12 سيپٽمبر- ايم آر ڊي شهيدن جو ڏهاڙو

تحرير: ممتاز ملاح

 12 سيپٽمبر 1983ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ جي ڪارڪنن ۽ شهر واسين پاران خيرپور ناٿن شاهه شهر جي روڊن رستن تي آمر ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ جي مڙهيل زبردستي آمريتي مارشل لا حڪومت خلاف ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ پُرامن احتجاجي مظاهرن جو سلسلو شروع ٿي ويو. قانون لاڳو ڪندڙن کي مليل حڪم تي ڪي اين شاهه شهر ۾ سخت ڪرفيو نافذ ڪيو ويو، ماڻهن کي پنهنجن گهرن تائين محدود رکڻ لاءِ مٿن سختيون وڌيون ويون. ايم آر ڊي تحريڪ پاران جڏهن گرفتاريون پيش ڪرڻ لاءِ خيرپور ناٿن شاهه جي اهم سياستدانن ۽ مُک سياسي ڪردارن ۾ اڳوڻو ايم پي اي مرحوم امير بخش جوڻيجو ۽ اڳوڻو وفاقي وزير مرحوم حاجي ظفر علي لغاري، اڳوڻو ايم اين اي مرحوم رفيق احمد مهيسر، اڳوڻو ايم پي اي مرحوم منور خان ٻٽ، امير علي ايري، مرحوم عبدالقادر ٻگهيو، عبدالحليم مهيسر، مرحوم راجا بشير احمد ٻگهيو، عبدالغني چانڊيو، مرحوم ڪامريڊ لياقت علي کوسو، بچل پليپوٽو، مرحوم سردار مير خان ٻٻر، مرحوم محمد الياس جوکيو، قاضي محمد اشرف، فيض چانڊيو، عبدالجبار کوسو، مرحوم غلام حسين جانوري، مرحوم وڪيل رسول بخش بروهي، شهاب عباسي، آفتاب چانڊيو، نور محمد چانڊيو، مرحوم حاجي نبي بخش شيخ، امام بخش قمبراڻي، ڪامريڊ بخشل گوريلو، راجا لغاري، شڪور چنا، بخشل چانڊيو، مرحوم تراب سانگي، گل جاني بروهي، محمد جعفر سوڍر، بدرالدين شيخ، بدر چانڊيو، حبيب الله لانڊر سميت سَوين ڪارڪنن ”جيل ڀريو تحريڪ“ جي فيصلي تحت گرفتاريون پيش ڪرڻ لاءِ جڏهن خانپور جوڻيجو ۽ سيتاروڊ کان عوام جي وڏي انگ ۾ ڌار ڌار جلوسن جي صورت ۾ خيرپور ناٿن شاهه پهتا، جيڪي جلوس عوام جي وڏي انگ جي شڪل اختيار ڪندي اڳتي وڌڻ لڳا ته فوجي قوتن اُن کي روڪي ورتو.

عوامي جلوس جيڪو مختيارڪار ڪي اين شاهه آفيس ڀرسان سب جيل طرف وڌڻ لڳو، جنهن جلوس کي "ريسٽ هائوس” وٽان گذرڻو هو، جتي ريسٽ هائوس وٽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن جي هيڊ آفيس طور تي ”مين پوائنٽ“ هئي، جتي فوجي دستي جي رهائشگاهه پڻ هئي. عوامي ردعمل، ”جيل ڀريو تحريڪ“ جو قافلو سڌو مختيارڪار آفيس سب جيل ڏانهن وڌي رهيو هو، جنهن وڏي هجوم کي ڏسندي قانون لاڳو ڪندڙن پاران عوام جي وڏي هجوم کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا گولا اڇلايا ويا، زبردست گئس شيلنگ ڪئي وئي، جيئن ماڻهن کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، گئس شيلنگ دوران "ريسٽ هائوس چوڪ” جهيڙي جي ميدان ۾ تبديل ٿي ويو، صورتحال هٿن مان نڪرڻ لڳي هئي. جلوس جي مڇريل ماڻهن اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪافي ماڻهو اڳتي وڌيا ۽ مختيارڪار آفيس پهچي ڀڃ ڊاهه پڻ ڪئي، مڇريل ڪارڪنن مختيارڪار آفيس ۾ سندس بيٺل جيپ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.

هي پهريون واقعو هو، جيڪو جنرل ضياءُ الحق جي آمريت سان ڀرپور نفرت جو اظهار ڪندي باهيون ڏيڻ جو ڀرپور مظاهرو ڪيو. ٻئي طرف ايم آر ڊي جا سوين ڪارڪن جمهوريت جي بحالي جي سخت نعريبازي ڪندي ”ريسٽ هائوس“ اڳيان پهتا ته ريسٽ هائوس ۾ موجود قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن ايم آر ڊي ”جيل ڀريو تحريڪ“ جي جلوس مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، جتي حساس ادارن جي اهلڪارن ماڻهن مٿان سڌي فائرنگ ڪرڻ شروع ڪئي وئي. هڪ طرف هٿين خالي جمهوريت جا پروانا هئا جيڪي ملڪ ۾ لاڳو مارشل لا خلاف روڊن تي نڪتل هئا، جمهوريت جا ديوانا جمهوري نظام آڻڻ ۽ ڊڪٽيٽرشپ جي خاتمي جون صدائون بُلند ڪندي نعريبازي ڪري رهيا هئا. جمهوريت جي ديوانن جي سينن تي رياستي اهلڪارن ظلم برپا ڪندي سڌيون گوليون هلائي ڪي اين شاهه جي رستن ۽ روڊن کي سندن جي رت سان ڳاڙهو ڪري ڇڏيو. ڪي اين شاهه جا روڊ رستا انساني رت سان وهنجي ڳاڙها ٿي ويا. ان وقت ڪي اين شاهه ۾ قيامت صغري’ برپا ڪئي وئي، جمهوريت جي پروانن کي جمهوريت جي قيام جي نعري ھڻڻ تي کين ايترو ڀوڳڻو پيو جو سندن لاش ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين روڊن تي لاوارث پيل رهيا. وارثن هوندي لاوارثي جيان شهيدن جي لاشن تائين وارثن کي به اچڻ نه پيو ڏنو ويو، شهر مٿان به گولين جي برسات هلائي شهرين کي هراسان ڪري کين گهرن ۾ بند رکيو ويو، 12 سيپٽمبر جي ڏينهن جمهوريت جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪندڙ 9 ڄڻا موقعي تي ئي شهيد ٿي ويا.

هي ايم آر ڊي تحريڪ جو پهريون واقعو هو، جنهن ۾ خيرپور ناٿن شاهه جي ڌرتي ايم آر ڊي شهيدن جي رت سان ڳاڙهي ڪئي وئي. قلم 144 لاڳو هجڻ ڪري ماڻهن کي گهرن ۾ بند (قيد) رکيو ويو هو، ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين شهيدن جي وارثن کي لاش کڻڻ لاءِ پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو. اڪثر ماڻهو پنهنجن پيارن جي ڳولا ڪندي بيهوشي جي عالم ۾ گم ٿي ويا هئا، رياستي اهلڪارن جو خوف ۽ حراس، ڏهڪاءُ سڄي شهر ۽ تعلقي ۾ ڦهليل هو، گوليون هلڻ جو خطرناڪ سائرن وڄي رهيو هو، اڪثر شهري پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيا هئا، فائرنگ جي اڻ کٽندڙ سلسلي سبب هراس ڇانيل رهيو، معصوم ٻارڙا خوف وچان ڪيهاٽ ڪري رهيا هئا. اهڙي دردناڪ واقعي سبب ڪيترين ئي عورتن جا حمل به ضايع ٿي چُڪا هئا، ڄڻ ته ڪي اين شاهه ۾ ڪربلا جهڙي دردناڪ واقعي ٻيهر جنم ورتو هجي.

ايم آر ڊي تحريڪ دوران ڪي اين شاهه ۾ ٿيل دردناڪ واقعي کي 41 سال گذري ويا آهن، پر واقعي کي ياد ڪندي اڄ به اکين مان ڳوڙها تري اچن ٿا، جيڪي شهيدن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ڳوڙها ڳڙي ڳلن تائين پهچي وڃن ٿا. هونئن ته پيپلزپارٽي سنڌ ۾ اڪثر حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ رهي آهي، ايم آر ڊي جي شهيدن جي پونئيرن ۾ وقت بوقت نوڪريون ڏيڻ سميت سندن جي سار سنڀال لهڻ ۽ شهيدن جي قبرن، مزارن تي حاضري ڀري فاتحه خواني ڪرائي کين ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ هر سال ننڍا توڙي وڏا جلسا ۽ تقريبون منعقد ڪيون وينديون آهن.خيرپور ناٿن شاهه ڊگري ڪاليج جي باءِ پاس وٽ شهيدن جي نالي سان "خوبصورت يادگار” جوڙايو ويو آهي، جنهن تي ايم آر ڊي جي شهيدن جا نالا پڻ لکيل آهن. جمهوريت جي بحالي لاءِ پنهنجون عظيم قربانيون ڏئي پاڻ هميشه لاءِ امر ٿي ويا ۽ تاريخ کين سُنهرن اکرن ۾ محفوظ ڪري سيني سان لڳائي ڇڏيو آهي. پيپلزپارٽي پاران هر سال شهيدن کي ياد ڪري کين ڀيٽا ڏيڻ لاءِ تقريبون منعقد ڪيون وينديون آهن، قومي هيروز کي سلام پيش ڪيو ويندو آهي. ايم آر ڊي تحريڪ دوران سرگرم اڳواڻ رهندڙ اڳوڻي ايم پي اي امير بخش جوڻيجو جي پوٽي ڪي اين شاهه تڪ پي ايس 83 تڪ تي بنا مقابلي چونڊيل پ پ ايم پي اي زبيراحمد جوڻيجو پاران 12 سيپٽمبر جي ڏهاڙي تي سندس رهائشاهه جوڻيجا هائوس خانپورجوڻيجو تعلقه خيرپورناٿن شاهه ۾ شهيدن جي ورسي ملهائي ويندي.

هي پهريون واقعو هو، جيڪو جنرل ضياءُ الحق جي آمريت سان ڀرپور نفرت جو اظهار ڪندي باهيون ڏيڻ جو ڀرپور مظاهرو ڪيو. ٻئي طرف ايم آر ڊي جا سوين ڪارڪن جمهوريت جي بحالي جي سخت نعريبازي ڪندي ”ريسٽ هائوس“ اڳيان پهتا ته ريسٽ هائوس ۾ موجود قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن ايم آر ڊي ”جيل ڀريو تحريڪ“ جي جلوس مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.