ڪنڌڪوٽ ڌاڙيلن حوالي، واپارين کان ڀتو وصول، آل پارٽيز سراپا احتجاج

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتاز سنڌي+ عرفان علي کوسو) ڪنڌڪوٽ ۾ وڌندڙ بدامني ڦرون ڀتا خوري ۽ شهرين کان سري عام  لوٽ  مار خلاف ايس يو پي، ايس ٽي پي جسقم بشير خان، ڪيو اي ٽي، پي ٽي آءِ، شهري ايڪشن ڪاميٽي، ميڊيڪل ايسوسئيشن ڪنڌڪوٽ، صرافه ايسوسيئيشن، جماعت اسلامي، جي يو آءِ (ف) ۽ سول سوسائٽي بدامني خلاف سون جي تعداد ۾احتجاجي مظاهرو رڪارڊ ڪرايو.ان موقعي تي دلمراد ڏهاڻي، ظريت ساگر بجاراڻي، والي ڏنو سنڌي، قمرسهرياڻي، جيوڻ سبزوئي، فداحسين  محمداڻي، ڊاڪٽر ميهرچند، اشوڪ ڪمار، حضور بخش مغل، پرڪاش ڪمار،  وڪيل عبدالغني بجاراڻي، غلام مصطفيٰ ميراڻي، حافيظ خان محمد ملڪ، عبدالعزيز سومرو،  شهبان جکراڻي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته شهرين کي روزاني ڀتو ڏيڻ لاءِ فون اچي رهي آهي، داڙيل  ڏينهن  جي  روشني ۾ دڪاندارن کان ڦرون ڪن ٿا ۽ ڀتو نه ڏيندڙن مٿان فائرنگ ڪئي پئي وڃي، گهرن ٻاهران بيٺل موٽرسائيڪلون ڌاڙيل ڪاهي وڃن ٿا، پر پوليس ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، اسين سمجهون پيا ته پوليس ڌاڙيلن سان ٻٽ بڻيل آهي، پوري ضلعي جي اندر بدامني جو راڪاس آهي پر رياست ڪو به تدارڪ ڪرڻ لاءِ  تيار نه آهي، شهري گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن، سج لهندي روڊ رستا ويران ٿي وڃن ٿا ۽ پوليس علائقو ڌاڙيلن حوالي ڪري ڇڏي ٿو. هنن وڌيڪ چيو ته تقريبن پوليس چوڪيون ڦورن جون آماج  گاهه بڻيل آهن، پ پ جي چونڊيل نمائندن ايم پي اي هجي يا ايم اين اي شهرين کي ڌاڙيلن حوالي ڪري پاڻ ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ آباد ٿي ويٺل آهن. هنن چيف جسٽس، آرمي چيف ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته ترت معاملي جو نوٽيس وٺي عوام کي داڙيلن کان بچايو وڃي.

  1. ضلعي جي اڳ کان صورتحال تمام بهتر آهي: ايس ايس پي ڪشمور

ڪنڌڪوٽ:ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ بشير احمد بروهي جو چوڻ هو ته ڏوهارين خلاف ڪاروايون هلي رهيون آهن ڀتي لاءِ پرچيون دڪاندارن کي ڏيندڙ هڪ سهولتڪار کي مقابلي دوران ماريو آهي هن چيو ته امن و امان جي صورتحال بهتر آهي اغوا وارداتون ختم ٿي چڪيون آهن، ڏوهارين خادم ڀيو، صدام ڀيو ۽ ملگزاز بهلڪاڻي گينگ خلاف سميت سهولتڪارن خلاف آپريشن پوليس جو هلي رهيو آهي، 8 شڪي گرفتار ڪيا آهن ۽ ڏوهارين جي 5 ٿاڪن کي باهيون ڏنيون ويون آهن. ايس ايس پي جو چوڻ هو ته ضلعي جي اڳ کان صورتحال تمام بهتر آهي شهرين سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن کي پوليس جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. ڏوهارين جي خاتمي تائين پوليس جو آپريشن ڪچي ۾ جاري رهندو.

  1. بدامني خلاف آل پارٽيز پاران اڄ به احتجاج جو اعلان

ڪنڌڪوٽ:آل پارٽيز موومينٽ پاران سڀاڻي احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو جيڪو مسلسل 2 ڏينهن تائين جاري رهندي ۽ انکان بعد ٻيھر احتجاج کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.