اسلام آباد(م ڊ) ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ چوري جي مزاحمت کانپوءِ موجود شهرين جي بي حسي تي مڪلي اسڪالر قبله ايازچيو ته هي سڀ ڪجهه ماديت پسندي جي ڪري ٿي رهيو آهي، سوشل ميڊيا جي ڪري انساني همدردي جو جذبو ختم ٿي ويو آهي. قبله اياز چيو ته اسان جي معاشري ۾ منبر ۽ محراب جي ڪردار تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، اسان کي پنهنجي تقريرن ۾ سماج سڌارڪ کي فروغ ڏيڻو پوندو. اڄڪلهه هر ماڻهو امير ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، سوشل ميڊيا جي ڪري نوجوانن ۾ شفقت گهٽجي وئي آهي. ٻئي طرف سماجي اڳواڻ فرزانه باري چيو ته اهو هڪ افسوسناڪ عمل آهي جيڪو عوام ۾ راتو رات نه اُڀريو پر ان جو سبب تعليم ۽ تربيت جي کوٽ، معاشري مان غربت ۾ اضافو ۽ برداشت جو خاتمو آهي. هن چيو ته اسان جي سماج ۾ ويڳاڻپ جو احساس پيدا ٿي ويو آهي، اسان هڪ بيمار سماج جو حصو بڻجي ويا آهيون، جنهن ڪري اسان ايترو ته تشدد ڏٺو آهي جو اسان سڀني مان شفقت جو عنصر ختم ٿي رهيو آهي.