ڇا کاڌي جي وچ ۾ پاڻي پيئڻ ٺيڪ آهي؟

جسم ۾ پاڻي جي کوٽ جون ڪيتريون ئي علامتون ٿي سگهن ٿيون، جن ۾ پيلو پيشاب اچڻ، گهٽ بيشاب اچڻ، هر هر اڃ لڳڻ وغيرا.
ان سان گڏوگڏ چڪر اچڻ، ٿڪاوٽ محسوس ڪرڻ، جلد خشڪ ٿيڻ ۽ ٿڌ لڳڻ پڻ پاڻي جي کوٽ جي علامتن ۾ شامل آهي.
انهن علامتن کان بچڻ لاءِ ضروري آهي ته جسم ۾ پاڻي جو مقدار وڌايو وڃي، ان لاءِ گهڻو پاڻي پيئڻ ئي بهتر سمجهيو ويندو آهي پر هتي سوال اهو آهي ته کاڌي جي مهل ڇا اڳ ۾ پاڻي پيئڻ گهرجي، کاڌي جي وچ ۾ يا کاڌي کانپوءِ؟
توهان کي خبر هوندي ته ماهر کاڌي کانپوءِ پاڻي پيئڻ کان منع ڪندا آهن پر ڇا کاڌي جي دوران پاڻي پي سگهجي ٿو؟
مختلف مطالعن موجب کاڌي کان 30 منٽ اڳ يا 30 منٽ پوءِ پاڻي پيئڻ فائديمند آهي پر هر ڪنهن جي ذهن ۾ اهو سوال پيدا ٿيندو آهي ته کائڻ جي وچ ۾ پاڻي پيئڻ گهرجي يا نه؟
ماهرن موجب کاڌي جي وچ ۾ گهڻو پاڻي نه پيئڻ گهرجي، جيڪڏهن توهان کي اُڃ جو احساس ٿئي ته ٿورو پاڻي پيئڻ گهرجي، گهڻو پاڻي پيئڻ سان تيزابيت ٿي سگهي ٿي ۽ هاضمي جو نظام متاثر ٿي سگهي ٿو، تنهن ڪري بهتر آهي ته کاڌي جي وچ ۾ گهٽ مقدار ۾ پاڻي پيئڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.