موجوده وقت ۾ ملڪ گهڻ رخي ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪو آهي، جتي مسئلا ته اڻ ڳڻيا آهن پر انهن جو حل ڪنهن وٽ به ناهي. ملڪي معيشت سڌارڻ لاءِ اهي معاشي ماهر به ناڪام ٿيندي نظر اچي رهيا آهن، جن ملڪ جي تباهه ٿيل معيشت کي سڌارڻ جون دعوائون ڪيون. تجربيڪار سياسي اڳواڻن جا به مٿي تي هٿ اچي ويا آهن ته ملڪ کي ڪهڙي ريت مسئلن کان مڪمل طور تي آجو ڪري بهتري ڏانهن ڪيئن وٺي وڃجي ۽ انهن مسئلن جو معقول حل ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو. ملڪي معيشت جي تباهي بابت حڪمرانن جي بيوسي ڏسي اهو سمجهي سگهجي ٿو ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري چڪو آهي، جنهن جو اعلان يا اعتراف حڪومتي سطح تي ڪرڻ لاءِ ڪير به تيار ناهي ڇاڪاڻ ته ايئن ڪرڻ سان کين سياسي نقصان جو انديشو آهي.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ملڪ ۾ موجوده مسئلن جو سياسي حل ممڪن آهي، پر بدقسمتي اها آهي جو هتان جي سياستدان تي به غير سياسي ڌريون قابض آهن، جيڪي سياستدانن کي ڪنهن به مسئلي تي ويچارڻ ۽ ان کي حل ڪرڻ لاءِ آزاد نٿيون ڇڏين. اهي غير جمهوري قوتون ۽ غير سياسي ماڻهو سياسي معاملن کي طاقت جي ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن جڏهن ته اهي معاملا جيڪي طاقت جي ذريعي اڪلائڻ جي ضرورت هوندي آهي، اتي وري ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن ۽ جتي حقيقي طور تي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن اتي طاقت جو بي رحماڻو استعمال ڪندي ڏٺيون ويون. جنهن جي نتيجي ۾ مسئلا نبرڻ ۽ ختم ٿيڻ جي بدران ويتر ڌي رهيا آهن جنهن سبب ڏينهون ڏينهن ملڪ جي سلامتي خطري ۾ پئجي رهي آهي.
دنيا ۾ شاهد ئي ڪو اهڙو مسئلو هجي جنهن جو ڪو حل ممڪن نه هجي. سڌريل قومون نه رڳو مسئلي جو حل ڳولينديون آهن پر مستقبل ۾ انهن مسئلن جي ورجاءُ کان بچڻ لاءِ پڻ رٿابندي ڪندي ڪيئي مصيبتن کان خود کي محفوظ بڻائي وٺنديون آهن. چوڻ جو مطلب اهو آهي ته اهي پنهنجي غلطين ۽ ڪوتاهين کان سبق حاصل ڪري ان جي روشنيءَ ۾ اڳتي وڌڻ شروع ڪنديون آهن، جيڪي قومون پنهنجي تاريخ جي تجربي مان سکڻ جي بدران انهن جو بار بار ورجاءَ ڪرڻ ۽ ان اميد سان ناڪام تجربن کي ٻيهر آزمائڻ جو جيڪو ڀيانڪ نتيجو نڪرندو آهي. اهو ڪنهن به قوم کي قوم ۽ ملڪي معيشت کي تباهه ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندو آهي.
عوامي نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر ايمل ولي خان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ کي جناح، باچا خان، جي ايم سيد، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بلوچن کان پنهنجي غلطين تي معافي وٺڻ گهرجي. اسين ايمل ولي خان جي موقف سان سهمت آهيون. ڇاڪاڻ ملڪ نازڪ موڙ به اڪري اچي جنهن موڙ تي بيٺو آهي ان کان اڳتي گهرو ويڙهه تباهي ۽ ڀڃ ڊاهه کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نٿو اچي. ملڪي تاريخ کان طاقتور ڌريون جيڪي دانسته طور تي غلطيون ڪنديون رهيون آهن، انهن جو سواءِ معافي ۽ پنهنجن غلطين جو اعتراف ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به پائيدار حل ناهي.
جيڪڏهن اسين ملڪ جي سياسي صورتحال ڏانهن ڏسون ٿا ته ملڪ جا تجربيڪار، خير خواهه ۽ سنجيده سياستدانن لاءِ سياسي ميدان رهڻ جوڳو ڇڏيو ئي ناهي.سياسي دنيا به بازاري دنيا بڻجي وئي آهي، جتي گارگند، ڄنڊا پٽ ۽ هڪٻئي کي ذاتي حملا ٿيندي نظر اچي رهيا آهن. سياست جنهن سان ملڪ کي مسئلن جي مصيبت سان ڪڍي سگهجي ٿو، اها خود هڪ مسئلو بڻجي چڪي آهي. اهو نه رڳو هن ملڪ جو سڀ کان وڏو ۽ بدترين الميو آهي پر تمام مسئلن جو پاڙ به آهي.
سياست کي هاءِ جيڪ ڪرڻ جو مقصد ملڪ کي هاءِ جيڪ ڪرڻ آهي. جنهن جون ذميدار غير سياسي قوتون ته آهن ئي پر ان عمل جي سڀ کان وڌيڪ ذميواري سياسي جماعتن تي عائد ٿئي ٿي جيڪي سياست کي غير سياسي ماڻهن جي ڪنٽرول مان آجو ڪرائڻ جي بدران انهن جي ها ۾ ها ملائي کانئن اقتدار جي خيرات طلب ڪنديون رهن ٿيون. جنهن جو نتيجو معيشت جي تباهي، بک بدحالي، بدامني ۽ گهرو ويڙهه جي صورت ۾ اسان جي آڏو آهي.
ملڪي مفادن ۽ سلامتي لاءِ اهو ضروري آهي ته پنهنجي ڪوتاهين ۽ غلطين جو اعتراف ڪندي معافي وٺڻ سان گڏوگڏ ان ڳالهه جو به پڪو پهه ڪريون ته هر مسئلي جو حل طاقت کي سمجهڻ بدران پنهنجي حد جو تعين ڪري ملڪي آئين ۽ قانون مطابق ڪم ڪنداسين. تڏهن ئي ملڪ ۾ ڀڙڪيل نفرت جي باهه تي ڪي ڇنڊا پئجي سگهن ٿا، جنهن باهه ۾ اسان جو اتحاد، امن ۽ وقار سميت گهڻو ڪجهه سڙي خاڪ ٿي چڪو آهي، ۽ اسان وٽ باقي جيڪو ڪجهه بچيو آهي جيڪڏهن پنهنجي انا ۽ هٺ ڌرمي خاطر اهو به بچائي نه سگهيا ته پوءِ اسان وٽ ڪجهه به نه بچندو. ان لاءِ ملڪي تاريخ جي تلخ تجربن مان سکڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي. موجوده صورتحال ۾ جيڪڏهن اڃان به هوش مان ڪم نه ورتو ته اهو عمل تجربي خاطر زهر پيئڻ جي مترادف هوندو ۽ تجربي خاطر زهر پيئڻ وارن جو موت يقيني بڻجي ويندو آهي. هاڻ اسان لاءِ ٻئه راهون کليل آهن. ڪنهن جي چونڊ ڪريون ٿا اهو وقت اسان تي ڇڏيو آهي.