انتهاپسندي خلاف سنڌ جي شعور جو تاريخي احتجاج

رپورٽن موجب يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل خلاف خوف ۽ دهشت کي مات ڏيندي هزارين ماڻهن عمر ڪوٽ ۾ يادگار احتجاج ڪري انتهاپسندي کي رد ڪندي ثابت ڪيو آهي ته سنڌ ماضي وانگر هاڻي به رواداري، امن ۽ ڀائيچاري جي قائل آهي. سنڌ يوث ايڪشن ڪميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو، عاليه بخشل، ڊاڪٽر سورٺ سنڌو، عائشه ڌريجو ۽ ٻين عورتن جي اڳواڻي ۾ نڪتل مارچ عمرڪوٽ جي پريس ڪلب پهچي هڪ وڏي جلسي جي صورت اختيار ڪري ويو. مارچ  ۾ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي معصوم نياڻي حريم به شرڪت ڪئي. ان موقعي ته يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي چيئرمين سنڌو نوازگهانگهرو  خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي رواداري، امن ۽ ڀائيچاري کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي جنهن جي سنڌ واسي رستا روڪ ڪندا.  هن ڊاڪٽر شاهنواز جي قتل ۾ ملوث انتهاپسند ڌرين سان گڏ عمر ڪوٽ پوليس جي ڪردار جي پڻ مذمت ڪئي ۽ چيو ته پوليس ڊاڪٽر شاهنواز  کي عدالت جي سامهون پيش ڪرڻ ۽ ان جي تحفظ بجاءِ پاڻ ئي قتل ڪري ڇڏيو. ائين ڊاڪٽر شاهنواز جي ڏوهه جي تصديق نه ٿي سگهي. عاليه بخشل خطاب ڪندي چيو ته واقعي ۾ ملوث ذميوارن ۽ پوليس عملدارن کي گرفتار ڪري سندن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي.

اسان کي سنڌ جي سيڪيولر، ڀائيچاري ۽ امن رواداري واري سوچ تي فخر آهي ۽ خاص ڪري سنڌ جي باشعور طبقي جو ڏکئي وقت ۾ متحد ٿيڻ وارو عمل انتهائي ساراهه جوڳو آهي هونئن ته اسان وٽ سنڌين جي اڻ ٻڌيءَ تي وڏي تنقيد ٿيندي رهي آهي پر اها به حقيقت آهي ته ڏکئي وقت يا ضرورت تحت سنڌ جو ساڃاهه وند طبقو سڀ ڳالهيون وساري متحد ٿي ويندو آهي جيڪا تمام خوشي  ۽ اطمينان واري ڳالهه آهي. اها به ساراهڻ  جوڳي ڳالهه آهي ته سنڌ ۾ انتهاپسند عملن توڙي روايتن کي پسند ناهي ڪيو ويندو ۽ هيمشه سنڌ جي سيڪيولر ڌرين وقت اچڻ تي ان کي ننديو آهي. جيئن هاڻي عمر ڪوٽ ۾ شاهنواز ڪنڀر جي قتل ۾ ملوث انتهاپسند سوچ جي متحد ٿي ڪري مذمت ڪئي وئي آهي.

اها به خوش گوار حيرت جي ڳالهه آهي ته هن ڀيري انتهاپسند واقعي خلاف يوٿ ايڪشن ڪميٽيءَ جيڪو احتجاج جو سڏ ڏنو تنهن جي اڳواڻي سنڌ جي نياڻين سنڌو نوازگهانگهرو، عاليه بخشل،ڊ اڪٽر سورٺ سنڌو، عائشه ڌاريجو ۽ ٻين عورتن ڪئي آهي. سو اهو پاسو پڻ نوٽ ڪرڻ جهڙو آهي ته هاڻي سنڌ جون باشعور نياڻيون ان مقام تي پهچي چُڪيون آهن. ته اهي سنڌ جي مزاحمتي تحريڪن جي اڳواڻي ڪرڻ لڳيون آهن. ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل ڪيس ۽ انتهاپسندي جي موجوده لهر ۾ سنڌو گهانگهرو  جي اڳواڻي وارو ڪردار پڻ همت افزا آهي جيڪو ثابت ڪري رهيو آهي ته سنڌ هاڻي تبديلي جي غير معملي دور ۾ داخل ٿي رهي آهي. ان عمل جي وڏي عرصي کان ضرورت محسوس ٿي رهي هئي ته جيستائين سنڌ جي سياسي ميدان ۾ سنڌ جون عورتون نه لهنديون تيستائين سنڌ ڪنهن فيصلائتي موڙ تي نه پهچي سگهندي پر هاڻي اها اميد يقين ۾ تبديل ٿيڻ لڳي آهي جنهن جي آجيان ڪجي ٿي ۽ ان حوالي ۾ اسان يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي عورت اڳواڻن سنڌو گهانگهرو، عاليه بخشل، ڊاڪٽر سورٺ سنڌو، عائشه ڌاريجو ۽ ٻين نياڻين کي عمر ڪوٽ واقعي خلاف شاندار ۽ يادگار احتجاج جي اڳڀرائي ڪرڻ تي دل جي گهراين سان واڌايون ڏيون ٿا.

اها به تمام سٺي ڳالهه آهي ته سنڌ جي سيڪيولر، ڀائيچاري ۽ رواداري جي روايت نئين نسل ۾ منتقل ٿي رهي آهي جنهن کي وڌيڪ وڌائڻ جي ظاهر آهي ته ضرورت هاڻي به آهي ۽ ان ماحول کي هٿي ڏيڻ لاءِ انتهاپسندي خلاف ٿيل 25 سيپٽمبر وارو تاريخي احتجاج پڻ مدد ڏيندو. اسان سمجهون ٿا ته سنڌ جيڪا صوفين، امن، رواداري ۽ ڀائيچاري طور سڄي دنيا اندر مشهور رهي آهي تنهن جي اصل سڃاڻپ ڌاري آبادڪاريءَ  خراب ڪئي آهي. عام طور تي اهو تاثر ڏنو ويندو آهي ته يا اهو سوال پڇيو ويندو آهي ته ڇا سنڌ هاڻي صوفين جي ڌرتي ناهي رهي ته ان جو جواب به اهو ئي آهي ته اصل ۾ سنڌ ۾ڌاري آبادڪاري وڌي وئي آهي ۽ هيءَ انتهاپسندي به سنڌ ۾ ان ئي آندي آهي ان ۾ سنڌين جو ڏوهه ناهي. سنڌين جي امن ۽ ثقافتي قدرن کي دار اصل ڌارين متاثر ڪيو آهي. انهن جي پنهنجي ثقافت آهي ۽ پنهنجا ثقافتي رويا آهن. جڏهن ته سنڌي پنهنجي ذات ۾بيحد مهذب، ٻاجهارا، امن پسند ۽ مذهبي، انتهاپسندي کان آجا هوندا آهن. سنڌين جي اڪثريت اڄ به ايئن ئي آهي سو جيڪڏهن ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي ڏئي ڏسبي ته سنڌ روايتي سڃاڻپ وري بحال ٿيندي نظر ايندي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سنڌ اندر ڌاري آبادڪاري خلاف هميشه آواز اٿاريو ويندو آهي ڇاڪاڻ ته ڌاري آبادڪاري سان نه رڳو سنڌين جو معاشي استحصال ٿيو آهي، سنڌ جي آدمشماري کي متاثر ڪيو آهي پر انتهاپسندي ۾ به خوفناڪ اضافو آندو آهي جنهن جي رستا روڪ لاءِ سنڌي قوم ويجهي تاريخ ۾ تمام گهڻي جدوجهد به ڪئي آهي.

سو ڌاري آبادڪاري ئي سنڌ اندر آيل انتهاپسندي جو بنيادي ڪارڻ رهي آهي. عمر ڪوٽ واري واقعي ۽ ان کان اڳ انتهاپسندي جي واقعن سنڌ جي عوام جون شعوري اکيون کولي ڇڏيون آهن ۽ انهن کليل شعوري اکين کان عمر ڪوٽ جي ڊاڪٽر شاهنواز جو  سفاڪي سان ٿيل قتل ناقابل برداشت بڻجي ويو  تنهن ڪري سنڌ جي ان شعور ڊپ جي صورت حال کي مات ڏئي انتهاپسندي خلاف يادگار احتجاج ريڪارڊ ڪرايو آهي.

هاڻي ان تاريخي احتجاج جي تقاضا اها آهي ته حڪومت آئين، قانون ۽ انصاف جي بالادستي جو نظام قائم ڪري. اها به سٺي ڳالهه ته پ پ جيئن ته پاڻ سيڪيولر جماعت آهي تنهن پاڻ به ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل جو ۽ انتهاپسندي جو نوٽيس ورتو آهي جنهن کي اسان درست رخ ۾ کنيل قدم سمجهون ٿا. اسان هن ئي ايڊيٽوريل ۾ لکيو هو ته ڪنهن به ماڻهوءَ کي ڪنهن به نالي ۾ قتل کي اسان عدالت کان مٿانهون قتل سمجهون ٿا. ڊاڪٽر شاهنواز جي معاملي تي به تصديق جي ضرورت هئي جيڪڏهن ائين ئي ماڻهن يا هجوم کي پاڻ ماڻهو مارڻ  جو لائسنس ڏبو ته پوءِ هتي ڪير به محفوظ نه رهندو نه ئي قانون توڙي حڪومت جي رٽ قائم رهندي. اهو به نه وسارڻ گهرجي ته هن  ملڪ اندر توهين مذهب ۽ توهين رسالت جو قانون موجود آهي ان جي موجودگي ۾ ڪنهن به ماڻهو  يا ڌر کي قانون  هٿ ۾ کڻي لاقانونيت ۽ انتهاپسندي جي فضا قائم ڪرڻ جي جازت نه ملڻ گهرجي، سنڌ جي شعور جي تاريخي احتجاج به اهڙو ئي پيغام ڏنو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.