اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري چيو آهي ته افغان طالبان سان ڳالهين تي وڌيڪ پراميد ناهيان، طالبان حڪومت ماضي ۾ به پنهنجي واعدن تان ڦري وئي هئي.
نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اعزاز چوڌري چيو ته پاڪستان صبر جي انتها ڪري ڇڏي، طالبان کي اهو چوندي 4 سال ٿي ويا ته ٽي ٽي پي کي روڪيو، افغان رجيم ڪوڙ نه ڳالهائي، اهو پاڪستان جو اندروني مسئلو ناهي.
هن چيو ته حڪومت طرفان ڳالهيون ڪرڻ سٺو سنئوڻ آهي پر وڌيڪ پراميد ناهيان، طالبان حڪومت ماضي ۾ به پنهنجي ڪيل واعدن تان ڦري وئي هئي، اهو نٿو ٿي سگهي ته اسان جي ماڻهن جو رت وهي ۽ اسان چُپ رهون.
سندس چوڻ هو ته اسان افغانستان کي هر قسم جي رعايت ڏني، هاڻ اسان افغانستان لاءِ وڌيڪ ڇا ڪيون؟ اهي پاڻ کي پاڻ نقصان پهچائي رهيا آهن.
You might also like