گرين پاڪستان سنڌ کي بنجر بڻائڻ جو منصوبو آهي: اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو آھي ته گرين پاڪستان سنڌ کي بنجر بڻائڻ جو منصوبو آھي. آصف زرداري ايوان صدر ۾ ويھي غير آئيني ۽ سنڌ دشمن منصوبا جوڙي رھيو آھي. صدر مملڪت کي سنڌو درياھ مان ڪئنال ڪڍڻ جو ڪو به اختيار ناھي. انڊس رور سسٽم ۾ ملڪ کي ضرورت جيترو پاڻي ناھي. جيڪڏھن 6 نوان ڪئنال ڪڍيا ويا ته سنڌ  بنجر ۽ ڀڙڀانگ ٿي ويندي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌو مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو ڪروڙين ماڻھن جي اڃ مارڻ ۽ لکين ايڪڙ زمين بنجر بڻائي سنڌ کي معاشي طور قتل ڪرڻ جو منصوبو آھي. پيپلز پارٽي اقتدار عيوض سنڌ جو پاڻي ۽ وسيلا وڪڻي رھي آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته ڪوٽڙي کان ضرورت جيترو پاڻي نٿو ڇڏيو وڃي جنھنڪري سمنڊ اڳتي وڌي آيو آھي. سنڌ کي پھرين پنھنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ۽ ڏيڍ سئو سالن کان سنڌو تي لڳندڙ  ڌاڙي جو حساب ڏنو وڃي. پاڻي کوٽ جي ڪري آبادگارن کي ٿيل نقصان جو معاوضو ڏنو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.