اڄ منهنجي پهرين ”نشرياتي درسگاهه“ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي قيام کي 29 ورهه پُورا ٿي رهيا آهن. محترمه بينظير ڀٽو شهيد جڏهن ٻيون ڀيرو ملڪ جي وزيرِاعظم بڻي، ته هن پنهنجي وس آهر لاڙڪاڻي کي ”ماڊل سٽي“ بڻائڻ جي ڪوشش تحت هتي اهڙن ادارن جو پايو وجھڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪي اڳ ۾ هتي موجود نه هئا. انهن ادارن ۾ لاڙڪاڻي ۾ ريڊيو اسٽيشن جو قيام به شامل آهي. سو لاڙڪاڻي ۾ ريڊيي پاڪستان جي قيام جي منظوريءَ کانپوءِ هتي آواز جي جادو نگريءَ وَسڻ جا سانباها شروع ٿيا. ان کان اڳ لاڙڪاڻي کي ويجھي ترين ريڊيو اسٽيشن خيرپور هئي. جنهنجا پروگرام لاڙڪاڻي ۽ ان جا پسگردائيءَ واسي پڻ وڏي شوق بلڪه جنون سان ٻڌندا هئا.
لاڙڪاڻي ۾ جون جولاءِ 1995ع جي مهيني کان وڳڻ روڊ تي تعلقي ٿاڻي سامهون سرڪار پاران پلاٽ خريد ڪري ان تي وڏي چؤديواري ڪڍي، ان پلاٽ جي مس 10 سيڪڙو کن حصي تي ٽن ڪمرن جو عارضي نشرگاهه ٺاهي فقط هڪ ميگا واٽ جو ايف ايم ٽرانسميٽر هڻي ريڊيي جي نشريات کي في الفور شروع ڪرڻ جو ڪم ٿيو. بينظير صاحبه جي وفاقي ڪابينه ۾ ان وقت خالد احمد خان کرل اطلاعات ۽ نشريات جو وزير هو، جنهنجي خاص دلچسپيءَ سان ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويو ته بيبي صاحبه جلد کان جلد پنهنجي شهر ۾ ان ريڊيي اسٽيشن جو افتتاح ڪري. نامياري براڊڪاسٽر ۽ ڪيترن ئي نامور آوازن کي متعارف ڪرائيندڙ ميوزڪ پروڊيوسر خواجه امداد عليءَ کي هن نئين قائم ٿيندڙ اسٽيشن جو پهريون سربراهه (اسٽيشن ڊائريڪٽر) ڪري حيدرآباد مان موڪليو ويو. سينيئر براڊڪاسٽ انجنيئر طور محمّد اسلم شيخ کي انجنيئرنگ جو سربراهه ڪري موڪليو ويو. جنهن پنهنجي نو جوان ساٿين حبيب الله هڪڙي ۽ شاهنواز واهوچي جي ساٿ سان نه رڳو اسلام آباد مان آيل انجنيئرنگ جي ٽيم جي نگرانيءَ ۾ نئون ٽرانسميٽر ۽ ان جو ٽاور نصب ڪرايو، بلڪه سيپٽمبر 1995ع جي مُنڍ ڌاري فقط گيت وڄائي، اسٽيشن جي آزمائشي نشريات (ٽيسٽ ٽرانسميشن) پڻ شروع ڪرائي.
هوڏانهن نت نوان پروگرام ترتيب ڏيڻ، نون مڪاني آوازن کي چونڊڻ ۽ انهن جي ”ٽيلينٽ هَنٽ“ ۽ 6 ڪلاڪن جي ابتدائي نشريات کي ٻن ٻولين جي مختلف پروگرامن سان سنوارڻ لاءِ پيشڪار جي حيثيت ۾ ڪوثر ٻرڙي ۽ نصير سومري کي عارضي طور تعينات ڪري ”ٽُوئر پوسٽنگ“ تي موڪليو ويو. نصير صاحب جو سُتت پوءِ مستقل هتي تبادلو ٿيو ۽ هُو ڳچ عرصو سينيئر پروڊيوسر طور هتان پروگرام پيش ڪندو رهيو. جڏهن ته پروگرام اسٽاف ۾ نور محمّد خاصخيليءَ کي اسٽاف انائونسر طور ڪراچيءَ مان هتي موڪليو ويو.منهنجو ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي ٽيم ۾ شامل ٿيڻ بلڪه ان ئي نسبت سان ريڊيي جي پيشي ۽ آواز جي دنيا سان سلهاڙجڻ محض هڪ حيرت انگيز اتفاق هو. جيڪڏهن ان ريڊيي اسٽيشن جو قيام ٻه ٽي سال اڳ برپا ٿي چڪو هجي ها يا ٻه ٽي سال پوءِ ٿئي ها ته شايد مان ان جو حصو نه هجان ها.
1995ع عين اهو سال آهي، جنهن سال مان مئي مهيني ۾ پبلڪ اسڪول ميرپورخاص مان انٽرميڊيٽ جو امتحان ڏئي، گھر کان پري چار سال گذاري واپس پنهنجي ڳوٺ (رتيديري) آيو هئس ۽ جيستائين انٽرميڊيٽ جو نتيجو اچي، مختلف يونيورسٽين ۾ داخلائن جو سلسلو شروع ٿئي ۽ مان اپلاءِ ڪيان ، تيستائين وارا واندڪائيءَ جا 5 ڇهه مهينا ڊگھِي وِٿي ميسر هئي. تن ڏينهن ۾ هڪ دفعي پنهنجي شهر رتيديري جي بازار مان گذرندي هڪ دوڪان تي وڄندڙ ڪو ريڊيو پروگرام ٻڌم، جنهنجي آڊيو ڪوالٽي ايڏي چِٽي هئي، جو منهنجي ڇهين حِسَ فوراً اهو سڃاتو ته اها ريڊيي خيرپور جي پروگرام جي ڪوالٽي نه ٿي ٿي سگھي. (ڇاڪاڻ ته خيرپور جي نشريات ان زماني ۾ ميڊيم ويوز جي مونو ٽرانسميٽر تان نشر ٿيندي هئي، جنهن جو آواز ايڏو واضح نه هوندو هو، جيڏو هن ايف ايم اسٽيريو چينل جو آواز هو) مون دوڪاندار کان پڇيو ته ”هيءَ ڪهڙي اسٽيشن آهي!؟“ چيائين ”لاڙڪاڻو ريڊيو اسٽيشن“مان سندس جواب تي ڏاڍو حيران ٿيس ته ڇا لاڙڪاڻي ۾ واقعي ريڊيو اسٽيشن کُلي آهي؟ مونکي اندر ۾ عجيب تخليقي آنڌ مانڌ شروع ٿي ته مان اڄ ئي ان اداري سان لهه وچڙ ۾ اچان ۽ اڄ ئي ان پليٽ فارم تان وڃي پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيان ته سڀاڻي ٻيو ڏينهن ٿئي!مون بنا گھر وارن سان ان خواهش جو اظهار ڪرڻ جي، ماٺ ميٺ ۾ ٽيليفون ڊائريڪٽري انڪوائري نمبر 17 کان ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جو نمبر معلوم ڪري ڪال ڪئي. مٿي ريڊيي لاڙڪاڻي جي جن ٽن ڪمرن جو مون ذڪر ڪيو، تن مان هڪ اسٽوڊيو (جيڪو پورو سائونڊ پرُوف به ڪونه هو)، هڪ انجنيئرنگ بُوٿ توڙي ٽيڪنيڪل ڪنٽرول روم طور استعمال ٿيندڙ ڪمرو ته ٽيون آفيس جو واحد ڪمرو هو، جيڪو هڪ ئي وقت اسٽيشن ڊائريڪٽر توڙي ٻنهي پروڊيوسرن ۽ هڪ عدد ڪلارڪ جو گڏيل ڪمرو به هو ته مهمانن کي ويهارڻ لاءِ ”گيسٽ رُوم“ پڻ. ان ئي ڪمري ۾ ٽيليفون سيٽ رکيل هوندو هو.
منهنجي ڪال خود خواجه امداد عليءَ اٽينڊ ڪئي. اهو 24 سيپٽمبر 1995ع کان ٻه ڏينهن اڳ وارو ڏينهن هو، جنهن تي وزيرِاعظم جي افتتاح لاءِ اچڻ جي ڪري سڄي ريڊيي جي اسٽاف توڙي انتظاميه ۾ ٿرٿلو هو. ان وٺُ پڪڙَ جي باوجود خواجه صاحب مونسان انتهائي پاٻوهه سان ڳالهايو ۽ مون پاران ڪمپئر طور جوائن ڪرڻ جي خواهش جي جواب ۾ مونکي چيو: ”اوهانجو آواز فون تي ئي ڏاڍو سٺو ٿو لڳي، اميد ته مائڪروفون تي به سٺو لڳندو. اسانکي نَوَن مقامي آوازن جِي سخت ضرورت آهي ۽ ان سلسلي ۾ اوهان ٻه ڏينهن ڇڏي ڪنهن به ڏينهن تي صبح 9 لڳي کان منجھند 3 لڳي تائين آڊيشن ڏيڻ هليا اچجو. فلاڻي فلاڻي جڳهه تي اسانجي ريڊيو اسٽيشن آهي. پر في الحال هي ٻه ڏينهن اسان وزيرِاعظم جي استقبال ۾ مصروف آهيون. هي افتتاح ٿي وڃي… پوءِ هيءَ اسٽيشن اوهانجي ئي آهي.“مونکي خبر ڪانه هئي ته اهو خواجه امداد علي ڪير آهي يا ڪيڏو وڏو نشرڪار آهي، پر سندس ان ڳالهه ٻولهه منهنجي دل وڏي ڪري ڇڏي ۽ اهي ٻه ڏينهن مون ڪيئن انتظار ڪيو. اها مونکي خبر آهي، جو آڊيشن جي خوشيءَ ۾ ننڊ ئي ڪانه آئي.ڇا ته يادگار ڏينهن هو 24 سيپٽمبر 1995ع جو جڏهن عين ان جاءِ تي، جتي هاڻي ريڊيي لاڙڪاڻي جو مُکُ نشرگاهه ٺهيل آهي، اتي افتتاحي تقريب جو شاندار پنڊال سَجايو ويو. نامياري براڊڪاسٽر محمّد نقي صاحب ان تقريب جي ڪمپيئرنگ ڪئي. قاري وحيد ظفر قاسميءَ قرآن پاڪ مان تلاوت ڪئي ۽ جڏهن بينظير صاحبه اسٽيج جي پسمنظر ۾ لڳل ريڊيي پاڪستان جي مونو گرام (لوگو) جي نقاب ڪشائي ڪئي ته قاري وحيد ظفر قاسميءَ ”قُولُو لِلناسِ حُسنه“ واريءَ ان آيت جي تلاوت ڪئي، جيڪا ريڊيي پاڪستان جي لوگو تي درج آهي، جنهن جو ترجمو آهي ته ”ماڻهن سان سهڻو ڳالهايو!“ بينظير صاحبه پنهنجي شهر ۾ نئين نشرياتي اداري جي قيام تي بيحد خوش هئي، جنهنجو اظهار هن پنهنجي تقرير ۾ والهانه انداز ۾ ڪيو.
اها تقريب ”نيشنل هُڪ اَپ“ تي پوري پاڪستان ۾ ٻُڌي وئي. ان تقريب کان فوراً پوءِ اسٽوڊيو مان محمّد نقي صاحب ۽ نُور محمّد خاصخيليءَ اردوءَ ۽ سنڌيءَ ۾ هڪ گڏيل ٻه ٻوليائي پروگرامَ جي ميزباني ڪري ٻنهي ٻولين جا نغما نشر ڪيا. پهريون گيت ”نفرت“ فلم مان عشرت جهان ۽ خالد سليم جي آواز ۾ ”ڌرتي ڳائي پيار مان… خوش خوش آهي آسمان“ هوا جي دوش تي نشر ٿيو ته ڄڻ سڄو تَـرُ جھومي اُٿيو ۽ لاڙڪاڻي جي ساهه سيباڻن ماڻهن هن نئين نشرگاهه جو ٻانهُون کولي استقبال ڪيو. لغڙ واريءَ شڪل جي هڪ ”ڪائِيٽ اينٽينا“ جو رُخ ميهڙ پاسي هئڻ سبب نشريات ضلعي دادوءَ جي خيرپورناٿن شاهه کان ڪڪڙ شهر جي آسپاس ۽ پَريان ڪاڇي تائين ٻڌجڻ لڳي ته اتر اولهه پاسي ڳڙهي ياسين جي ڀرپاسي تائين… درياءَ پار هن پِيرجي ڳوٺ ۽ رپڙيءَ تائين جا خيرپور ضلعي جا علائقا ڪَوَر ڪيا، ته پَريان اتر اوڀر پاسي قُبي سعيد خان، ڳڙهي خيري ۽ بلوچستان جي اوستا محمّد ۽ ٻين ڪجھه علائقن تائين به اسانجو آواز پُڳو.
هن نئين قائم ٿيل اسٽيشن جي ”اسٽيشن ڪال انائونسمينٽ“ به منفرد ۽ دلفريب هوندي هئي، جنهن کي اُچارڻ جو چسُ ئي پنهنجو هو:”هڪ سؤ هڪ ميگا هرٽز تي، هي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جو ايف ايم اسٽِيريو چينل آهي.“پهرين مڪاني سنڌي ڪمپئر طور مون ۽ پهرين مڪاني اردو ڪمپئر طور منهنجي دوست جاويد جوزف کي لاڙڪاڻي ريڊيي جي ٽيم ۾ شامل ٿيڻ جو موقعو مليو ۽ ان ئي سِهي سان منهنجي ريڊيي جي نشرياتي سفر جو آغاز ٿيو.
مون 26 سيپٽمبر 1995ع تي آڊيشن ڏنو ۽ پهرين آڪٽوبر 995ع تي ريڊيي لاڙڪاڻي تان پنهنجي پهرين ڊسڪ جاڪي پروگرام ”رُوح رهاڻ“ جي ميزباني ڪيم. جنهن بابت تفصيل ايندڙ ڪالم ۾ ونڊيندس (ڇاڪاڻ ته ايندڙ هفتي منهنجي جيون جي نشرياتي سفر جا پڻ 29 ورهه پورا ٿيندا.)ريڊيي لاڙڪاڻي جي نشريات کي ستت پوءِ جن ناميارن پيشڪارن پنهنجي اعليٰ صلاحيتن سان واريو ، تن ۾ ضمير علي بدايوني، نثار ميمڻ، اقبال فريدي، زاهد قلباڻي، آغا محمّد علي، خليل ڪاڪيپوٽو، شوڪت خاصخيلي، مختيار ملڪ، محمّد علي ٻانڀڻ ۽ ٻيا شامل آهن. ريڊيي لاڙڪاڻي رڳو سُهانا ڏينهن ڪونهن ڏٺا، پر سندس نشريات جي گاڏيءَ، ايف ايم 101 کان ايف ايم 93 ۽ ميڊيم ويوز جي ٽرانسميٽر جي تبديلين واري دڳ تي ڏاڍا جھاڪا به پئي کاڌا آهن. 16 سيپٽمبر 2009ع تي انگريزي اخبار روزاني ”ڊان“ ۾ ڇپيل خبر موجب ”ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي ميڊيم ويو نشريات، جيڪا اڳ ئي 14 آگسٽ کان بند ٿي وئي آهي، ان جي تازو ئي نصب ٿيل اڍائي ڪلو واٽ ٽرانسميٽر ايف ايم 93 رستي (جيڪو 80 ڪلوميٽرن جي نيم قطر تائين آواز پهچائڻ لاءِ تيار ڪيو ويو هو) ان جي نشريات بمشڪل 20 کان 25 ڪلوميٽرن جي اندر ٻڌي سگهجي ٿي.“ ته تازو ٻه مهينا اڳ جي خبر موجب هن سال جي جولاءِ مهيني جي مُنڍ ۾ ريڊيي لاڙڪاڻي تي 9 لک 40 هزار روپين جي بجليءَ جي بلن جي رهتن سبب ريڊيي جهڙي اداري جي بجلي ڪٽي وئي، جنهن سبب ٻن ڏينهن تائين ريڊيي لاڙڪاڻي جي نشريات معطل رهي ۽ بنهه نشرياتي ”بليڪ آئوٽ“ رهيو. پنهنجي درسگاهه جو درجو رکندڙ اداري بابت اهڙيون خبرون ٻڌي دل ۾ بيحد درد محسوس ٿيندو آهي.اڄ جڏهن منهنجو هي ادارو، جنهن مونکي ”نشرياتي بانبڙا“ پائڻ سيکاريا، 29 سالن جو جوان ٿي چڪو آهي، ته اڄوڪي ڏينهن تي ضمير علي بدايونيءَ، آغا محمّد عليءَ، زاهد قلباڻيءَ، انجنيئر حبيب الله هڪڙي (جنهن جو ڪورونا سبب اڄ کان ڪجھه ورهَه اڳ انتقال ٿيو)، انجنيئر شاهنواز واهوچي (جنهن جو جوانيءَ ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ لاڏاڻو ٿيو)، هدايت منگيءَ، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، شاهين سنڌيءَ، توڙي داد محمّد ڊرائيور (جيڪو پڻ ڦوهه جوانيءَ ۾ وڇڙيو) جهڙن ساٿين سان گڏ گذاريل لمحن کي ياد ڪري دل اداس ضرور آهي ۽ انهن کان سکيل لفظَ لفظَ لاءِ انهن جي ٿورائتِي پڻ آهي.