اسلام آباد(عمر چيما)آءِ ايس آءِ جي عهدو ڇڏيندڙ سربراهه جنرل نديم انجم جي ڌيءُ جي شادي ۾ شريڪ عورت سياستدان سان جٺ،خبر موجب ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل نديم انجم جي ڌيءُ جي شادي ۾ هڪ ناليواري عورت سياستدان پنهنجي والد سان گڏ شرڪت ڪئي هن گهوٽ جيڪو پڻ سروس ۾ آهي، ان سان گڏ بي تڪلفي جي حالت ۾ سليفي ڪڍرائي، اها سيلفي قابل اعتراض نه هئي، پر اهاسيلفي جڏهن سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ته اتي قيامت اچي وئي، ان عورت سياستدان چيو ته اسان ته ”ووٽ کي عزت ڏيو“ وارا ماڻهو آهيون هي توهان ڇا ڪيو آهي؟ توهان مهرباني ڪري ان کي ڊيليٽ ڪرايو، بعد ۾ اها سليفي ڊيليٽ ڪرائڻ لاءِ وڏا هٿ پير هنيا ويا، سوشل ميڊيا تان آءِ ايس آءِ سربراهه اها تصوير ڊليٽ ته ڪرائي ڇڏي آهي پر ان جا ڪيترائي اسڪرين شاٽس وٺجي چڪا آهن،هاڻي خطرو اهو آهي ته اهي اسڪرين شاٽس ڪنهن مهل به سوشل ميڊيا جي زينت بڻجي سگهجن ٿا