سياسي استحڪام ئي معاشي بحران جو حل آهي

تحرير: سڪندر چنو

پاڪستان ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي چڪو آهي. پرنسٽن جي اقتصادي ماهر جيفر ڪارفورڊ پاڪستان جي حڪمرانن ۽ اشرافيا کي خبردار ڪيو آهي ته پاڪستان نه رڳو معاشي مشڪلاتن ۾ بريءَ طرح ڦاسي چڪو آهي پر سياسي طور به ڌٻڻ ۾ اهڙو ته ڦاسي پيو آهي جو في الحال ان ڌٻڻ مان به نڪرڻ جو پري پري تائين ڪو رستو نظر ڪونه ٿو اچي. هن وقت پاڪستان کي ٻنهي هٿن سان ڦريو ۽ لٽيو وڃي ٿو ۽ پاڪستان جي عوام کي غربت ۾ ڦاسائي اسٽيڪ هولڊر، حڪمران ۽ اشرافيا پاڪستان کان ٻاهر ملڪيتون خريد ڪري رهيا آهن. دبئي ليڪس ۾ اهڙا ته نالا ظاهر ٿيا آهن جيڪي هن وقت پاڪستان ۾ اهم ۽ سڻڀن عهدن تي موجود آهن.

هتان عوام کان ٽيڪس وسيلي پئسو اوڳاڙي ڪرپشن ڪري پاڪستان کان ٻاهر ڪڍيو پيو وڃي ٻيو ته سڀ ڪجهه پنهنجي جاءِ تي پر بجلي جي بلن ۾ اهڙا ٽيڪس آهن جيڪي گمنام آهن جن کي Other Taxes جو نالو ڏنو ويو آهي. اهي ٽيڪس اشرافيا ۽ حڪمرانن جون جيب خرچيون آهن. ڪيترن ئي سالن کان وٺي نام نهاد Independent Power Purchasers يعني IPPs کي اربين روپيه خوام خواهه ڏنا پيا وڃن. انهن بجلي پيدا ڪرڻ جي نالي تي ڪارخانا لڳايا جيڪي وزيراعظم شهباز شريف جي ٻن پٽن جي نالي تي آهن. سندن ڪارخانن هڪ يونٽ بجلي به پيدا ناهي ڪئي پر انهن کي ڪروڙين روپيا هر مهيني ڏنا پيا وڃن. حڪمران عوام جي اکين ۾ مرچ وجهي ڦريو ۽ لٽيو پيو وڃي. پر ان خلاف ڪنهن به آواز نه اٿاريو آهي. آمريڪي اقتصادي ماهر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پاڪستان مٿان دنيا جي قرضن جو ايڏو ته وڏو پهاڙ ٿي ويو آهي جيڪو آسمان سان وڃي لڳو آهي. قرضن جو جبل جيڏو پهاڙ ڪيئن ۽ ڪير لاهيندو؟ ڪٿي ائين ته ناهي ته دنيا کان قرض وٺي هيءَ حڪمران به پاڪستان کي الوداع ڪندي ٻاهر ڀڃي ويندا ۽ پوءِ حڪومت عمران خان سنڀاليندو جيڪو پهاڙ جيڏن قرضن سان اهو اچي منهن ڏيندو؟ ذريعا اهو به ٻڌائن ٿا ته بني گالا کي رنگ ۽ روغن ڪرڻ جو آغاز ٿي چڪو آهي بني گالا جو مهمان جلد اچڻ وارو آهي.

پاڪستان تحريڪ انصاف جو 8 تاريخ وارو جلسو جيتوڻيڪ گادي واري شهر اسلام آباد کان 100 ڪلوميٽر پري هو ۽ تحريڪ انصاف جي جلسي کي اسلام آباد ۾ اجازت ان ڪري نه ڏني ويئي جو حڪومت ان خدشن ۽ وسوسن ۾ گم ٿي ويئي ته ڪٿي متان ماڻهو وزيراعظم هائوس ۽ ٻين ادارن تي حملو ڪندي بنگلاديش واري صورتحال نه پيدا ڪري وجهن. حڪومت مٿان خوف طاري ٿيل هئو. بهرحال جلسي کان پوءِ اسلام آباد ۽ ٻين لاڳاپيل شهرن ۾ ڳڻتي واري صورتحال پيدا ٿي ويئي آهي. انگريز معاشي ماهر جو ڌيڪ چوڻ آهي ته پاڪستان ملازمن جي پگهارن، پينشن جي ادائيگي ۽ پاور سيڪٽر جيڪو ناڪاميءَ طرف ويندي پنهنجي اصل رستي تان ڀٽڪجي ويو آهي. هيءُ اهڙا ته عوام جي نڙي تي لت ڏيندڙ ادارا آهن جن جي ڄار ۾ پاڪستان بريءَ طرح ڦاسي پيو آهي جو اتان نڪرڻ جي پاڪستان کي ڪابه واٽ نظر ڪونه ٿي اچي. پاڪستان جون معاشي حالتون هڪ ڀيانڪ تصوير پيش ڪري رهيون آهن. هن وقت دنيا جون نظرون پاڪستان ۾ کتل آهن ۽ مختلف ملڪن ۾ سس پس ٿي رهي آهي ته پاڪستان ڪهڙي طرح نه ٻٽنگو ڦاٿو آهي. پاڪستان معاشي توڙي سياسي طور وڏو ڪمزور ٿيندو پيو وڃي. دشمن ملڪ پاڪستان مٿان حملو ڪرڻ جي تاڙ ۾ ويٺل آهن. پر الائجي ڇو حڪمران طاقت جي نشي ۾ ڌت ٿي سڀ ڪجهه وساري ويٺا آهن. عوام کي جنهن مهنگائي ۽ غربت افلاس جي ڌٻڻ ۾ ڦاسايو ويو آهي ان مان خوف ٿي رهيو آهي ته ڪٿي خوني انقلاب جي چڻنگ نه اٿي پوي. بلڪل ائين جيئن تيونس ۾ اٿي ۽ پوءِ ڪوبه ان کي وسائي نه سگهيو. عوام کي بهتر بجلي ميسر ناهي، لوڊشيڊنگ عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. سمجهه ۾ اهيا ڳالهه نٿي اچي ته هاڻي جڏهن ماڻهن وٽ سولر سسٽم اچي ويو آهي پوءِ به بجلي جي لوڊشيڊنگ؟ اڄ پاڪستان جي معيشت کي هلائڻ لاءِ 11.974 ٽريلين جي تڪڙي ضرورت آهي. پاڪستان جي گردشي ڪرنسي 9.12 ٽريلن آهي. هن وقت پاڪستان کي ٻاهران پئسو موڪليندڙن ۽ سخاوت ڪندڙ تي ڀاڙيون ويٺو آهي. جيڪڏهن ٻاهران پاڪستان جو پئسو اچڻ بند ٿي ويو ته پوءِ پاڪستان جو ٿورو گهڻو ٻرندڙ ڏيئو به اجهامي ويندو. 1960 جي ڏهاڪي ڌاري اڳوڻو فرانسي صدر چارلس ڊي گال چيو هو ته ڊالر جي دنيا جي بنيادي ڪرنسي جي حيثيت سان آمريڪا کي ٿيندڙ فائدن تي آءٌ سخت تنقيد ڪيان ٿو. هن وقت به آمريڪا اڪثر ملڪن جو وڏو قرض آهي.

پاڪستان جو مستقبل اونداهي ڏانهن تيزيءَ سان وڃي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي معيشت بدستور خطرناڪ حالتن ۾ اچي ڦاسي پئي آهي. ان مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪنهن وٽ به اهليت ۽ عقل ناهي. سڀ پنهنجي مال بنائڻ ۾ لڳا پيا آهن. اسحاق ڊار يا اورنگ زيب خان جڏهن حڪومت گهر ڀيڙو ٿيندي ته پوءِ ڪاڏي ويندا؟ ان بابت وڌيڪ ڳالهائڻ جي ضرورت ناهي. پاڪستان جي حڪمرانن گهرجي ته ڪجهه صبر ۽ سهپ جو مظاهرو ڪري ملڪ ۾ سياسي استحڪام آندو وڃي ڇاڪاڻ ته ان کان سواءِ ملڪ جي اقتصادي ٻيڙو ڪڏهن به ترندو ڪونه پر اڃان به ٻڏندو ئي رهندو. ملڪ جي حالت سري لنڪا کان به وڌيڪ خطرناڪ حد تائين پهچي چڪي آهي. ان کان اڳ جو دير ٿي وڃي ۽ سڀ افسوس ڪندا رهن ملڪ ۾ سياسي استحڪام آڻڻ لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن کي هڪ ٽيبل تي ويهڻ گهرجي. پوءِ ڀلي اهو عوام خاطر هجي يا ملڪ خاطر. دشمن ملڪ پاڪستان جي ڪمزورين مان فائدو وٺي سگهي ٿو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.