تازو ئي ڪجهه ڏينهن پهريان ڊائو يونيورسٽي پاران ميڊيڪل ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ ٽيسٽ ورتي وئي هئي ان ٽسٽ جو سوالنامي وارو پنو مقرر وقت کان اڳ ۾ ئي ڳري رشوت عيوض پڌرو ڪري اميرن جي اولاد لاءِ داخلا جا در کوليا ويا هئا.ڪجهه ڏينهن پهرين سموري ملڪ ۾ سرڪاري ۽ نجي ميڊيڪل ڪاليجز توڙي يونيورسٽيز ۾ داخلا لاءِ ٽيسٽ بدانتظامي جو شڪار رهي سنڌ ۾ ٽيسٽ سينٽرز تي بدانتظامي شاگردن کي رولي ڇڏيو، ڪراچي، سکر، لاڙڪاڻو، نوابشاهه ۽ ڄامشورو ۾ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ لاءِ 6 سينٽرز قائم ڪيا ويا هنا جن ۾ سنڌ ۾ ميڊيڪل جي 858 سيٽن لاءِ 38 هزار 700 شاگردن اپلاءِ ڪيو هو، ڪراچي،لاڙڪاڻو سميت مختلف شهرن ۾ ميڊيڪل ٽيسٽ جو پرچو مبينا طور اڳواٽ ليڪ ڪيو ويو ڊائو يونيورسٽي جي ترجمان پاران پرچو ليڪ ٿيڻ جي ترديد ڪئي سڄي ملڪ ۾ هڪ لک 67 هزار 77 اميدوار 18 هزار کان وڌيڪ سيٽن لاءِ امتحان ڏيندڙ هئا ڪرڪ ۾ بلو ٽوٿ استعمال ڪرڻ تي نجي هاسٽل جي 8 شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو.
ڪراچي ۾ ايم ڊي ڪيٽ جو پرچو مبينا طور شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ليڪ ٿي ويو، رات 12 وڳي پرچو ليڪ ٿيو جنهن جي ڊائو يونيورسٽي انتظاميا وائرل پيپر کي بي بنياد قرار ڏئي رد ڪيو،هن ڀري سنڌ ۾ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جي ذميوار ڊائو يونيورسٽي کي ڏني وئي هئي جنهن ۾ ڪراچي جي 13 هزار شاگردن حصو ورتو، اين اي ڊي ۽ ڊائو يونيورسٽي اوجها ڪيمپس ۾ امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويا هئا ڄامشوري ۾ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي هيلٿ اينڊ سائنسز ڄامشورو ۽ ان سان سلهاڙيل ڪاليجن بلاول ميڊيڪل ڪاليج ۽ ٺٽو ميڊيڪل ڪاليج ۾ نئين سال جي داخلائن لاءِ ايم ڊي ڪيٽ جي انٽري ٽيسٽ ورتي وئي جتي 6800 شاگردياڻين سوڌو 12659وڌيڪ اميدوارن جي شرڪت ڪئي، ايم ڊي ڪيٽ انٽري ٽيسٽ لاءِ حيدرآباد ڊويزن جي 9 ضلعن دادو،ڄامشورو، حيدرآباد، ٺٽو، سجاول، بدين، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، مٽياري، ميرپور خاص ڊويزن جي عمرڪوٽ، ميرپور خاص، ٿرپارڪر ۽ شهيد بينظيرآباد ڊويزن جي سانگهڙ ضلعي جي مختلف شهرن کان اميدوار پهتا هئا،انٽري ٽيسٽ ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي سينٽر ۾ داخلا جو وقت صبح 7 وڳي کان 9 وڳي رکيو ويو هو، ايم ڊي ڪيٽ انٽري ٽيسٽ جي شروعات ڏهين وڳي کان شروع ٿي جيڪا بنا ڪنهن وقفي جي منجهند ڏيڍ وڳي تائين جاري رهي، سينٽر انتظاميه طرفان ڪاپي کي روڪڻ لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو جنهن دوران حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا هئا،امتحاني سينٽر ۾ موبائيل فون، ڪلڪيوليٽر، ڪتابن، نوٽ هارڊ بورڊ، بيگ، اليڪٽرانڪس ڊوائيس، سمارٽ فونز، واچ، هيڊفون، بليو ٽوٿ ڊوائيس کڻي اچڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي. لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ڊائريڪٽر ايڊميشن لمس ڊاڪٽر ثمرين کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو هو جنهن انٽري ٽيسٽ جي شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سموري انٽري ٽيسٽ جي نگراني ڪئي.انٽري ٽيسٽ ۾ اميدوارن سان گڏ والدين ۽ عزيز آيل هئا جن لاءِ ڊائو يونيورسٽي انتظاميا پاران ڪا به انتظار گاهه نه ٺاهي وئي هئي نتيجي ۾ هزارن جي تعداد ۾ نياڻين ۽ نوجوانن کي ٽيسٽ لاءِ وٺي ايندڙ والدين توڙي ٻيا مائٽ مک روڊ تي ٽيسٽ ختم ٿيڻ تائين شديد گرميءَ ۾ انتظار ڪندا رهيا، شديد گرميءَ ۾ ڪيترائي ماڻهو بيهوش ٿي ويا، اِهي به شڪايتون سامهون آيون ته وقت تي پهچڻ، گهربل ڪاغذ مڪمل هجڻ باوجود ڪيترن ئي اميدوارن کي سينٽر ۾ اندر نه ڇڏيو ويو، پيئڻ جي ٿڌي پاڻي نه هجڻ جون شڪايتون عام هيون، غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج، خيرپور ميڊيڪل ڪاليج ۽ گمس جي 100، 100 سيٽن لاءِ هزارين اميدوارن قسمت آزمائي. لاڙڪاڻي ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي سان سلهاڙيل ڪاليجن توڙي ٻين ميڊيڪل جي ادارن ۾ نئين سال جي داخلائن لاءِ ايم ڊي ڪيٽ جي انٽري ٽيسٽ ورتي وئي، 4800 کان وڌيڪ اميدوارن شرڪت ڪئي، سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا.
رپورٽنگ ٽائيم پورو ٿيڻ تي مُک گيٽ کي تالا لڳائڻ کان پوءِ بدنظمي ٿي، اهلڪارن ۽ شاگردن ۾ منهن ماري ٿي شاگرد ۽ شاگردياڻيون سينٽر ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ملڻ تي ڀت تي چڙهي ويون، اهلڪارن الرون ڪيون، جڏهن ته بدنظمي سبب هڪ شاگردياڻي بيهوش ٿي پئي، ايس ايس پي سينٽر تي پهتو، شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان ايس ايس پي جو گهيراءُ ڪيو ويو،لاڙڪاڻي ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو سان سلهاڙيل چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو جي 250، غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج سکر جي 100 ۽ بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج لاڙڪاڻو جي 50 سيٽن تي نئين سال جي داخلا لاءِ ايم ڊي ڪيٽ انٽري ٽيسٽ پوليس ٽريننگ اسڪول لاڙڪاڻو ۾ ورتي وئي، اميدوارن جي سينٽر ۾ داخلا جو وقت صبح 7 وڳي کان 9 وڳي رکيو ويو هو، جڏهن ته ايم ڊي ڪيٽ انٽري ٽيسٽ جي شروعات ڏهين وڳي کان شروع ٿي، جيڪا بنا ڪنهن وقفي جي منجهند ڏيڍ وڳي تائين جاري رهي.
انٽري ٽيسٽ لاءِ پي ٽي ايس ۾ قائم سينٽر کي 10 زون ۾ ورهائي 200 کان وڌيڪ بلاڪ ٺاهيا ويا هئا. سينٽر انتظاميه طرفان ڪاپي کي روڪڻ لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو، جنهن دوران امتحاني سينٽر ۾ موبائيل فون، ڪلڪيوليٽر، ڪتابن، نوٽ هارڊ بورڊ، بيگ، اليڪٽرانڪس ڊوائيس، سمارٽ فونز، واچ، هيڊفون، بليو ٽوٿ ڊوائيس کڻي اچڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي. ٻئي پاسي ايم ڊي ڪيٽ انٽري ٽيسٽ دوران سينٽر جي اندر توڙي ٻاهر مختلف هنڌن تي سي سي ٽي وي ڪئميرائون، ميٽلڊ ڊٽيڪٽر، جيمرز لڳائڻ سان گڏ سينٽر جي مک داخلي گيٽ تي واڪ ٿرو گيٽ لڳائي ليديز ۽ مرد پوليس اهلڪارن کي وڏي انگ ۾ مقرر ڪيو ويو هو. ٽيسٽ دوران يونيورسٽيءَ، پي ايم ڊي سي ۽ ڊائو يونيورسٽي جي انتظاميه توڙي مقرر فوڪل پرسن طرفان انٽري ٽيسٽ جي شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سموري انٽري ٽيسٽ جي نگراني ڪئي وئي. انٽري ٽيسٽ دوران سينٽر انتظاميه هڪ اميدوار کي جعلي سلپ سوڌو سوگهو ڪري کيس سينٽر مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. هوڏانهن ايم ڊي ڪيٽ انٽري ٽيسٽ جي لاءِ سينٽر انتظاميه طرفان رپورٽنگ ٽائيم پورو ٿيڻ تي مُک گيٽ کي تالو لڳائي بند ڪري وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪري سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا جنهن ڪري سينٽر ٻاهريان بدنظمي پيدا ٿي وئي، ايم ڊي ڪيٽ انٽري ٽيسٽ لاءِ خيرپور، قمبر، شهدادڪوٽ سميت ٻين شهرن کان پنهنجي والدين ۽ مٽ مائٽن سان گڏجي لاڙڪاڻي پهتل شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان انٽري ٽيسٽ لاءِ سينٽر ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ملڻ تي سينٽر ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي پڻ ڪئي.
هنن الزام لڳايو ته بااثر اميدوارن کي وقت کان اڳ سينٽر ۾ اچڻ جي اجازت ڏئي گيٽ بند ڪري اسان کان ٽيسٽ نه پئي ورتي وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته ايم ڊي ڪيٽ جي انٽري ٽيسٽ وٺي اسان جي مستقبل کي بچايو وڃي. لاڙڪاڻي ۾ انٽري ٽيسٽ کان اڳ پوليس امڪاني طور پرچو ليڪ ٿيڻ جي اطلاع تي شهر جي سچل ڪالوني جي هڪ گهر تي ڇاپو هڻي مبينا طور انٽري ٽيسٽ جو پرچو آئوٽ ڪرڻ جي الزام هيٺ شاگردن ۽ شاگردياڻين توڙي ڪجهه استادن کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.نواب شاهه ۾ ميڊيڪل ۾ سال 2024 ۾ داخلا جي لاءِ ايم ڊي ڪيٽ انٽري ٽيسٽ نواب شاھه جي بلاول اسپورٽس اسٽيڊيم ۾ ورتي وئي، انٽري ٽيسٽ ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جي نگراني هيٺ ورتي وئي، ذريعن موجب گذريل سال وانگر هن ڀيري به ميڊيڪل ٽيسٽ جو پيپر ٽائيم کان اڳ آئوٽ ٿي ويو، انٽري ٽيسٽ دوران سخت سڪيورٽي جا انتظام ڪيا ويا هئا، انٽري ٽيسٽ ۾ شھيد بينظيرآباد سينٽر تي 2786 شاگردن فارم ڀريا جن مان 22 شاگرد غير حاضر رهيا جڏهن ته 2764 اميدوارن ٽيسٽ ڏني.اهي ڇوڪرا يا ڇوڪريون جيڪي ڪتابن کي پڙهڻ بجاءِ عياشون ڪرڻ ۾ مصروف عمل رهيا انهن کي پرچو آئوٽ ڪري ڏنو ويو جيئن هو سٺا نمبر کڻن ۽ جڏھن ته ان ڪاليج ۾ داخلا لاءِ غريب خاندانن سان وابسته شاگردن ۽ شاگردياڻين جنهن ڏينهن رات پنهنجو آرام ڦٽائي دنيا کان رابطا ختم ڪري ڇڏيا ۽ ڪتابن کي دوست بڻائي ڏينهن رات جدوجهد ڪئي ان اميد سان ته اسان جي والدين محنت مشقت ڪري پنهنجون سموريون خواهشن کي ختم ڪري بکون برداشت ڪيون اسان کي پڙهايو ان اميد سان ته اسان جا ٻچڙا پڙهي پاس ٿي پوندا ته سمورا ڏک سور ئي لهي پوندا پر افسوس جو انهن سمورن شاگردن ۽ انهن جي وارثن جي خوابن کي چڪنا چور ڪندي سندن حقن تي ڌاڙو هنيو ويو ۽ انهن جي سموري ڪيل محنتن ۽ اميدن تي پاڻي ڦيريو ويو آھي ڪو ملڪ ۾ راڻو راڻي آهي جيڪو انصاف ڪري.
اسين گذارش ٿا ڪريون چيف جسٽس آف پاڪستان کي ۽ چيف آف پاڪ آرمي کي ڊي جي رينجرس کي نيب ۽ ايف آءِ اي جي اعلى عملدارن کي ۽ انصاف فراهم ڪندڙ سمورن ادارن کي ته ڊائو ٽيسٽ واري آئوٽ ٿيل پرچي جو نوٽس ورتو وڃي ۽ عدالتي ٽيم جوڙي وڃي جيڪا پرچو آئوٽ ڪندڙن ۽ ڪرائيندڙن کي ۽ آئوٽ ٿيل پرچي مان فائدو حاصل ڪندڙن شاگردن کي وائکو ڪري سندن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن آئنده اهڙي قسم جا واقعن کي روڪي سگهجي.انٽري ٽيسٽ ۾ انتظامات درست نه هجڻ جوڻ شڪايتون عام رهيون جڏهن ته ٽيسٽ ڏيندڙ في اميدوار کان 8 هزار رپيا فيس ورتي وئي هئي، هڪ اندازي مطابق ساڍا پنج هزاراميدوارن کان 4 ڪروڙ 40 لک روپيا فيس اوڳاڙي وئي پر ان جي باوجود کين گهربل بنيادي سهولتون نه ڏنيون ويون، جنهن ڪري شاگردن ۽ شاگردياڻين سان گڏ آيل والدين توڙي عزيزن سخت مشڪلاتن کي منهن ڏنو.