لاهور ( بيورو+م ڊ ) امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان بجلي جي اگهن ۽ مهانگائي خلاف 29 سيپٽمبر تي ملڪ گير احتجاج جو اعلان ڪندي چيو آهي ته 7 آڪٽوبر کان پوءِ حق دو تحريڪ مزاحمتي تحريڪ بڻجي ويندي.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته اسان جي تحريڪ جو مقصد عوام کي رليف ڏيارڻ آهي، مطالبو آهي ته بجلي جا اگهه گهٽ ڪيا وڃن، آءِ پي پيز کي بجلي وٺڻ کانسواءِ ادائيگيون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته ملڪ ۾ بيروزگاري سبب مايوسي پکڙجي رهي آهي، اسان به ڌرڻا ڏينداسين، ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ ڌرڻا هنيا ويندا، 7 آڪٽوبر کان پوءِ حق دو تحريڪ مزاحمتي تحريڪ بڻجي ويندي.هن چيو ته جماعت اسلامي 45 ڏينهن پورا ٿيڻ کانپوءِ نئين تحريڪ شروع ڪري رهي آهي، 29 سيپٽمبر تي مختلف شهرن ۾ وڏا مظاهرا ڪيا ويندا. هن چيو ته جماعت اسلامي پهرين آڪٽوبر کان 7 آڪٽوبر تائين غزه ۽ لبنان جي عوام جي نالي ڪندي، 7 آڪٽوبر کان پوءِ نئين مزاحمتي تحريڪ شروع ڪئي ويندي ، جنهن ۾ احتجاجي ڌرڻا ۽ ريليون ڪڍيون وينديون.
 
			