اسلام آباد (م ڊ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان لاءِ 7 ارب ڊالرن جي بيل آئوٽ پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي. آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ڪرسٽالينا جورجيوا جي صدارت هيٺ ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان جي ايجنڊا به شامل هئي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب پاڪستان کي 30 سيپٽمبر تائين هڪ ارب ۽ ڏهه ڪروڙ ڊالرن جي پهرين قسط ملڻ جو امڪان آهي. قرض پروگرام جي منظوري کانپوءِ ٻي قسط به هن ئي مالي سال ايندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جو قرض 5 سيڪڙو وياج جي شرح کان گهٽ تي ملندو. آءِ ايم ايف پيڪيج تي اطمينان جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته معاشي سڌارن تي عملدرآمد تيزي سان هلي رهيو آهي، هو معاشي ترقي لاءِ ڀرپور محنت ڪندا رهندا. انشاءَ الله هي پاڪستان جو آخري آءِ ايم ايف پروگرام هوندو، وزيراعظم مريم نواز، مراد علي شاهه ۽ سرفراز بگٽي جو به شڪريو ادا ڪيو. سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته آءِ ايم ايف پيڪيج جو سڀ کان وڌيڪ فائدو عوام کي ٿيندو، هاڻي قيمتون مستحڪم ٿينديون.