انسانيت جي لڄ رکندڙ جانھيري جو پريمو ڪولهي وفا جو علمبردار بڻجي ويو آهي . جڏهن انتهاپسند ڌريون ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جو لاش ساڙڻ تي آتيون هيون ۽ جڏھن شاھنواز ڪنڀر کي ميرپورخاص جي پوليس رات جي ڪاري پيٽ ۾ ماري، لاش عمرڪوٽ پوليس حوالي ڪري ٿي ۽ عمرڪوٽ پوليس لاش ايمبولينس ۾ کڻي جانھيري پھتي ته مڇريل ماڻهن لاش کي اتان کڻي وڃڻ جو زور ڀريو ته شاھنواز جي گهر جي نياڻين جھوليون جهليون ته صرف منھن ڏسڻ ڏيو پر سندن ھڪ به نه ٻڌي وئي ۽ ايمبولنس واري کي داٻا دڙڪا ڏئي ھتان لاش کڻي وڃڻ لاءِ زور ڀريو ويو ۽ ان کان به مٿي ايمبولينس کي باهه ڏيڻ جو ارادو ڪيو ته ايمبولينس واري لاش روڊ تي لاھي ڦٽو ڪري ڇڏي ٿو.
جڏهن سڀ ھٿ ڪڍي ويا ته ھن مرد مجاهد پريمو ڪولهي شاھنواز جي بزرگ پيءُ سان گڏ اتان لاش کي ڪار جي ڊگي ۾کڻي جانھيري کان 40 ڪلوميٽر پري نبي سر ٿر لڳ شاھنواز جي والد جي ٻني مان دفنائڻ لاءِ وڃي ٿو، پڪو روڊ ختم ٿئي ٿو ڪار اڳتي نٿي وڃي سگهي ته ھي شاھنواز جي لاش کي پنهنجي ڪلھن تي کڻي ڀٽن جي وچ ۾ پھچائي کڏ کوٽي ٿو دفنائڻ لاءِ لاش کي کڻي ٿو جتي وري انتهاپسند ٽولو پھچي ٿو. لاش ھن کان کسي ڪچري تي رکي باھ ڏين ٿا. ساڻس ان وقت صرف شاھنواز جو پوڙهو پيءُ ھيو. پر پريمو ڪولهي پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪندي ڊاڪٽر شاهنواز جو لاش اڪيلي سر دفنائي انسانيت جي لڄ کي بچائڻ جو ڪارنامو سرانجام ڏنو.
(سوشل ميڊيا جي پوسٽ)
جڏهن سڀ ھٿ ڪڍي ويا ته ھن مرد مجاهد پريمو ڪولهي شاھنواز جي بزرگ پيءُ سان گڏ اتان لاش کي ڪار جي ڊگي ۾کڻي جانھيري کان 40 ڪلوميٽر پري نبي سر ٿر لڳ شاھنواز جي والد جي ٻني مان دفنائڻ لاءِ وڃي ٿو، پڪو روڊ ختم ٿئي ٿو ڪار اڳتي نٿي وڃي سگهي ته ھي شاھنواز جي لاش کي پنهنجي ڪلھن تي کڻي ڀٽن جي وچ ۾ پھچائي کڏ کوٽي ٿو دفنائڻ لاءِ لاش کي کڻي ٿو جتي وري انتهاپسند ٽولو پھچي ٿو. لاش ھن کان کسي ڪچري تي رکي باھ ڏين ٿا. ساڻس ان وقت صرف شاھنواز جو پوڙهو پيءُ ھيو. پر پريمو ڪولهي پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪندي ڊاڪٽر شاهنواز جو لاش اڪيلي سر دفنائي انسانيت جي لڄ کي بچائڻ جو ڪارنامو سرانجام ڏنو