، جيڪڏهن گستاخي ٿي ته قانون کي موقعو ملڻ گهرجي ۽ اهو صحيح اسلام ناهي.اهي رڳو اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته، ڏسو، اسين سلمان تاثير ۽ ڊاڪٽر شاهنواز کان بهتر مسلمان آهيون، ڪٿي اسان تي اهڙي تھمت نھ مڙھي ڇڏجو، جنهن کان پوءِ اسان جي گهر جون بيبيون ريگستان ۾ اسان جي آخري ديدار جي لاءِ اگھاڙين پيرين ڊوڙنديون رھن.
گستاخيءَ جي نالي تي جٿا ٺاهي قانون هٿ ۾ کڻندڙن جي خاتمي جا سبب پيپلزپارٽي جي حڪومت وٽ ورھين کان موجود آھن. پوليس سندن آھي، تعليم کاتو سندن آھي. سنڌي ميڊيا پيپلز پارٽيءَ جو ڪڏهن رضامنديءَ سان ۽ ڪڏهن مجبوريءَ ۾ ساٿ ڏيندي آئي آهي ته پوءِ پيپلز پارٽي پاڻ کي ڪڏهن مجبور، ڪڏهن معذور ۽ هميشه مظلوم ڇو محسوس ڪرائي ٿي.پيپلز پارٽي جي باني کي ھڪ فوجي آمر شهيد ڪيو، بينظير ۽ سندس ڀاءُ جي شھادت به اهڙن عنصرن هٿان ٿي،جن کي ڪڏهن خاندان ۽ ڪڏھن ان جي نظريي سان دشمني هئي.
سنڌ جي حڪمران پيپلز پارٽي واري بلاول ڀٽو ۽ سندس ٻيهر صدر بڻجندڙ والد تي الزام آهي تھ ھن قاتلن سان ھٿ ملايو.پراڻا راجا، مهاراج پڻ پنهنجو اقتدار بچائڻ لاءِ ماءُ پيءُ جي قاتلن کي معاف ڪري ڇڏيندا ھئا. شايد بلاول ڀٽو به اھڙي صلح جوئي پنهنجي پارٽي ۽ ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ ڪئي. هن پنهنجي عوام کي انهن ئي طاقتن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو. جن ڀٽو خاندان کي ايترا شهيد ڏنا ۽ هاڻي اھو عالم آھي جو سنڌ جتان ھر گھر مان ڀٽو نڪرڻو ھو، اتان ممتاز قادري نڪري رهيو آهي ۽ جيالا انھن کي اجرڪ پارائي رھيا آھن. گلن جا ھار پيش ڪري رھيا آهن.حق موجود .صدا موجود ، پر ڀٽو جو روح عمرڪوٽ جي صحرا ۾ ُگم
(بي بي سي جي ٿورن سان)
بهرحال ٻن ڏينهن کانپوءِ ئي سنڌ واسين ڊاڪٽر شاھ نواز جي جنازي نماز پڙھي ڪري، ھن جي قبر تي اجرڪ ۽ گپنجاب ۽ بلوچستان ۾ اهڙا واقعا ٿي چڪا آهن پر ڊاڪٽر شاهه نواز جي لاش کي ڪنهن به قبرستان ۾ دفنائڻ نھ ڏنو ويو ۽ جڏهن گهر ڀاتين کيس ذاتي قبرستان ۾ دفنائڻ جي ڪوشش ڪئي ته لاش کسيو ويو . ان کي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پوءِ هنن جون مٽ مائٽ عورتون ھن جي آخري ديدار جي لاءِ اگھاڙين پيرن ڊوڙنديون رهيون. اها خبر پڙهي دل ۾ سوال اڀريو ته ڇا سنڌ مان ڀٽائيءَ جو پاڇو هٽي ويو آهي؟ بهرحال ٻن ڏينهن کانپوءِ ئي سنڌ واسين ڊاڪٽر شاھ نواز جي جنازي نماز پڙھي ڪري، ھن جي قبر تي اجرڪ ۽ گل وڌا ۽ شاعر يوسف لغاري جو ڪلام ڳائي ثابت ڪيو ته سنڌ جي صوفي روح کي زخم رسيا آھن پر اھو زندهه آهي.
.