بيروت (م ڊ) اسرائيل هڪ هفتي ۾ پيجر ۽ واڪي ٽاڪي ڌماڪن کانپوءِ حملن جي شدت وڌائي ڇڏي ۽ لبنان جي ڏکڻ واري علائقي ۾ اڌ ڪلاڪ ۾ 300 کان وڌيڪ هدفن کي نشانو بڻايو. اسرائيلي فضائي حملن ۾ 300 ڄڻن جي شهيد ٿيڻ ۽ 1235 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي. لبنان جي صحت واري وزارت موجب حملن ۾ شهيد ٿيلن ۾ 21 ٻار، 39 عورتون شامل آهن، زخمين ۾ ٻارن، عورتن ۽ طبي عملي جو وڏو انگ شامل آهي. اسپتالن ۾ غير ضروري آپريشن روڪيا ويا. بيروت جي ڏاکڻن علائقن ۾ اسڪول 2 ڏينهن بند رهندا. اسرائيل گهڻو ڪري فضائي حملا ڏکڻ لبنان تي ڪيا. لبنان جي وزيراعظم نجيب ميقاتي ڪابينا اجلاس ۾ ڳالهائيندي اسرائيل جي حملن کي تباهه ڪندڙ منصوبو قرار ڏيندي چيو ته ان جو مقصد لبناني علائقن کي تباهه ڪرڻ آهي. حزب الله موجب لبنان تي اسرائيلي فضائي حملن کانپوءِ اتر اسرائيل تي ڪيترائي راڪيٽ ڪيرايا ويا، اسرائيلي حملن جي جواب ۾ فوجي اڏن ۽ گودامن کي ميزائلن سان نشانو بڻايو ويو. اسرائيلي فوج ۽ اسرائيلي بچاءَ واري وزير موجب لبنان تي سندن فوج جا حملا تيز ۽ شديد ٿي ويا آهن.