ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪورنگي جي علائقي بلال چورنگي پيٽرول پمپ ويجهو ڦر مزاحمت دوران پيءُ مارجي ويو ۽ سندس پٽ زخمي، فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڦورو به زخمي ٿي پيو. ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته 50 ورهين جو عبدالمالڪ قتل ٿي ويو آهي ۽ سندس پٽ ڪاشف زخمي ٿي پيو. پوليس جو چوڻ آهي ته موٽرسائيڪل تي سوار ٽن ڦورن ڪارخاني جي دروازي آڏو پيءُ ۽ پٽ کي ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي. مزاحمت ڪرڻ تي ڦورو فرار ٿي ويا. گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ امتياز احمد طور ٿي آهي، جنهن جو ڪرمنل رڪارڊ پوليس هٿ ڪري ورتو آهي. جوابدارن خلاف غير قانوني هٿيار ۽ ڦر جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف پوليس موجب ڦر مزاحمت ۽ فائرنگ دوران اتي موجود ماڻهن رقم تان هٿ صاف ڪندا رهيا، 3 لک رپيا برآمد ڪري ورتا آهن.