ميرپورخاص(بيورورپورٽ) عمرڪوٽ واقعي خلاف ميرپورخاص جي مذهبي ۽ ڪاروباري ماڻهن پاران اعلانيل شٽربند هڙتال تي پورو شهر مڪمل طور بند رهيو، ميرپورخاص شهر جي مُک ڪاروباري علائقا، شاپنگ سينٽرن سميت شهر جا ننڍا وڏا علائقا پڻ مڪمل طور بند رهيا، شهر جي 99 سيڪڙو پيٽرول پمپ پڻ بند رهيا ۽ شهر ۾ ٽريفڪ رستن تان غائب رهي، جڏهن ته مسافر گاڏيون پڻ بند رهيون جنهن ڪري مختلف شهرن ڏانهن ويندڙ مسافرن کي پريشاني جو منهن ڏيڻو پيو، ٻي طرف ميرپورخاص مان خريداري لاءِ ضلع جي مختلف علائقن کان آيل دڪاندارن واپارين ۽ رهواسين هڙتال سبب خريداري لاءِ شهر جو رخ نه ڪيو جنهن ڪري پورو شهر ويراني جو ڏيک ڏيندو رهيو.