پاڪستان، افغانستان جنگ روڪڻ منهنجي لاءِ سولو ڪم آهي: ٽرمپ

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ جاري تازي ڇڪتاڻ کي روڪڻ منهنجي لاءِ  سولو ڪم آهي. اوول آفيس ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي ٽرمپ چيو ته هن پنهنجي صدارت دوران اٺ جنگيون روڪيون آهن ۽ جنگون روڪڻ سان زندگي بچائڻ ئي سندس مقصد آهي. هن انگريزي ۾ شڪايت به ڪئي ته جيڪي تڪرار هن حل ڪيا، انهن لاءِ کيس نوبل انعام نه ڏيڻ جو ذڪر ڪيو ويندو پر کيس انعام ناهي مليو. ٽرمپ وڌيڪ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف پڻ ٻڌايو ته هن پاڪستان-ڀارت ۾ تڪرار روڪي لکين زندگيون بچايون.

اين سي سي آءِ اي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر مبينا اغوا

اسلام آباد (م ڊ) نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر آپريشنز محمد عثمان جي مبينا اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس  موجب، مغوي جي زال جي شڪايت تي شمس ڪالوني پوليس اسٽيشن ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو. ايف آءِ آر ۾ پاڪستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن 365 تحت نامعلوم ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر ۾، فريادڻ مڙس جي بازيابي جي اپيل ڪئي. پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.