صوابي (ويب ڊيسڪ) صوابي جي پوليس اسٽيشن ۾ ڌماڪي سان 17 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ڊي پي او صوبي موجب ڌماڪو پوليس اسٽيشن جي اندر ٿيو، جنهن کانپوءِ باچا خان ميڊيڪل ڪامپليڪس ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.
شروعاتي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پوليس اسٽيشن جي پهرين ماڙ جي مال خاني جي ڪمري ۾ ڌماڪو ٿيو، شروعاتي جاچ طور لڳي ٿو ته ڌماڪو شارٽ سرڪٽ سبب ٿيو، ڌماڪي کانپوءِ پوليس اسٽيشن ۾ لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو.
Prev Post
You might also like