اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شهيد ذولفقار علي ڀٽو يونيورسٽي کي ايم ڊي ڪيٽ جا نتيجا جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، جسٽس ارباب محمد طاهر 3 صفحن تي ٻڌل لکت وارو حڪم جاري ڪيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم موجب يونيورسٽي کي ايندڙ حڪمن تائين ٽيسٽ جا نتيجا جاري نه ڪرڻ گهرجن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ صحت واري وزارت ۽ ٻين ڌرين کي 26 سيپٽمبر لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. حڪم نامي موجب ايڊيشنل اٽارني جنرل يونيورسٽي کي اسٽي آرڊر بابت فوري آگاهه ڪري.واضح رهي ته ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ خلاف 6 شاگردن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي. شاگردن جو چوڻ آهي ته ٽيسٽ ۾ 200 ايم سي ڪيوز مان 26کان 27 سوال سليبس کان ٻاهر هئا.