هن سال 8 فيبروري ۾ ٿيڪ چونڊن کانپوءِ جيڪا پارليامنيٽ ۽ حڪومت جهڙي به نموني چونڊجي آئي هئي تنهن سان هن ايڊيٽوريل ذريعي اسان مخاطب ٿي کين مشورو ڏنو هو ته هاڻي رواجي انتقامي سياست کان پاسو ڪري نئين، صحتمند ۽ جمهوري سياست ڏانهن وڃڻ گهرجي. اها گذارش اسان خاص ڪري انهن اقتداري ۽ پارلياماني سياسي جماعتن جهڙوڪ پ پ، مسلم ليگ (ن) ايم ڪيو ايم، جميعت علماءِ اسلام (ف)، جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف کي ڪري رهيا هياسين جيڪي هاڻي تجربيڪار پارلياماني ۽ اقتداري جماعتون ڄاتيون سڃاتيون وڃن ٿيون ۽ اهي سڀ ئي جماعتون ساڳي وقت مختلف دورن ۾ واري واري سان اسٽيبلشمينٽ جي عتاب جو به شڪار رهنديون آيون آهن. اسان سندن ان وسيع تجربي جي تقاضا تحت کين زور ڀري رهيا هياسين ته هاڻي مٿن ذميواري آهي ته اهي پارليامينٽ ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ اهڙو ڪردار تڏهن ئي ادا ڪري سگهبو جڏهن اهي سڀ هڪ ٻئي جو مينڊيٽ قبول ڪنديون، انتقامي ڪاررواين کان پاسو ڪنديون ۽ صحتمند جمهوري روايتن کي هٿي ڏينديون پر افسوس ته انهن تجربي ڪار پالياماني ۽ اقتداري جماعتن پوءِ به ساڳي انداز واري روايتي مخالف براءِ مخالف واري سياست ڪئي جنهن سان نه کين ذاتي طور ۽ نه ئي پارليامينٽ توڙي سندن اقتداري مفادن کي ڪو فائدو رسي رهيو آهي بس عوام سميت سڀني جو نقصان ئي نقصان ٿي رهيو آهي.
اها به حقيقت آهي ته موجوده ملڪي ۽ جمهوري نظام کي اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت ئي تباهه ڪيو آهي پر ساڳي وقت اها به حيقيقت آهي ته ان اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت کي روڪڻ لاءِ سياسي جماعتن به پاڻ ۾ ڪو اتحاد نه ڪيو اڃان به هر جماعت پنهنجي سياسي ۽ اقتداري مفادن لاءِ اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت کي قبول پئي ڪيو آهي ۽ ان کي ئي طاقت جو سرچشمو سمجهيو آهي. ان تلخ پس منظر ۾ هڪڙي بينظير ڀٽو ئي سياسي پختگي جو مظاهرو ڪندي جنرل مشرف جي آمريتي دور ۾ مسلم ليگ (ن) سان يادگار ”ميثاق جمهوريت“ ڪيو ۽ اهو طئي ڪيو ته اڳتي هلي اهي ٻئي جماعتون هڪ ٻئي جي حڪومتن کي ڪيرائڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ جو سهارو نه وٺنديون پر حڪومتن کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ ڏينديون. بينظير ڀٽو ته ترت ئي شهيد ٿي وئي پر پ پ جي 2008 واري حڪومت کان پوءِ آصف زرداري ان معاهدي تحت مختلف وقتن ۾ مسلم ليگ (ن) سان پارليامينٽ جي مفاد ۾ سهڪار ڪندو رهيو ۽ ٻن گڏيل حڪومتن جو به تجربو ڪري چڪيون آهن. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ جي وري اها عجيب سياست نظر آئي آهي ته اها وري پارلياماني جماعتن ۽ سندن مئنڊيٽ کي قبول نه ٿي ڪري جنهن ڪري جمهوري ۽ پارلياماني نظام جو رهيو کهيو نور به چٽ ٿي ويو آهي. عمران خان جي سياست جو روح اصل ۾ آمراڻو ۽ صدارتي نظام وارو آهي جنهن ڏانهن سندس پيش قدمي رهي آهي، ان ڪري هو پارليامينٽ اندر مخالف جماعتن کي ڄڻ ڏسڻ ئي نه ٿو چاهي جيڪو غير جمهوري رويو آهي. اسان اهو به ڏسي رهيا آهيون ته هو هر چونڊ کي ڌانڌلي زده قرار ڏئي رستن تي سياست ڪري پارليامينٽ کي ڪمزور کان ڪمزور ڪري رهيو آهي. جڏهن ته مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ وارا چونڊ جي نتيجن تي خوش نه هئڻ باوجود پارليامينٽ ۾ ويهندا آهن پر عمران خان جا ميمبر پارليامينٽ ۾ ويهندا به ته پارلياماني اجلاسن کي متاثر ڪندا آهن.
اسٽيبلشمينٽ سان سڀني کي شڪايتون آهن پر ان اسٽيبلشمينٽ سان سياسي طور ئي مقابلو ڪرڻ گهرجي، اهو ئي درست رستو آهي ڪنهن به آمر سان 9 مئي وانگر ڪا به جماعت نه وڙهي آهي ۽ نه ئي اهڙي ويڙهه سان ڪو اسٽيبلشمينٽ جو ڪنهن وار ونگو ڪيو آهي اڃان به سياسي جماعت وڙهي پاڻ مارايو آهي جيئن پي ٽي آءِ جي موجوده صورت حال آهي. اسان جو خيال آهي ته پ پ جو اهو نعرو درست آهي ته جمهوريت ئي بهترين انتقام آهي سو جمهويت ۽ پارليامينٽ کي مضبوط ڪري سگهي ٿو.
هن وقت بهر حال ڪنهن جو به ڪردار مطمئن جوڳو ناهي اسٽيبلشمينٽ ته موجوده ملڪي تباهي جي ذ،ميوار آهي ۽ افسوس ته اها ماضي جي تجربي مان سکڻ جو به ڪو ارادو نه ٿي رکي پر ان سان مقابلي لاءِ پ پ ۽ مسلم ليگ کي جيڪو ذميواراڻو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي سو اهي به نه پيون ڪن خاص ڪري مسلم ليگ (ن) جيڪا حڪومت ۾ آهي ته تنهن کي گهرجي ته اها پي ٽي آءِ سميت سڀني پارلياماني جماعتن کي گڏ کڻي هلي. مسلم ليگ (ن) جي موجوده حڪومت ۾ پارليامينٽ اندر پي ٽي آءِ جي اڳواڻن جون جيڪي گرفتاريون ٿيون آهن سو عمل به پارليامينٽ لاءِ ڪارو ڏينهن آهي.اها جلد خبر پئجي ويندي ته پارليامينٽ مان پي ٽي آءِ جي اڳواڻن جي گرفتارين ۾ وزير اعظم ملوث آهي يا اسٽيبلشمينٽ.سو شهباز شريف جي حڪومت کي اهو سمجهڻ گهرجي ته پي ٽي آءِ سان دشمني وارو ورتاءُ سندس ئي ڳچي ۾ پوندو. تنهن ڪري ان کي گهرجي ته پي ٽي آءِ جي جلسن سياسي رنڊڪ جو به سبب نه بڻجي. ايئن پي ٽي آءِ کي به گهرجي ته اها جلسن جلوسن ۾ غير پارلياماني ٻولي ۽ بغاوتي تقريرن کان پاسو ڪري. اهڙيون تقريرون ڪري اها نه رڳو پاڻ سياسي خود ڪشي ڪري رهي پر ان سان جمهوري ۽ پارلياماني نظام کي به خطرو آهي، ٻيو ته سڄي دنيا اندر ملڪ جي بدنامي ٿي رهي آهي. چوڻ جو مقصد ته ڪير به هن وقت ذميواراڻو ڪردار ادا نه ٿو ڪري، پارليامينٽ اندر توڙي ٽي وي جي ٽاڪ شوز ۾ جيڪا بازاري ۽ گارين واري ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي سا گهرن ۾ ويهي ٽي وي ۽ موبائلين تي ٻڌي ۽ ڏسي نه ٿي سگهجي. اقتداري ۽ پارلياماني اڳواڻ انتهائي ڪريل، بد تميزي ۽ بدمعاشي وارو ڏيک ڏئي رهيا آهن تنهن ڪري ملڪ جي سڀني اسٽيڪ هولڊرن کي گڏجي ويهي ڪري ان مسئلي جو حل ڪڍڻو پوندو ۽ ملڪ اندر آئين، قانون ۽ جمهوري توڙي پارلياماني نظام کي بالادست رکڻ لاءِ ڳالهائڻو پوندو ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ سڀني پارلياماني ۽ اقتداري جماعتن کي ان هڪ نڪتي تي اتحاد ڪرڻ گهرجي. ٻي صورت ۾ پارلياماني جماعتون عوام جي نظرن ۾ ڪريل ۽ کل جوڳيون بڻيل رهنديون. عوام به مٿي تي هٿ رکي اهو سوچڻ تي مجبور ٿي ويو آهي ته آخر هن ملڪ ۽ جمهوري نظام جو ڇا ٿيندو؟!