جوهي جي قديمي مندر تان قبضو ختم ڪرائي هندو پنچائت حوالي ڪرڻ جو فيصلو

جوهي ( ن ع آ )  جوهي شهر ۾ قائم اوائلي مندر جي سارسنڀال نه ٿيڻ ۽ قبضا مافيا جي ور چڙهڻ بعد هندو ڪميونٽي سان تعلق رکندڙ هڪ شخص دليپ ڪمار پاران ڏنل درخواست بعد اسسٽنٽ ڪمشمنر جوهي سميع الله، وڳڻ مندر جو وزٽ ڪيو ،  ان موقعي تي درخواستگذار به ساڻس گڏ هيو، اسسٽنٽ ڪمشنر موجب هي  اوائلي شيو مندر 2021 ۾ هندو پنچائت حوالي ڪيو ويو هو،  جنهن تي مهينو اڳ هڪ شخص قبضو ڪيو هو جيڪو ختم ڪرائي مندر جي صفائي ۽ رنگ روغن ڪرائي هڪ ڀيرو ٻيهر هندو پنچائت حوالي ڪيو ويندو،  هن چيو ته هي مندر تاريخي ورثو آهي جيڪو لڳ ڀڳ 300 سال پراڻو شيو مندر آهي،  ان موقعي تي دليپ ڪمار ٻُڌايو ته هي شو مندر اسانجي حوالي هو اسان هن کي تالو به هنيو هيو جيڪو ٽوڙي قبضو ڪيو ويو هيو،  هاڻي هتي هندو فيملي مستقل رهائش اختيار ڪندي جيئن هي،  تاريخي ورثو محفوظ رهي سگهي ھوڏانهن اي سي جوهي سان گڏ ميونسپل ڪاميٽي جوهي جو چيف ميونسپل آفيسر زوهيب سولنگي ,نثار احمد جيسر , شمس الدين پنهور ,اعظم کوسو , روينيو ۽ ٻيو ميونسپل ڪاميٽي جوهي جو عملو پڻ گڏ ھو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.