طالبان تحريڪ جي مضبوطي جو پسمنظر

تحرير: رياض ابڙو 

اها ٻي ڳالهه آهي ته طالبان کي سڀ کان وڌيڪ چندا، امدادون ۽ پيسا عرب ملڪن مان مليا ۽ پوءِ افغانستان اندر ڪڏهن مجاهد، طالبان ۽ ڪڏهن افغان نيم فوجي جوان بڻجي وڙهيا. انهن مجاهدن ۾ ايشيائي ملڪن جا ويڙهاڪ به شامل رهيا، جن کي گهربل تربيت ڏئي جنگي ميدان ۾ موڪليو ويندو هيو، جن جي جوش جي اها حد هئي ته ”اهي جهاد في سبيل الله ۾ حصو وٺڻ آيا آهن“ جن جي رجسٽريشن ۽ داخلا پاڪستاني بارڊر تي ٿيندي هئي ۽ تصديقي عمل کانپوءِ انهن کي جهاد ۾ شموليت اختيار ڪندا هيا. اهو به واضع هيو ته انهن سڀني جهادي تنظمن جا فائنانسر عرب ملڪ هوندا هيا، پاڪستاني احمدي رشيد (صحافي) جي ڊيٽا جي مطابق 1982 کان 1992 تائين 35 هزار جهادي تنظيمون يا شخص ان ڪم ۾ شامل رهيا، پر ان سڄي فنامانا مان مراد رڳو مذهبي انتها پسندي کي اڀارڻو ۽ هوا ڏيڻي هئي ته جيئن ٻئي ڪم ٿين، معني آمريڪا جي ”ڪاز“ به هلي ۽ جهاد في سبيل لله به ٿئي، جڏهن ته ان سڄي وارتا جي پٺيان آمريڪا جو سڌو سنئون هٿ به هيو ته جنگ جاري رهي. انهن ڪمن ۾ خاص اهو هيو ته روس جي اڳڀرائي کي ٻنجو ڏجي ۽ اسلامي شدت پسندي به وڌي. پر جڏهن ڪم نڪري وڃي ته انهيءَ شدت پسندي کي وري چٿجي چٻجي ۽ چيڀاٽجي ۽ ائين ئي هٿيارن جو ڪاروبار به هلي پوي. ڇو ته انهن ئي طريقن سان گهرو ويڙھ جو سلسلو، هٿيارن جي ڊوڙ، مذهبي انتهاپسندي طالبانائيزيشن، اسلامو فوبيا جي واڌ ۽ مسلمانن جي خواري جا سامان تيار ڪرڻا هيا. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن چالن جي پٺيان کڻي آمريڪا، سي آءِ اي، لوڪل ايجسنيون ۽ سيهوني طاقتون هيون، ان ڏس ۾ مذهبي جهادي تنظيمون وري اسلام جي خدمت ۽ ڦهلاءَ جي لاءِ به ڪوشان ٿي پيون، پر بيڪ گرائونڊ ۾ آمريڪا جو ٻيڙو تاري ويون. ان اڀار کانسواءِ روس جي خلاف اسلامي جهادي تنظيمن جو هڪ ٿيڻ مشڪل هيو ڇو ته مذهب جي نالي ماڻهن ۾ جوش، جذبو، اتحاد ۽ انهن کي منظم ڪرڻ آسان هيو ۽ عربن به ان ڳالهه ۾ آمريڪا جو ساٿ ڏنو.

ان وقت جي نيويارڪ ٽائيمز مطابق طالبان هڪ ننڍڙي تحريڪ يا ڳالهه مان اڀري وڏي طاقت ٿي ويا، جنهن جو اندازو شايد لوڪل ايجسنين ۽ سي آءِ اي کي ڀلي ڀتِ هيو، ڇو ته طالبان گھڻي ڀاڱي هيٺئين طبقي مان اڀرندا، داخل ٿيندا، ملندا پاڻ سلهاڙيندا ۽ طالبان جي تحريڪ کي منظم ڪندا ويا. جيئن ايران جي آيت الله خميني جي تحريڪ کي عام طبقي ۽ اتان جي مذهبي جنونيت وڏي هٿي ڏني، تيئن ئي طالبان جي تحريڪ ائين ئي پروان چڙهي. مارچ 2000 ۾ طالبان به خٿابي طبقي، مدرسن، واپارين ۽ مذهبي جنون رکندڙ طبقن ۾ پنهنجي خيال کي پختو ڪيو، ته هو جيڪي به ڪن پيا يا جيڪي به ڪندا، اهو سڀ اسلام جي لاءِ ۽ اسلام جي خاطر هوندو. طالبان جي سڄي تحريڪ دوران يا اڀرڻ وقت انهن جي اڳواڻي ۽ قيادت مان اهي واعدا پڪا ٿي چڪا هئا ته اهي هڪٻئي کي سيڪيورٽي مهيا ڪندا، ۽ فتح جي آخري گھڙيءَ تائين وڙهندا رهندا. ان ۾ هنن سان لوڪل ايجسنيون ۽ سي آءِ اي جو ساٿ رهندو آيو.

1989 ۾ سوويت جي ريڊ آرمي جي هارائجڻ کانپوءِ افغان صدر نجيب الله ٽن سالن تائين افغان سرڪار هلائيندو رهيو، پر 1992 ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي صدر نجيب الله کي آخر تاجڪ فورسز جي مجاهدن ڪرسيءَ تان لاهي ڇڏيو، پر رباني، احمد شاھ مسود، ازبڪ لساني گروھ جي سربراھ جنرل راشد دوستم اها ڳالهه ۽ فتح سنڀالي نه سگهيا ۽ حڪمت يار ولي فورن نئين سرڪار ٺاهڻ جو اعلان ڪيو، ۽ بيدرديءَ سان جبلن جي اونچائي تان بم ڪيرائيندو رهيو، جنهن ۾ پختون ۽ افغان (فارسي) مجاهدين هارائجي ويا، ۽ هنن اولھه افغانستان جو ڳچ حصو قبضي ۾ وٺي ڇڏيو، جيڪي ڪابل ۽ هيرات تائين ڪاهيندا آيا. اوڀر افغانستان ۾ تنهن مهل تائين پختون مجاهد قابض هيا، اهو جهيڙو مسلسل 10 مهينا هلندو رهيو، پر وري ڏکڻ افغانستان حالتون وري به ڳڻتي جوڳيون رهنديون آيون، جو هيومن رائيٽس کي ان ڳالهه جي ڳڻتي هئي ته اهي انهن ماڻهن جي جان، مال، عزت، آبرو جي حفاظت ڪيئن ممڪن ڪن ۽ انهن کي ڌاڙن، ڦورن ۽ چورين، زنا ۽ براين کان ڪيئن بچائن؟ ڇو ته اهي سڀ چوٽ چڙهي ويون هيون، افغانستان سڄو ڄڻ ٻري پيو، جو ڪير ڪنهن سان ڪنهن به ڳالهه ۾ سهمت نه هيو.

جنرل دوستم وري رباني ۽ احمد شاھ مسود سان ڳالهين ۾ ٺهڻ کان نابري واري ڇڏي هئي، ۽ انهن وري حڪمت يار سان ٺاھ ڪري ڪابل تي بم وسائڻ شروع ڪيا، ۽ ائين ئي هڪٻئي مٿان گولاباري ڪندي انهن 10 مهينا گذاريا، جو اهڙن بم بارودن، حالتن جي خراب ٿيڻ، خونريزي، ڌاڙن، چورين، زنا جي واقعن جي واڌ جي ڪري ماڻهن جي زندگي زهر ٿي وئي هئي، ۽ وري اهڙين حالتن ۾ وري طالبان جي فورسز جو اڀرڻ ناگزير ٿي پيو، ۽ ايستائين جو جيڪي به طالبان، پختون ۽ مذهبي جنون رکندڙ پاڪستاني مدرسن ۾ پڙهن پيا، اهي به طالبان جي همدرديءَ ۾ لهي پيا، تحرڪ زور ورتو، جو ماڻهن جو گھڻو انگ طالبان جي حمايت ۾ لهي آيو، ۽ ملان محمد عمر، افغان پختون، غلزئي قبيلي جا ماڻهو، هوتڪ قبيلي جا ماڻهو به اٿي کڙا ٿيا جيڪي طالبان جي مدد لاءِ تيار ٿي ويا.

صحافي احمد راشد جي رپورٽ مطابق ان دورن (ان سال) ٻن ڇوڪرين جي اغوا جو واقعو قنڌار ۾ پيش آيو، جنهن ۾ انهن طالبان جي مدد لاءِ پڪاريو، جنهن ۾ طالبان جي گروهن جنرل دوستم جي آرمي تي حملو ڪيو، ۽ انهن ٻن ڇوڪرين کي آزاد ڪرايو، ۽ ائين ئي طالبان جي هُوهَوا ٿي وئي. اهي ماڻهن جي مدد ڪندي، ماڻهن کي چورين، ڌاڙن، ڦرن ۽ زنا جي ڪيسن ۾ جنرل دوستم جي گروهن کان ماڻهن کي آجو ڪرائيندي ڏيکاريا ويا ۽ ائين اهي افعانستان ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي ويا.

آڪٽوبر 1994 ۾ طالبان جي گروهن ”اسپن بالڊاڪ“ جي بارڊر تي قبضو ڄمايو ۽ 3 نومبر تي طالبان قنڌار تي حملو ڪري ڏنو، 48 ڪلاڪن ۾ شهر تي قبضو ڪري ويا، ۽ هر روز هڪ نئين فتح ڪندا ويا. جنرل دوستم جا جٿا هارائبا ويا. 11 فيبروري 1995 تي 30 صوبن مان طالبان 9 صوبن تي قبضو ڪري ويهي رهيا. 5 سيپٽمبر 1995 تي طالبان هرات تي قبضو ڪيو، هڪ سال ۾ جلال آباد ۽ 15 ڏينهن کانپوءِ 26 سيپٽمبر 1996 تي طالبان ڪابل تي قبضو ڪري ويا. آهستي آهستي ڪندا اهي افغانستا جي صوبن تي قبضو ڄمائيندا ويا ۽ ماڻهن جي حمايت به وٺندا ويا. جنرل ملڪ وري جنرل دوستم سان بغاوت ڪري طالبان سان ملي ويو، ۽ 24 مئي 1997 تائين طالبان مزارشريف تي قبضو ڪري ويهي رهيا، جو آگسٽ 1998 تي طالبان وري شديد فائرنگ، گولاباري ۽ بمباري ڪري جنرل دوستم کي ازبڪستان ڀڄائي ڇڏيو، باقي رڳو احمد شاھ مسود ئي رهيو جيڪو هٿيار ڦٽا ڪرڻ ۾ دير ڪري رهيو هو. لوڪل ايجنسين ۽ آِ ايس آءِ جي سڌي سنئين آشيرواد هجڻ جي ڪري طالبان ڏينهون ڏينهن همت ۽ جوش سان مخالفن کي ڀڄائي ڇڏيو، ڇو ته قنڌار جي قبضي کانپوءِ هنن جي جٿن ۾ گھڻي ڀاڱي پاڪستاني مدرسن مان ماڻهو شامل ٿيندا ويا. پاڪستاني جميعت علماءِ اسلام جا مجاهد هنن سان گڏجي ويا، ۽ 1994 تائين تقريبن 12 هزار پاڪستاني ۽ ٻاهريان مجاهد هنن سان گڏجي پيا، جنهن سان افغاني پختونن کي وڙهڻ ۾ آساني ٿي، جنهن جي سپورٽ ۾ لوڪل ايجسنيون ۽ سي آءِ اي ڪلهوڪلهي بيٺيون هيون، جنهن سان طالبان کي وٺي طاقت ۽ همت ملي ۽ اهي آهستي آهستي افغانستان تي قبضو ڄمائيندا ويا، ۽ انهن جي تحريڪ مضبوط ٿيندي وئي.

1997 ۾ جڏهن هنن مزارشريف ۾ مارچ ڪيو، تڏهن غيرملڪي ماڻهن ۾ ڀاڄ پئي هئي، ڇو ته هنن طالبان جو مقصد هيو ته اهي جنرل دوستم جي ڊپٽي جنرل ملڪ کي پڪڙي هٿ ڪن. بجاءِ جو هنن کي ڪو رنڊ روڪ ٿئي، پر الٽو هنن کي آساني ٿيندي وئي، ته اهي ڏينهنون ڏينهن وڃن قبضا ڪندا،. پر احمد شاھ مسود جي علائقن تي قبضو ڪرڻ هنن جي ڏکيو ٿي پيو هو، جيڪي مشڪل سان 10 سيڪڙو علائقي تي قابض هيا. جهيڙو ڄڻ انهن گروهن جي وچ ۾ هلي پيو جيڪي آمريڪي آشيرواد وارا هيا، جيڪي سوويت يونين جي مدد سان هلي رهيا هئا، پر ان وري ڪجھه پنجابي طالبان جا گروھ جن ۾ 5000 ماڻهو (طالبان ۽ فوجي) شامل هيا، جيڪي احمد شاھ مسود سان ويڙھ لاءِ پهتا، ڇو ته احمد شاھ مسود ڪيترن پاڪستانين کي جيل ۾ بند ڪري ڇڏيو هيو.مقامي ايجنسي جو هڪ جهونو ايجنٽ امام سلطان عامر پاڪستان طالبان جي لاءِ ريڙھ جي هڏي هيو انهن جي مدد سان هٿيارن جي ايڪسپورٽ، آفيم، چرس ۽ ٻين سمگلنگ جي ڪمن ۾ هٿي ملندي هئي، جنهن طالبان جي جهادي تحريڪ هلندي رهي ۽ ڪامياب به ٿي. طالبان جي تحريڪن کان اڳ مشڪل سان 8 هزار مدرسا هوندا هيا. پر 1998 کانپوءِ انهن مدرسن جو تعداد 25 هزار ٿي ويو، جنهن ۾ 25 لک طالبان (خٿابي) ديني تعليم پرائي رهيا هئا، جن دارالعلوم حقانيه جهڙا مدرسا هلندا رهيا، انهن ۾ معمولي پڙهيل لکيل طالبان نما ملان ٻارن کي طالبان جي جهادي تنظيمن جا سبق پڙهائيندا هيا، ان سڄي وارتا ۽ تحريڪن ۾ اساما بن لادن کي فڪس ۽ فٽ ڪرڻو هيو، اساما بن لادن جي نيٽ ورڪ کي سوڊاني سان ملائي ڳنڍي هلائيندا رهيا ۽ تحريڪ مضبوط ٿيندي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.