اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، فوجي آفيسرن جي ميڊيا بيانن بابت پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) جي هدايتن خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ سوال ڪيو ويو آهي ته آءِ ايس پي آر جي قانوني حيثيت ڇا آهي؟ ۽ ان ڳالهه جو ڪيئن حق مليو ته پاڪستان ۾ دفاعي تجزئي نگار ڪير ٿي سگهي ٿو؟ اها اڳڀرائي ڪالهه اڱاري تي ان وقت سامهون آئي جڏهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پيمرا جي هدايتن خلاف درخواست تي حڪم جاري ڪيو، پيمرا جي انهن هدايتن ۾ رٽائرڊ فوجي آفيسرن کي لازمي قرار ڏنو ويو هو ته هو ٽيليويزن تي پيش ٿيڻ کان اڳ انٽر سروسز پبلڪ رليشنز کان اجازت وٺن، جنهن کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو هو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته ٻڌڻي دوران اسسٽنٽ اٽارني جنرل عديل اختر راجا بچاءَ واري وزارت ۽ آءِ ايس پي آر جي جمع ڪرايل جواب تي ڀروسو ڪيو، حڪم ۾ چيو ويو ته جڏهن پڇيو ويو ته آءِ ايس پي آر جي قانوني حيثيت ڇا آهي ۽ آءِ ايس پي آر کي اهو طئي ڪرڻ جو خاص حق ڪيئن مليو ته پاڪستان ۾ دفاعي تجزيه نگار ڪير ٿي سگهي ٿو، جنهن جي جواب ۾ اسسٽنٽ اٽارني جنرل عدالت جي مدد لاءِ وڌيڪ وقت گهريو.عدالتي حڪم ۾ وڌيڪ چيو ويو ته پيمرا جي وڪيل کان ڪيترائي سوال پڇيا ويا ته ڪيئن براڊڪاسٽرز جي اڳڀرائي جو تعلق قومي خودمختياري يا سيڪيورٽي سان آهي، اٿارٽي تقرير تي پابندي ڪيئن لڳائي سگهي ٿي ۽ هدايتون جاري ڪرڻ جي ضرورت ڇو محسوس ڪئي وئي ۽ ڇا ان مقصد لاءِ فوج يا آءِ ايس پي آر جي ڪنهن ذريعي کان ڪا درخواست ملي آهي؟ جسٽس بابر ستار حڪم ڏنو ته پيمرا کي اصل نوٽينگ فائل عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، جنهن جي بنياد تي ڪالعدم نوٽيفڪيشن تي تي ڪارروائي ۽ سفارش ڪئي وئي ته پيمرا کي نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ ۾ عدالت جي مدد ڪرڻ جي ضرورت ڇو محسوس ڪئي وئي؟ عدالت پڇاڻو ڪيو ته پيمرا ڪنهن جي سفارش تي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ۽ پيمرا کي ٽي وي چينلز جي مواد کي ريگيولر ڪرڻ جو ڪهڙو اختيار آهي؟ پيمرا جي وڪيل انهن سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ مهلت گهري، جنهن بعد ڪيس جي ٻڌڻي 20 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي.