19هين ترميم افتخار چوڌري مسلم ليگ کي استعمال ڪندي بندوق جي زور تي منظور ڪرائي\ايمل ولي

ڪراچي (رپورٽر) عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) جي صدر ايمل ولي خان چيو آهي ته 19هين ترميم اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري مسلم ليگ کي استعمال ڪندي بندوق جي زور تي منظور ڪرائي. ڪراچيسٽي ڪورٽ ۾ عوامي نيشنل پارٽي جي لائرز فورم جي چونديل عهدايدارن جي حلف برداري تقريب  خطاب ڪندي  عوامي نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ سينيٽر ايمل ولي خان  چيو ته هي نظام اسٽيبلشمينٽ آندو آهي ته پوءِ هو احتجاج ڇو ڪندي. هن چيو هر ٻن سال کان پوءِ وڏي ٽينشن ايڪشينشن جي هوندي آهي. ووٽ کي عزت ڏيارڻ وارا اڄ ووٽ کي پاڻ عزت نه پيا ڏين. ايمل ولي خان چيو ته سنڌ ۾ نيشنل لائر فورم جو بنياد سٺو سنوڻ آهي عوام کي انصاف دير سان ملي رهيو آهي، وڪيلن کي جلد انصاف جي فراهمي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي، منهنجي خاندان تي ڪي به ڪرمنل چارجز نه هئا، باچا خان 39 سال جيل ۾ گذاريا، ولي خان تي ساڍن چئن سالن جي عمر ۾ حملو ڪيو ويو. وڪيلن جي تحريڪ عدليا جي آزادي لاءِ هئي ججن لاءِ نه هئي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي غلط ڦاسي ڏني وئي هئي. عدليا ۾ به ڪرپٽ ماڻهو موجود آهن. هن چيو ته تاريخ ۾ ججن جي صورت ۾ فرعون موجود هئا. اهاخبر نه هئي ته افتخار چوڌري، ثاقب نثار، گلزار احمد  جهڙا فرعون جج ملڪ کي ملندا. ايمل ولي چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ عوام جي اپيلن کي نٿو ٻڌو وڃي. هن چيو ته رٽائر ججن کي ٻيهر مقررڪرڻ غلط عمل آهي، ايڊهاڪ تي جج مقرر نه ٿيڻ گهرجن. ايمل ولي خان چيو ته سڀني کي خبر آهي ته ڪنهن جي چوڻ تي رٽاٽر جج مقرر ڪيا ويندا آهن. وڏي مشڪل  کان پوءِ 18ترميم پاس ڪئي وئي. جج ۽ جسٽس جي چونڊ پارلياني دستورسان آهي.آئون نٿو سمجهان ته پاڪستان جي بهتري لاءِ تاريخ ۾ ڪوبهتر چيف جسٽس آيو آهي، هن چيو ته 18 ترميم کان پوءِ پختونن کي پنهنجي سڃاڻپ ملي. اسان پختونخوا جو نالو رکيو. چين ۽ آمريڪا جي جنگ ۾ پاڪستان پيسن جي خاطر غلط ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي دفاعي ادارن جي غلط پاليسين جي سبب ملڪ کي وڏو نقصان ٿيو آهي. دفاعي ادارن کي معافي وٺڻ گهرجي.جنهن جنهن سان ظلم ٿيو آهي. تقريب ۾ اي اين پي سنڌ جو صدر شاهي سيد، ڪراچي بار جو صدر عامر وڙائچ، جنرل سيڪريٽري اختيار علي چنا سميت وڪيلن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.