لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي ته صبح 9 وڳي کان رات 12 وڳي تائين ڪم ڪندي آهيان.
لاهور ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي مريم نواز چيو ته مان هر ڪم ميرٽ تي ڪري رهي آهيان، سفارشون اينديون آهن پر مان ڪنهن جي ناهيان ٻڌندي.
هن چيو ته پوليس کاتي ۾ رشوت جي خاتمي لاءِ يونيفارم سان گڏ ڪئميرا لڳائي رهيا آهيون، ڪو به پوليس اهلڪار ان يونيفارم بنا ڊيوٽي نه ڪندو.
سندس چوڻ هو ته ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ منشيات جي روڪٿام لاءِ وڏا وڏا گروهه پڪتا آهن، وڏا گروهه پنهنجي ذاتي جهازن تي مختلف شڪلين ۾ منشيات آڻي کپائيندا هئا.
You might also like