اسرائيل جو رڪارڊ سٺو ناهي، اسان غزا لاءِ پريشان آهيون: ترڪ صدر

انقرا (ويب ڊيسڪ) ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته اسرائيل جو رڪارڊ سٺو ناهي ۽ اسان غزا لاءِ پريشان آهيون.
ترڪ آفريقا فورم کي خطاب ڪندي رجب طيب اردگان چيو ته اسان معاهدي جون سخت ڪوششون ڪيون ته جيئن غزا ۾ امن قائم ٿي سگهي ۽ اتان جو عوام سک جو ساهه کڻي.
هن چيو ته اسرائيل جو رڪارڊ سٺو ناهي ۽ اسان غزا لاءِ پريشان آهيون، غزا جي عوام جي ڦٽن تي مرهم رکڻ ۽ اتي نئين سر تعمير جي ضرورت آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان سوڊان ۾ جاري بحران تي به پريشان آهيون ۽ چاهيون ٿا ته اتي به امن قائم ٿئي، اولهه ملڪ ڏسي رهيا آهن ته آفريقا ۾ تڪرار ۽ گهرو ويڙهه ٿي رهي آهي پر ڪجهه نٿا ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.