ڪرمپور ۾ اغوا ٿيل ڪٽنب جي 9 ڀاتين وارو معاملو، سهولتڪار گرفتار

سکر(رپورٽ:شفيع محمد ابڙو)سکر جي نيو پنڊ ٿاڻي جي حد مائيڪرو ڪالوني جا رشتي جي لالچ ۾ ويندڙ ٻن عورتن پنجن ٻارڙن ۽ ٻن مردن سميت 9 ڄڻا شڪارپور ڪنڌڪوٽ ڪشمور جي حد مان اغوا ٿيڻ واري معاملي تي مغوين جي وارثن محمد شريف کوسو چيو آهي ته منهنجي گهر جا 9 ڀاتي ريڙهي هلائيندڙ شمشاد جاگيراڻي جي چوڻ تي منهنجي سالي جو رشتو ڪرڻ لاءِ مجيب، فهيم، غزالا، امبرين، ثانيه، سائره، يوسف ۽ ڪونج کي ٽيڪسي ڪرائي ڪرمپور اياز جتوئي وارن وٽ موڪليو جن ٽيڪسي جو ڪرايو ادا ڪري اسان جي ڪٽنب کي گهر وٺي ويا ۽ نياڻي جي تصوير موڪلڻ جو چيو جيڪا موڪلڻ بعد اچانڪ سمورن گهرڀاتين سان رابطو ڪٽجي ويو ۽ فون ڪال ذريعي سندن اغوا جي تصديق ڪئي، جنهن بعد سکر جي نئين پنڊ ٿاڻي تي اعجاز سيال طرفان گهر ڀاتين جي اغوا جو اطلاع ڏنو، هن ٻڌايو ته ان حوالي سان ايس ايس پي سکر امجد شيخ سان ملاقات ڪئي جنهن هر ممڪن ڪوشش ڪري مغوين جي بازيابي جي خاطري ڪرائي آهي ۽ سکر پوليس رشتي لاءِ موڪليندڙ ريڙهي واري شمشاد جاگيراڻي کي گرفتار ڪري معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته اسان جي گهرڀاتين جي اغوا واري معاملي تي گهر ۾ ڪهرام متل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.