لڳ ڀڳ گذريل ويھن سالن کان پرنٽ، براڊڪاسٽ، اليڪٽرانڪ ۽ ڊجيٽل ميڊيا جي گڏيل تجربي جي آڌار تي آئون اھو چئي سگھان ٿو ته ميڊيا (شايد) اھو واحد شعبو آھي جنھن ۾ لاڳپيل تعليمي قابليت رکندڙ نوجوانن جي ڀرتي ٻين شعبن جي ڀيٽ ۾ گھٽ انگ ۾ ٿيندي آھي. سواءِ ڪجهھ وڏن ادارن ۽ ان ۾ به، سواءِ ڪجهھ ٽيڪنيڪل عھدن مثال: مارڪيٽنگ ۽ سيلز، فنانس ۽ آڊٽ، ھيومن رسورس يا وري نيوز ۽ ڪرنٽ افيئرز واري شعبي ۾ لاڳاپيل ڊگريون رکندڙ ماڻھن کي شامل ڪيو وڃي ٿو. باقي ان کانسواءِ ٻين شعبن ۾ گھڻي ڀاڱي اميدوارن جي تعليمي قابليت جو عھدي يا شعبي سان ڪو تعلق ناھي ھوندو. فقط گھربل گھٽ ۾ گھٽ عمر، تجربو، ڪِرت تي مھارت يا شروعاتي طور ھڪ سيکڙاٽ طور شموليت ۽ پوءِ اڳتي ھلي ڪم ڪار سٺو ۽ چال چلت چڱي ڏسنديَ فيصلو ڪيو ويندو آھي ته کيس ڪٿي ڪتب آڻجي. ۽ وري ميڊيا ۾ ڪم ڪندڙن جون پگھارون ٻڌندئو ته گھڻن جو ڇرڪ ڇڏائجي وڃي.
اوھانکي خبر آھي ته جيڪي ھِن ڪِرت سان ناتو نڀائيندا پيا اچن سي گذرسفر خاطر يا ته ھڪ ئي وقت ٻه ٻه ٽي ٽي نوڪريون پيا ڪن يا ھن شعبي کانسواءِ ڪو ٻيو ڪم نٿا ڄاڻين انڪري ھن شعبي ۾ آھن. الائي ته ڪيترا آھن جيڪي حسين خوابن جي ڪوڙين تعبيرن پٺيان پنھنجو وقت، ٽيلينٽ ۽ عمريون وڃائي چڪا آھن ۽ پوئتي وري اھڙا سوين سِڪايل منتظر ويٺا آھن. ڇو جو کين صرف ميڊيا جا ششڪا پيا نظر اچن. قبر جو حال _ مُردي کي خبر !
اصل ۾ مسئلو اھو آھي ته ميڊيا جي مٿي ڄاڻايل شعبن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ گھربل تعليمي قابليت ماس ڪميونيڪيشن، ميڊيا سائنسز يا ميڊيا اسٽڊيز ناھي. پر انھن شعبن کانسواءِ جھڙوڪ پروگرامنگ، پراڊڪشن وغيرہ ۾ ته ميڊيا گريجوئيٽس گھربل ھجڻ کپن پر نه … ! پوءِ آخر سڄي ملڪ مان ھر سال ميڊيا پروگرامن جون ڊگريون ماڻيندڙ ھزارين نوجوان ڇوڪرا ڇوڪريون ڪيڏانھن وڃن؟ جن سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽين ۾ داخلا حاصل ڪئي ۽ ڏينھن رات ھڪ ڪري مختلف شعبن ۾ مھارت سکِيِ ۽ ڊگري ماڻي آھي. تارو ئي ڪراچيءَ ۾ ٿيل ھڪ تربيتي پروگرام ۾ غازي صلاح الدين، ڪمال صديقي ۽ وسعت الله خان جھڙن نامياري صحافين ۽ ميڊيا جي سينئرترين شخصيتن کان اھو سوال ڪيو ويو ته آخر يونيورسٽين مان ميڊيا جون ڊگريون ماڻيندڙ شاگردن شاگردياڻين جو مستقبل ڇا آھي؟ ته انھن پاڻ به سڀ کان وڏي پريشاني اھا ٻڌائي ته ھن شعبي ۾ جيتري کپت آھي مارڪيٽ ۾ وکر ان کان وڌيڪ موجود آھي. ٻيو ته نوجوان لڪير جا فقير آھن. اھو ڄاڻڻ بنا ته ھن شعبي جي بنيادي گھرجن کي شاگرد پورو ڪري ٿو يا نه بس لھي ميدان ڪن ٿا ۽ پوءِ ٻئي ھٿ مٿي تي ھوندا اٿن. اڄڪلهھ سڄي دنيا ۾ ميڊيا ناظرين يا سامعين کي لُڀائڻ لاءِ نوان نوان لاڙا ۽ طور طريقا آزمائيندو رھي ٿو. پر اسانجو ميڊيا گريجوئيٽ ان ڏس ۾ پوئتي آھي. ان ۾ روزگار جي رڪاوٽن کان وٺي مناسب تربيت جي کوٽ، مالي عدم استحڪام ۽ غير مستحڪم سماجي-سياسي ماحول پڻ شامل آھي. انگن اکرن موجب، پاڪستاني نوجوانن جو لڳ ڀڳ 39 سيڪڙو ملازمت ڪندڙن تي ٻڌل آھي ۽ انهن مان يقينن اٽي ۾ لوڻ برابر حصو ميڊيا جي شعبي ۾ آهي. اھو سوال جڏھن ميڊيا ادارن ڏانھن کڻي وڃجي ٿو ته سندن موجب شاگردن کي نصابي تعليم دوران صنعت جي ضرورتن مطابق مضمون پڙھايا ئي نٿا وڃن.
ڪيتريون ئي يونيورسٽيون اڃا تائين روايتي ميڊيا جا طريقا سيکارين ٿيون. سندن نصاب پرنٽ ۽ براڊڪاسٽ صحافت تائين محدود آھن. جڏھن ته ان جي ابتڙ اڄ جي گهرج ڊجيٽل ۽ ملٽي ميڊيا مهارتن جي آهي. پرنٽ ۽ براڊڪاسٽ ۾ پڻ ڊجيٽل رنگ شامل ٿي چڪو آھي. پر اسان وٽ مواد ٺاهڻ، سوشل ميڊيا حڪمت عملي، ڊيٽا ايناليٽڪس، ۽ ڊجيٽل اسٽوري ٽيلنگ ۾ مهارت جي شديد کوٽ آهي.
هڪ صحافي يا ميڊيا ورڪر جي سراسري آمدني ٻين صنعتن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي. وڏن شھرن کي ڇڏي ڪيترائي وڏا ادارا پنھنجي صحافين کي رڳو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ مائيڪ لوگو سميت ڏيئي ڪم سان لڳايو ويٺا آھن ته پاڻ به کائو ۽ اسانکي به کارايو. يعني اشتھار وغيرہ ھٿ ڪري اچو ته ان مان توھانکي توھانجي محنت جي اجرت ملي باقي ماھوار پگھار جو ڪو تصور ناھي پوءِ نتيجي ۾ ڪيبن وارو، رڪشا وارو، ننڍو وڏو ٻيو ڪاروبار ڪندڙ ماڻھو پنھنجي ذاتي خوشي، دلچسپي ۽ مزي خاطر يا ميڊيا جو دھمان رکڻ خاطر ڪم کي کنيو ويـٺو آھي ۽ نتيجي ۾ واسطيدار شعبي جو گريجوئيٽ مکيون پيو ماري. آئون وري به ذاتي تجربي جي بنياد تي اھو ئي چوندس ته ميڊيا ۾ اڪثر شاگردَ، شهرت ۽ ششڪيَ جي اميد سان اچن ٿا. پر زميني حقيقت مختلف آھي. اڪثر صحافي ۽ ميڊيا ورڪر ڏکين حالتن ۾ ۽ گهٽ پگهار تي وڏوعرصو ڪم ڪن ٿا. ڪيترائي وڏا ادارا به ٽي ٽي چار چار مھينا پگھارون نٿا ڏئي سگھن. جان جو جوکم ڌار اٿن.
ان صورتحال ۾ ڊجيٽل ميڊيا ڏانھن ماڻھن جو لاڙو ضرور وڌيو آھي. پر اتي به ٻيا چيلينجز آھن. شروعاتي خرچ پُکي کي ذاتي کيسي مان منھن ڏيڻ، تسلسل سان مواد پيش ڪرڻ، ڊجيٽل مارڪيٽنگ ۽ سوشل ميڊيا جي مھارت ھجڻ وغيرہ. انهن سمورن چئلينجن ۽ صورتحال کي بھتر ڪرڻ لاءِ ضروري آھي ته تعليمي ادارا ميڊيا پروگرام جي نصاب کي اپڊيٽ ڪن. جنهن ۾ ڊجيٽل ميڊيا سال لاڳاپيل صلاحيتن کي وڌائي سگھجي، تحريري نصاب کان وڌيڪ تجربن لاءِ ھمٿائجي، ڪئميرا، مائيڪ، سافٽ ۽ ھارڊويئر جو استعمال يقيني بڻائجي، ڊيٽا صحافت ۽ سوشل ميڊيا مينيجمينٽ کي ضرور شامل ڪجي. ان سان تعليمي ادارن ۽ صنعت جي ضرورتن جي وچ ۾ گھرج ۽ کپت جي فرق کي ختم ڪري سگهجي ٿو. شاگردن کي سکيا مرڪزن ۽ تربيتي پروگرامن وسيلي ادارن ۾ انٽرشپس ڏنيون وڃن. ميڊيا هائوسز، اشتهارن جي ايجنسين ۽ ڊجيٽل ڪمپنين ۾ پڻ انٽرشپس آڇيون وڃن. قومي پروگرام تحت سرڪاري سطح تي پڻ ڊجيٽل ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سان لاڳاپيل مهارتن تي مشتمل تربيتي پروگرام تيار ڪجن جن مان نوجوانن کي لاڀ ملي سگھي. يونيورسٽين ۽ پيشه ورادارن کي بهتر ڪيريئر ڪائونسلنگ ۽ مشاورتي پروگرام مهيا ڪرڻ گهرجن. پاڪستان جي ميڊيا انڊسٽري جو مستقبل انھن ئي نوجوانن جي هٿن ۾ آهي. بس ياد رکجي ته سَکڻي واھ واھ ۽ ميڊيا جي