آمريڪا وچ اوڀر ۾ ٻھ رياستي حل جي حمايت ڪري ٿو پر اسرائيل اڃان تائين ضد ڇڏڻ لاءِ تيار نھ آھي،ٻئي پاسي سعودي عرب اھڙي صورتحال ۾ اچي ڦاٿو آھي جو صورتحال مان لڳي ٿو تھ يا تھ ھو فلسطين جي رياست جي قيام جي حمايت ڪري سگھي ٿو يا وري اسرائيل کي ئي تسليم ڪري سگھي ٿو.خطي ۾ جنگ جاري آھي،ٽياڪڙي جون رسمي ڪوششون بھ جاري آھن، پر ھن وقت تائين ڪا بھ وڏي اڳڀرائي سامھون نھ آئي آھي.
گذريل سال وچ اوڀر ۾ شروع ٿيل جنگ ختم ٿيندي نظر نھ پئي اچي، پر جنگ ھلندي بھ اسرائيل پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي رھيو آھي.عالمي دٻاءَ باوجود اسرائيل فلسطين جي علائقن ۾ پنھنجيون آباديون وڌائي رھيو آھي،جڏھن تھ سعودي عرب جيڪو جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي ويجھو ھو، ھن وقت بھ اسرائيل اھڙي ڪوشش ڪري رھيو آھي ۽ موٽ ۾ سعودي عرب سان ڪنھن مشورط ڳالھھ کي مڃڻ لاءِ تيار نظر نھ پيو اچي.
آمريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن جو چوڻ آهي ته غزه ۾ جنگبندي سان گڏ، جنوري ۾ نئين آمريڪي صدر جي اچڻ کان اڳ سعودي عرب امڪاني طور تي اسرائيل کي تسليم ڪري سگهي ٿو. هيٽي ۾ نيوز ڪانفرنس ڪندي بلنڪن چيو ته جيڪڏهن جنوري کان اڳ غزه ۾ جنگبندي ٿي وڃي ٿي ته سعودي عرب جي اسرائيل سان لاڳاپن معمول تي اچڻ جو ھڪ موقعو اڃا به موجود آهي.هن چيو ته جيڪڏهن غزه ۾ جنگبندي ٿئي ٿي ته امڪان آهي ته جو بائيڊن جي عهدي ڇڏڻ کان اڳ سعودي عرب اسرائيل کي تسليم ڪري وٺي.