سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ايم او ۽ ٽي او جا انٽرويو پبلڪ نه ڪرڻ تي نوٽيس جاري

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ميونسپل ۽ ٽائون آفيسرن جي انٽرويو جي ويڊيو پبلڪ نه ڪرڻ واري ڪيس ۾ شهري عامربلوچ جي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي .عدالت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ سنڌ انفارميشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪري ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو آهي .درخواستگذار جي موقف ۾ چيو ويو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب انٽرويو رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته ايس پي ايس سي ۾ ڪامياب ۽ فيل اميدوارن جي انٽرويو جي رڪارڊنگ پبلڪ ڪرڻ جي درخواست ڏني هئي.  سنڌ انفارميشن ڪميشن کي درخواست ڏني هن رد ڪري ڇڏي آهي .هن چيو ته هر شهري جو حق آهي ته هن خبر پئي ته انٽرويو اميدوارن کان ڪهڙا سوال ڪيا ويا انٽرويو جي وڊيومون کي به ڏني وڃي ۽ ويب سائيڊ تي رکي وڃي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.