شهدادڪوٽ ۾ ڪارنهن تڪرار تان جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، 2 زخمي

شهدادڪوٽ (رپورٽ: ثمر ڀٽي) شھدادڪوٽ ڀرسان گرگيج ۽ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن جي پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران فائرنگ ۾ جتوئي برادري جو ھڪ ڄڻو قتل ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي  پيا آهن، هي واقعو سنجر ڀٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ فيض محمد بروهي ۾ پيش آيو آهي، جنھن ۾ ڌرين جي جهيڙي دوران فائرنگ ۾ 40 ورهين جو نوجوان منير احمد پٽ لال خان جتوئي قتل ٿي ويو آهي ۽ شربت جتوئي ۽ راجا جتوئي زخمي ٿي پيا آهن، اطلاع تي سنجر ڀٽي پوليس واقعي واري ڳوٺ پهچي مقتول نوجوان جو لاش ۽ زخمين کي تعلقه شهدادڪوٽ اسپتال کڻائي آندو جتان مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ۽ زخمين کي طبي امداد ڏياري وڌيڪ علاج لاءِ لاڙڪاڻي ڏانهن منتقل ڪيو، ٻي پاسي اهي به اطلاع ملي رهيا آهن ته واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي ۽ ڪنهن به وقت وڌيڪ رتوڇاڻ پيدا ٿي سگهي ٿي، ان ڏس ۾ علائقي جي ساڃاھه وندن ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي اپيل ڪئي آهي ته واقعي واري ڳوٺ پوليس پڪٽ قائم ڪري ڌرين کي وڌيڪ رتوڇاڻ ٿيڻ کان بچايو وڃي، ٻي پاسي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو ۽ نه وري ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.