دوحا (م ڊ) سرحدي ڇڪتاڻ کانپوءِ دوحا ۾ پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ڳالهين جو پهريون دور مڪمل ٿي ويو آهي. ڌرين ڳالهين جو سلسلو جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو، ڳالهيون اڄ به جاري رهنديون. پاڪستان جي بچاءَ واري وزير خواجا محمد آصف ۽ قومي سلامتي صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم ملڪ ڳالهين ۾ حصو ورتو. افغان وفد جي اڳواڻي بچاءَ واري وزير ملا محمد يعقوب ۽ انٽيليجنس چيف مولوي عبدالحق ڪري رهيا هئا. ذريعن موجب، پاڪستان مطالبو ڪيو آهي ته افغانستان فوري طور تي سرحد پار حملا روڪي ۽ چيو آهي ته جيڪڏهن ٽي ٽي پي جا حملا نه ٿيا ته پاڪستان به ڪنهن به جواب کان پاسو ڪندو. قطر ڳالهين جي مڪمل سهولت فراهم ڪئي، پاڪستان افغان طالبان تي زور ڏنو ته اهي اسان جي جائز سيڪيورٽي خدشن کي حل ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻن. وفدن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه هڪ واحد نقطي تي ٿي، جنهن جو مقصد پاڪستان تي خارجين جي حملن کي روڪڻ هو. ڌرين ۾ 5 ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت ڳالهيون جاري رهيون. ذريعن موجب ٻنهي ملڪن پنهنجا خدشا ۽ شڪايتون سامهون رکيون، پاڪستان موقف اختيار ڪيو ته بندش پيل ٽي ٽي پي، گل بهادر گروپ افغانستان مان ڪارروايون ڪن ٿا، ويڙهاڪن جي افغانستان مان اچڻ جا جوڳا ثبوت موجود آهن. پاڪستان گهر ڪئي ته افغان حڪومت کي دهشتگد تنظيمون ۽ انهن جون پناهه گاهون ختم ڪرڻيون پونديون. پاڪستان چيو ته پاڪستاني شهرين کي افغانستان مان ڀتي جون ڪالون اچن ٿيون. افغانستان جو چوڻ هو ته پاڪستان جي شڪايت تي انهن عنصرن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي. ڳالهين جو ٻيو دور اڄ قطر ۾ ئي ٿيندو. ڳالهين جي ميزباني قطر جو انٽيليجنس چيف ڪري رهيو آهي.