نوجوان ليکڪ ۽ سماج سڌارڪ ساجد مسڻ

تحرير: عرفان گل ڏاهري

 نئين نسل جي سُچيت، سجاڳ، سُڄاڻ ۽ سماج سڌارڪ جوانن ۾ ساجد حسين مسڻ جو نالو به نمايان آھي.ھن جو جنم 12 سيپٽمبر 1990ع ۾ ڳوٺ چنهڙ ۾ مٺل خان مسڻ جي گھر ۾ ٿيو. جڏھن هي وڌي ويجھي وڏو ٿيو ته: پيغمبري پيشي سان لاڳاپيل سندس والد ئي کيس علم جي مشعل ھٿ ۾ ڏني، جيڪا کڻي ھو اڳتي وڌيو ۽ ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد ميٽرڪ جو امتحان 2006ع ۾  گورنمينٽ هاءِ اسڪول نصيرآباد مان پاس ڪيائين، جڏھن ته: انٽر ميڊيٽ 2008ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڏوڪري مان مڪمل ڪيائين، اڳتي ھلي ھن بي ڪام 2010ع ۾ گورنمينٽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻو مان پوري ڪئي، ۽ اعلي تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ ھن سڀ کان پھرين 2012ع ايم اي انگلش ڪئي، ۽ 2015ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان فرسٽ ڪلاس ۾ پبلڪ ايڊمنسٽريشن شعبي جي ڊگري حاصل ڪئي.

اھڙي ريت، تعليمي سفر سان گڏوگڏ ۾ لکڻ پڙھڻ سان سندس ذوق ۽ شوق 2007ع کان شروع ٿيو، جنھن سبب ھن ڪيترن ئي علمي ادبي رسالن ۾پابندي سان لکڻ شروع ڪيو . جنھن ۾ ھن ابتدائي طور عوامي آواز جي مئگزين ۾ ٻارڙن جا انٽرويو وٺڻ شروع ڪيا ۽ بعد ۾ ھن سنڌ جي مختلف اديبن، محققن ۽ دانشورن جي ڪتابن جي تي تبصرا ۽ تعارف به لکڻ شروع ڪيا، ھن سنڌ جي مختلف مدبر ۽ مهان شخصيتن جي باري ۾ به لکڻ شروع ڪيو ۽ سندن زندگيءَ تي مشتمل مختصر ۽ مفصل سوانحي ۽ ادبي خاڪا به لکڻ شروع ڪيا. ايئن هن

کاھوڙي ۽ جاکوڙي نوجوان پنھنجي ھمت ۽ حوصلي سان زندگيءَ جي ھر ميدان تي پاڻ ملهائي ڏيکاريو آھي، کِلڻي ملڻي ۽ سٺي سڀاءَ جو ساءُ ڏيندڙ ھن نوجوان جو ھر انداز نرالو آھي،  تقرير جو فن ته ڪو ھن نوجوان کان سکي، جڏھن به  ڳالهائڻ شروع ڪندو ته اصل وڻ ئي وڄائي ڇڏيندو،  ڪچھريءَ جو اھڙو مور جو جڏھن به ڳالهائيندو ته اصل مدلل ۽ مختصر ڳالهه ڪندو،  بي تُڪي ۽ بيجا ڳالهه کان ته اصل وونئن ويندو آھي، درگاھ عاليه لواري شريف سان سلهاڙيل ھجڻ سبب ھو ناجيه شاگرد تنظيم جي ھر پليٽفارم تي شاگردن جي ھمت ۽ حوصلا افزائي ڪندو رھي ٿو، ڪيريئر ڪائونسلنگ ۽ گائيڊنس کان ويندي موٽيويشنل ليڪچرس جي صورت ۾ ھر نوجوان جو ڀرجھلو بڻجي، کين سندن زندگيءَ ۾ آيل ھر ممڪن موقعي جي حاصلات لاءِ به ھمٿائي ۽ اُتساھي ٿو.

ڪمپيئرنگ ڪرڻ جو به منجهس وڏو ڏانءُ آهي، سياسي سماجي، ادبي توڙي سرڪاري سطح تي ٿيندڙ پروگرام وڏي اعتماد ۽ سمجهداري سان ڪندو رهي ٿو. ننڍي عمر ۾ اهڙي شهرت ۽ عزت ڪنهن کي نصيب ناهي ٿيندي.

هن محبتي مڻيادار ۽ سمجھدار مانائتي ۽ قربائتي دوست جي من ۾ محبت جي ميخ اھڙي ته کُتل آھي، جو ھن وقت پوليس کاتي ۾ رھندي، پنھنجي مسڪينن ۽ ماروئڙن جي ھر مسئلي تي اڳيان اڳيان ڏسڻ ۾ ايندو آھي ۽ سندن داد رسيءَ جي لاءِ ھو ھر فورم تي سندن آواز بڻجي، انھن جي ڀرپور نمائندگي به ڪندو آھي. صوفي فڪر جي لات سان لنؤ رکندڙ ھن محبتي انسان جو ھر قدم ۽ ھر وک انسان دوستيءَ جي طرف وڌنڌي رھي ٿي ۽ دعا آھي ته: شال ! ھي پيارو جُڳ جُڳ جيئي ۽ ائين ئي پنھنجي ديس ۽ ديس واسين جي خدمت ڪندو رھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.