جنونيت جي تلوار سنڌ مٿان لٽڪي پئي،سيڪيولر پارٽي تماشو ڏسندي رهي:انساني حقن جا اڳواڻ

حيدرآباد(رپورٽر) انساني حقن جي اڳواڻن، گُهر ڪئي آهي ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي دردناڪ قتل ۽ سندس لاش جي تذليل ڪرڻ واري واقعي جي هاءِ ڪورٽ جي حاضر سروس ججن تي مشتمل عدالتي جاچ ڪرائي بنا دير ڊاڪٽر شاهنواز جي خاندان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، واقعي ۾ ملوث پوليس آفيسرن، اهلڪارن، انتشار پکيڙي خوف ۽ حراس پيدا ڪندڙن سميت انهن سمورن شرپسند جوابدارن جي نشاندهي ڪري سندن مٿان قتل ۽ دهشتگردي جي ايف آءِ آر داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي، سنڌ حڪومت پنهنجي ذميواريون نڀائيندي مستقبل ۾ هن قسم جي واقعن کي روڪرائڻ لاءِ جامع رٿابندي ڪري انساني جانين جي تحفظ کي يقيني بڻائي. اهڙو اظهار هنن ڪالهه انساني حقن جي تنظيم ايڇ آر سي پي جي آفيس ۾ سول سوسائٽي جي تنظيمن تي مشتمل جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي حيدرآباد جي توهين مذهب جي آڙ ۾ تشدد جي وڌندڙ رجحانن واري معاملي  تي ڪوٺايل گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي ايڇ آر سي پي جي اڳواڻ پروفيسر امداد چانڊيو چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل وارو واقعو انتهائي ڏکوئيندڙ هجڻ سان سماج اندر وڌندڙ عدم برداشت واري عنصر جو چٽو ثبوت آهي. ان ڪري سنڌ جي ساڃاهه وند ڌرين کي ان واقعي کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال جو نه صرف جائزو وٺڻ گهرجي پر ملوث شرپسندن، پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف ڪارروائي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته جيئن مستقبل ۾ اهڙا واقعا نه ٿين، سنڌ جي سهپ، رواداري ۽ برداشت وارين روايتن مٿان هي هڪ وڏو حملو آهي. نامياري دانشور پروفيسر مشتاق ميراڻي چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل واري واقعي کان اڳ ۽ ان کانپوءِ پيدا ٿيل  سڄي صورتحال جي ذميوار سنڌ حڪومت ۽ پوليس آهي، سنڌ حڪومت پنهنجون ذميواريون نه نڀايون، سنڌ ۾ 2008ع کان وٺي امن امان جي صورتحال خراب آهي. هن چيو ته پنجاب ۾ جنوني ۽ انتهاپسند وڏي پئماني ۾ پنهنجي وحشيت قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا آهن هاڻ سنڌ ۾ اها صورتحال پيدا ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته ڪراچي مان سادا ڪپڙا پهريل پوليس اهلڪارن ڊاڪٽر شاهنواز گرفتار ڪيو ۽ انهن سمجهيو پئي ته هاڻ ڊاڪٽر شاهنواز محفوظ هوندو، پر ٿيو ان جي ابتڙ. ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل واري واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي، نامياري ليکڪه امر سنڌو چيو ته اسان پنهنجو لبرل اسپيس وڃائي رهيا آهيون، اسان لبرل پاڻ ۾ ئي ورهايل آهيون. هڪ دفعو به سنڌ جيڪڏهن جنونين ۽ انتهاپسندن حوالي ٿي وئي ته وري اها سنڌ موٽائي نه سگهنداسين. سنڌ ۾ ڪجهه ڌريون هٿ وٺي انتهاپسندي ۽ تشدد وارو رجحان پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون رهيون آهن، اسان قانون کان مٿانهين هر قتل جي مخالفت ڪئي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته هو پنهنجي آءِ جي کان پڇا ڪري ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل وارو واقعو ڪيئن ۽ ڇو ٿيو. ان سان گڏ صحت کاتي جي صوبائي وزير عذرا پيچوهو کي اهو نوٽيس وٺڻ گهرجي ته ميرپورخاص اسپتال مان ڊاڪٽر شاهنواز جو لاش بنا پوسٽ مارٽم جي وارثن جي مرضي بنا ڇو  روانو ڪيو ويو. عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص پوليس جا سمورا اهي اهلڪار پنهنجي ڊيوٽي تي نه هجڻ گهرجن جيڪي هن واقعي ۾ ملوث آهن. ايف آءِ آر ۾ پوليس اهلڪارن، آفيسرن، بڇ ڪندڙ ۽ ساٿاري وارو ڪردار ادا ڪندڙ سمورن جوابدارن کي شامل ڪيو وڃي. روشن خيال فورم جي اڳواڻ ڊاڪٽر حميد سومرو چيو ته ان غلط فهمي ۾ نه رهڻ گهرجي ته اسان ڪمزور آهيون ، مجموعي طور تي سڄي سنڌ جي راءِ اها ئي آهي ته ڊاڪٽر شاهنواز جو قتل انتهائي ڏکوئيندڙ واقعو ۽ وڏو ظلم آهي. هن چيو ته اسان کي جيڪو ڪجهه ڪرڻو آهي اهو آئين ۽ قانون جي دائري ۾ ڪنداسين. هن چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز واري واقعي ۾ حڪومت جو ڪردار  گهڻو مايوس ڪندڙ آهي، پيپلزپارٽي جيڪا پاڻ سيڪيولر جماعت سڏرائي ٿي پر ان جي حڪومت ۾ هن قسم جو واقعو ٿيو ۽ حڪومت تماشو ڏسندي رهي. نامياري صحافي اقبال ملاح چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي خاندان کي جاني ۽ مالي نقصان جو خدشو آهي، ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو خاندان خوف ۾ ورتل آهي، انهن کي تحفظ ملڻ گهرجي. هن تجويز ڏني ته هنگامي بنيادن تي حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل واري واقعي تي ڪانفرنس سڏائي وڃي، جنهن ۾ وڪيلن، صحافين، سول سوسائٽي جي نمائندن سميت سياسي ۽ قومپرست جماعتن کي سڏائي صورتحال تي ويچار ڪري گڏيل لائحه عمل جوڙڻ گهرجي. ايڇ آر سي پي حيدرآباد جي ڪوآرڊينيٽر غفرانه آرائين چيو ته ايڇ آر سي پي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪري ٿي، پوليس پنهنجي ئي پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف ڪا ساک واري جاچ نٿي ڪري سگهي. ان ڪري عدالتي جاچ ٿيڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي. پروفيسر عبدالمجيد چانڊيو چيو ته اهو سوچڻ گهرجي ته اسان جو معاشرو ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي. ڊاڪٽر شاهنواز جي قتل واري واقعي کانپوءِ صورتحال انتهائي ڏکوئيندڙ خوفناڪ ٿي وئي آهي. ايس يو پي ميرپورخاص جي اڳواڻ واجد لغاري چيو ته ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جا ماڻهو 72 ڪلاڪ خوف ۽ حراس ۾ مبتلا رهيا. ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل واري واقعي جي ذميوار ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ پوليس آهي. رحيم بخش جعفري چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز جو قتل ڇرڪائيندڙ آهي. جمهوري معاشرو انتهاپسنداڻي ماحول ۾ قائم نٿو ٿي سگهي. شدت پسند ۽ جنوني انتهاپسندن کي مضبوط بڻايو ويو آهي. سنڌ جي لاڙ واري علائقي ۾ انتهاپسندن جا اڏا ٺاهيا پيا وڃن، جنهن لاءِ وڏي سيڙپڪاري ٿي رهي آهي. پيپلزپارٽي جمهوري معاشري جي لاءِ انتهاپسند ۽ جنوني جٿن جي مقابلي ۾ سنڌ جي باشعور ماڻهن سان گڏ بيهي. ويف اڳواڻ حسين مسرت شاهه چيو ته هي ڪو پهريون واقعو ناهي، جنونيت جي تلوار اسان جي مٿان لٽڪي پئي. ڊاڪٽر شاهنواز جي خاندان کي تحفظ ڏنو وڃي. ايڇ آر سي پي ميمبر پشپا ڪماري چيو ته سنڌ جون وسنديون اجاڙڻ جي سازش ٿي آهي. ماروي اعواڻ چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي خاندان کي سهارو ڏيڻ گهرجي سليم جروار چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل واري واقعي کانپوءِ جنهن انداز سان سنڌ جي ماڻهن ردعمل ڏنو آهي اهو اتساهيندڙ آهي، پر انتهاپسند ڌريون وڏي رٿابندي سان سنڌ جي روادار معاشري کي تباهه ڪرڻ چاهين ٿيون. گڏجاڻي ۾ اهو پڻ مطالبو ڪيو ويو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر خلاف سوشل ميڊيا تي شروعاتي طور تي واويلا ڪرائيندڙ شرپسندن کان وٺي لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ وارن سمورن جوابدارن جي گرفتاري کي يقيني بڻايو وڃي، حڪومت دل جي سوراخ واري تڪليف ۾ مبتلا ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي معصوم پٽ جي علاج جي لاءِ قدم کڻي، عدالتن کان مٿانهن قتلن وارو سلسلو بند ڪري ڪوڙا پوليس مقابلا ڪرڻ بند ڪيا وڃن. بنا پوسٽ مارٽم جي لاش واپس پوليس حوالي ڪرڻ کانپوءِ هجوم حوالي ڪرڻ جي جاچ ڪري فرضن ۾ ڪوتاهيون ڪندڙ اسپتال انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.