ڪراچي (رپورٽر)سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ اولهھ جي عدالت ۾ اڳوڻي ايم پي اي طاهره عرف دعا ڀٽو 7 سالن کانپوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ کان ڌار ٿي وئي، عدالت چيو ته ڌرين ۾ اڳڀرائي جون ڪوششون ناڪام ٿي ويون آهن. عدالت حليم عادل شيخ کي ٻارڙي جي خرچ لاءِ 24 هزار رپيا ماهوار ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت ٻارن جي خرچ واري ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 21 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. درخواستگذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته حليم عادل شيخ خرچ نه ڏئي رهيو هو، حليم عادل شيخ سان گڏ رهڻ نٿي چاهيان.