توھان ڪو به فيصلو دل جي مرضيءَ سان ڪندا آھيو يا دماغ جي؟

تحرير: ثاقب ابڙو

منھنجِي اباڻِي ڀونءِ ، نوحَ جي نگريِ ، سنڌ جو علمي ادبي ۽ ثقافتي مرڪز ، ھالا نوان ۾، قبلا مخدوم محمد زمان طالب المولي جي سموري حياتي ۽ انھن کانپوءِ ڏاڏا سائين مخدوم امين فھيم جي زندگيءَ جو ڳچ حصو پڻ، ھالا پنھنجي ادبي سرگرمين بشمول ڪُل سنڌ مشاعرن جي ڪري ڏيھان ڏيھه مشھور رھيو آھي. افسوس جو اھي ساروڻيون، ڪيترن ئي اڻٽر سببن جي ڪري، ٻه ڏھاڪا کن بس ھڪ حسين ماضيءَ جو قصو بڻجي رھجي ويون. پر شڪر ! صد شڪر ! وري ڪجهه گذريل سال ٻن کان، مخدوم جميل الزمان صديقي و قريشي جي سرپرستيءَ ۾ بزمِ طالب المولي ، ھالا پراڻا جي باشعور عوام جي سِول سوسائٽي سنڌ ۽ ڪجهه ٻين عملي ادبي تنظيمن پاران ٿيندڙ گڏجاڻين جي ڪري ھالا جي سونھاري تاريخي روايتن کي ٻيھر جيئندان ملي رھيو آھي. منھنجو محتاط اندازو آھي ته اڏيري لال ٽيشن کانسواءِ اڄڪلهه سنڌي مشاعري ۾ پُرجوش شرڪت ڪٿي به ناھي رھي. پر پوءِ به ٻوسٽ جو ماحول ضرور ڪجهه حد تائين ختم ٿيندي محسوس ٿي رھيو آھي.

ماضيءَ جو حوالو ڏينديَ ، مونکي ياد آھي ته مخدوم امين فھيم جي صدارت ھيٺ (شايد سال 2006 ) جو عيد طرحي مشاعرو، سائين ناز لطيفي جي پڌر ڀٽ شاھ ۾ رٿيو ويو. ھن طرحي مشاعري جي ڪمپيئر طور منھنجي سئوٽ سھيل ابڙو (جيڪو ھالا جي مشاعرن جي ڪاميابيءَ جي ضمانت بڻجي چڪو ھو) جي ھمٿائڻ تي مون به ھن طرحي مشاعري ۾ مون پڻ پنھنجي طبع آزمائي پيش ڪئي. عرض ڪيم؛

زندگيءَ جا فيصلا ، ڪرڻا اٿئون ،

پوءِ دليئون يا بي دِلا، ڪرڻا اٿئون.

اھا ته ٿي شاعريءَ جي ڳالهھ پر حقيقت اھا آھي ته آئون اڪثر ان ٻڏتر ۾ رھندو آھيان ته زندگيءَ ۾ ڪو به فيصلو دل جي چوڻ تي وٺجي يا دماغ جي چوڻ تي؟ توھان پنھنجي زندگيءَ جا فيصلا ڪنھن جي چوڻ تي ڪندا آھيو؟ دل جي يا دماغ جي؟ يا ٻنھي جي رضامندي ھجڻ لازمي سمجھندا آھيو؟ منھجو خيال آھي اھي ٽي ممڪنه جواب ئي ٿي سگھن ٿا. يا چوٿون جواب اھو ممڪن آھي ته ”بس مڙئي فيصلو ٿيو وٺڻو سو جيڪو ٿيو سو ٿيو“. ھڪڙو منٽ ! توھان وٽ ان سوال جو جواب مٿين چئن ممڪنه جوابن مان ڪجهه به ھجي پر ايتري پڪ اٿم ته توھان خوشقسمت ماڻھو آھيو. اھو آخر ڇو؟ ان جو جواب ٿورو اڳتي ھلي عرض ڪندس.

اصل ۾ فيصلا سازي جو مرحلو ھر فرد جي زندگيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هي اهو لمحو هوندو آھي جتي اسانجي مستقبل جو دارومدار هوندو آهي. هر هڪ فيصلو، چاهي اهو ننڍو هجي يا وڏو، اسانجي زندگيءَ جي رخ کي طئي ڪري ٿو. ڏاهن جو چوڻ آهي ته "زندگي انهن فيصلن جو نچور آهي جيڪي اسين وقت بوقت ڪندا آهيون.” اڄ جي دنيا ۾، جتي مقابلا ۽ موقعا گڏ هلن ٿا، اتي بروقت فيصلو ڪرڻ ئي اسانجي ڪاميابيءَ جو پهريون قدم آهي. فيصلو ڪرڻ صرف هڪ عمل ناهي؛ اها هڪ اهڙي صلاحيت آهي جنهن جي ذريعي انسان پنهنجي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ بهترين رستا چونڊي ٿو. ڪامياب ماڻهو هميشه پنهنجن فيصلن ۾ غور ۽ فڪر ڪندا آهن ۽ غلطين مان سکندا آهن. فيصلو ڪرڻ لاءِ  درست سمجهه ۽ وسيع علم جي ضرورت آهي. جنھن کي ٻين لفظن ۾ مشاھدو، مطالعو ۽ تجربو به چئي سگھجي ٿو. جلدبازي يا دٻاءُ هيٺ ڪيل فيصلا گهڻو ڪري نقصانڪار ثابت ٿيندا آهن. درست فيصلو ان وقت ئي ڪري سگھبو جڏھن امڪاني نتيجن بابت ڄاڻ ھوندي. جڏهن ڪو اھم ترين فيصلو ڪرڻو پوي ته مشورا وٺڻ، ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ غور فڪر ڪرڻ کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. فيصلو ڪرڻ ۾ ڪامياب تڏھن ئي ٿي سگهجي ٿو جڏھن پهريون قدم کڻجي ۽ اھو پھريون قدم آھي ته اسان غلطين کان نه ڊڄون. بلڪه  انهن مان سکجي. هر غلط فيصلو هڪ نئون سبق آهي. ۽ ضروري آھي ته انسان ان کي ٻيهر نه ورجائي. ڪنهن به فيصلي سازي جي عمل ۾ اعتماد هجڻ ضروري آهي. جيڪڏهن ڪو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته پوءِ ان تي ثابت قدم رھجي. ڪنهن به شڪ يا ڊپ کي ذهن ۾ نه رکجي، ڇو ته شڪ فيصلن کي ڪمزور ڪري ڇڏيندو آهي. ھاڻي سوال اھو به اھم آھي ته ذهن سان فيصلو ڪندڙن ۽ دل سان فيصلو ڪندڙن مان ڪير وڌيڪ ڪامياب آهي؟ منھنجو خيال آھي ته فيصلو ڪرڻ هڪ فن آهي، ۽ هر ماڻهو ان کي پنهنجي مخصوص انداز ۾ ادا ڪري ٿو. ڪجهه ماڻهو عقل ۽ منطق جي بنياد تي فيصلو ڪن ٿا، جڏهن ته ٻيا ماڻهو پنهنجي دل، جذبن ۽ احساسن کي ٻڌڻ پسند ڪن ٿا. اسانجي روزمره جي زندگيءَ ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ماڻهو ٻن قسمن جا هوندا آهن: ھڪڙا اھي جيڪي هر فيصلي ۾ منطق ۽ حقيقتن تي ڌيان ڏيندا آهن. هو ڪنهن به صورتحال جو تجزيو ڪري، سڀني پاسن کي سمجهي، پوءِ نتيجو ڪڍندا آهن. هنن لاءِ جذبات کان وڌيڪ حقيقتون اهم هونديون آهن. ۽ ٻيا اھي جيڪي دل سان فيصلو ڪندا آهن، انھن لاءِ انسانيت جو احساس سڀ کان اهم هوندو آهي. اهڙا ماڻهو ٻين جو فڪر ڪن ٿا، کين به اهميت ڏيندا آهن ۽ انهن جي فيصلن ۾ هڪ خاص جذباتي پهلو پڻ نظر ايندو آهي.

اھو پڻ تحقيقي طور ثابت  ٿيو آھي ته دل سان فيصلو ڪندڙ ماڻهو فن، ميوزڪ ۽ تخليقي ميدان ۾ ڪامياب ٿي سگهن ٿا. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هڪ تحقيق مطابق، تقريباً 65 سيڪڙو آرٽسٽن ۽ موسيقارن جا اهم فيصلا جذباتي بنيادن تي ٿين ٿا، جنهن سان انهن کي نون خيالن ۽ تخليقي ڪمن ۾ مدد ملي ٿي. اها به ڳالهه سمجهڻ ضروري آهي ته هر صورتحال جي لحاظ سان دل يا دماغ سان فيصلو ڪرڻ مناسب ٿي سگهي ٿو. جڏهن ڳالهه لاڳاپن، انساني رابطن ۽ جذبات جي هجي، دل سان ڪيل فيصلا بهتر ثابت ٿي سگهن ٿا. دل سان فيصلو ڪرڻ گهڻو ڪري ماڻهن ۾ انسانيت لاءِ درد ۽ احساس پيدا ڪري ٿو. حقيقت ۾، ٻنهي اندازن جو هڪ ميلاپ هجڻ ضروري آهي. مڪمل طور تي دل يا دماغ تي ڀاڙڻ بجاءِ، سمجهُو ماڻهو اڪثر ٻنهي کي گڏ وٺي هلندا آهن. ڪاميابي ان ڳالهه ۾ آهي ته  فيصلي جي نوعيت مطابق ڪڏهن دماغ جي ڳالهه ٻڌجيَ ۽ ڪڏهن دل جي. جيڪڏهن ماڻهو ٻنهي ڳالهين ۾ توازن رکندا ته نه صرف فيصلن ۾ اعتبار ۽ يقين پيدا ٿيندو، پر زندگيءَ ۾ مطمئن ۽ خوشحال به رهندا.

ھاڻي اچئون آخري ڳالھه تي ته توھان دل سان فيصلو وٺو يا دماغ سان ، آخر خوشقسمت ڇو آھيو!؟ انڪري ئي ته خوشقسمت آھيو جو توھان دل يا دماغ سان فيصلو ڪريو پيا يعني توھان دل يا دماغ سان سوچي، سمجھي پوءِ ان جي چوڻ تي عمل پيا ڪريو. بدقسمت انسان اھو آھي جيڪو انسانيت جي دائري مان ٻاھر نڪري وڃي. ماڻھپي جو حدون اورانگھي وڃي ۽ اھو ان وقت ٿيندو آھي جڏھن ھو دل ۽ دماغ بدران پيٽ سان سوچيندو آھي.پيٽ جي چوڻ تي فيصلا ڪندو آھي. اھو پيٽ سان سوچڻ ۽ پيٽ سان فيصلا ڪرڻ، پيٽ سان ڏسڻ، پيٽ سان ٻڌڻ، پيٽ سان ھلڻ يعني ماڻھو پيٽ خاطر ماني ڳڀي خاطر درست ۽ غلط جي تفريق وساري ويھي ٿو. حلال ۽ حرام ۾ تميز ڪرڻ ڇڏي ڏي. خدا ڪڏھن سوچ سمجھه ۽ فيصلي سازي ۾ ان مقام تي نه پھچائي جو دل دماغ بدران پيٽ سان سوچڻو پوي ۽ پيٽ سان فيصلا ڪرڻا پون. جن سان دنيا ۾ به بڇڙائي پلئه  پوي ۽ آخرت به خراب ٿئي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.