اميد آهي ته آءِ ايم ايف نئين پروگرام جي منظوري ڏيندو: محمد اورنگزيب

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) ناڻي واري وزير چيو ته سي پيڪ فيز 2 پڻ شروع ڪيو پيو وڃي، جنهن سان ملڪ ۾ معاشي سرگرمين کي  وڌيڪ هٿي ملندي.ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) 7 ارب ڊالرن جي نئين پروگرام جي منظوري ڏيندو، ڪومت جي ڪوششن سان پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي ۽ سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ مهانگائي گهٽجي وئي آهي.گذريل ڏينهن وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب وڊيو لنڪ ذريعي سي پيڪ سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت معاشي استحڪام لاءِ شاندار قدم کڻي رهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پاليسي ريٽ ۽ مهانگائي جي شرح ۾ مسلسل گهٽتائي اچي رهي آهي، پرڏيهي سيڙپڪاري وڌي رهي آهي. رستا به کوليا ويا آهن ۽ سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي. هن چيو ته اميد آهي ته عالمي مالياتي فنڊ نئين پروگرام جي منظوري ڏيندو، حڪومت جي معاشي قدمن جا هاڪاري نتيجا سامهون اچي رهيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ وياج جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته چين جي تعاون سان سي پيڪ جي ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم جاري آهي ۽ سي پيڪ فيز 2 تي به ڪم شروع ڪيو پيو وڃي .

جنهن سان ملڪ ۾ معاشي سرگرميون وڌيڪ تيز ٿينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.