حڪومت هلائڻ وارن جو عقل ڏسو جيڪو تير تحريڪ انصاف ڏانهن تيزيءَ سان وڃي رهيو هو ان کي پنهنجي طرف موڙي ڇڏيائون. ايم اين ايز جي گرفتارين کي پوءِ سڀ جماعتون هڪ هنڌ گڏ ٿي ويون آهن. اسان جو خيال هوندو آهي ته زور زبردستي سڀ کان تيز هٿيار هوندو آهي. حالانڪه ائين ناهي هاڻي اهو دور جنهن ۾ ميڪاولي کان ويندي افلاطون، ارسطو تائين سڀ ان ڳالهه تي راضي آهن ته جيڪو ڪم عقل ڪري ٿو اهو زور زبردستي نه ٿو ڪري سگهي.
. ملڪ ۾ جيڪو جهيڙو هلي رهيو آهي اهو جهيڙو جج تي هلي رهيو آهي. هڪڙي پاسي جسٽس سيد منصور علي شاهه جا حمايتي آهن ته ٻئي پاسي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا حامي آهن. اسان وٽ هميشه ٿيندو ائين رهيو آهي ته سواءِ ڪنهن مضبوط ثبوتن جي هڪ ٻئي مٿان الزام تراشي ڪندا آهيون. سو جيڪڏهن ججن مٿان اسٽيبلشمينٽ جي حمايتي هجڻ جو ڪو ثبوت آهي ته ان لاءِ بهتر ٿيندو ته ان مسئلي کي جج ئي حل ڪري سگهن ٿا. اجايو ڪنهن تي الزام تراشي ڪرڻ ڏاڍو خراب عمل آهي. ججن بابت عام شڪايت اها هوندي آهي ته اهي اسٽيبلشمينٽ جي پريشر ۾ اچي ڪم سرانجام ڏين
مان سمجهان ٿو ته وقتي طور ايئن ڀلي هجي پر غريب ۽ بي پهچ ماڻهن کي انصاف به پنهنجي حساب سان ملي رهيو آهي. حالانڪه اسٽيبلشمينٽ جي پريشر سبب سياستدان به پنهنجو رستو تبديل ڪندا آهن پوءِ انهن لاءِ اسان جو ڇا چوڻ هوندو. پاڪستان ۾ جيڪڏهن ڪنهن جي حق تلفي نه ٿئي ۽ سينارٽي جي بنياد تي مقرريون ٿين ته پاڪستان ۾ قانون جي بالادستي تي ڪير به آڱر ڀلا ڇو کڻندو؟ پر اسين چوندا آهيون ته فلاڻو جج هوندو ته حڪومت هلندي ۽ فلاڻو جج نه هوندو ته حڪومت نه هلندي. پر ائين نه هجڻ گهرجي. جج جي سوچ ۽ وهم ۾ هڪ ئي شيءِ هوندي آهي ته هڪ ڏينهن هو به اونداهي واري ڪوٺيءَ ۾ هميشه لاءِ ننڊ ٿيڻو آهي. ان ڪري انصاف واري ڪرسيءَ کي انصاف لاءِ ئي استعمال ڪرڻ گهرجي.
ملڪ ۾ امن و امان به هجي ها. ملڪ ۾ صرف هڪ سيڪڙو ماڻهو چون ٿا ته اسان جي ملڪ جون عدالتون ٺيڪ ۽ انصاف ڀريا فيصلا ڪري رهيون آهن. باقي 90 سيڪڙو مايوس آهن. ملڪ اڳئي معاشي ۽ سياسي ڇڪتاڻ جو شڪار آهي. وري اتي انصاف جو پلڙو ڪمزور هجي ته پوءِ عوام ڪيڏانهن وڃي؟ جج صاحبان کي گهرجي ته حق ۽ سچ تي ٻڌل فيصلا ڪيا وڃن هن وقت به عدالتن ۾ لکين ڪيس رولڙي جو شڪار آهن. سينارٽي جي حساب سان مقرريون ڪرڻ گهرجن ان ڪري سينارٽي جي لحاظ جسٽس سيد منصور علي شاهه ئي سپريم ڪورٽ جو جج ٿيندو جنهن مخصوص سيٽن جو تاريخي فيصلو ڏئي پاڪستان سميت پوري دنيا جي ماڻهن جون دليون کٽي ورتيون آهن ۽ قانون جو مان مٿانهون ڪري ڇڏيو آهي. هن وقت صورتحال تحريڪ انصاف جي اسيمبليءَ ۾ ڪارائتي آهي ۽ ن ليگ حڪومت جي باقي رهڻ جو ڪوبه جواز نه ٿو ٿئي.