ميرپورخاص ۾ زراعت تباهه ٿي وئي آهي، آفت سٽيل قرار ڏيو: آبادگار

ميرپورخاص (رپورٽ: صالح اوٺو) برساتن سبب سنڌ ۾ ٿيل فصلن جي نقصانن جي حوالي سان حڪومت پاران ڪيل سروي بابت رپورٽ  جاري ڪئي ويئي آهي، سروي رپورٽ ۾ ميرپورخاص ضلع جي ستن مان 6هن تعلقن تعلقي ڊگھڙي ۾ 21هزار 462 ايڪڙن، تعلقه حسين بخش مري ۾ 13 هزار 487 ايڪڙن، تعلقي جھڏو ۾ 24 هزار 323 ايڪڙن، تعلقي ڪوٽ غلام محمد ۾ 30 هزار 830 ايڪڙن، تعلقي شجاع آباد ۾ 15 هزار 565 ايڪڙن ۽ تعلقي سنڌڙي ۾ 27 هزار 39 ايڪڙ ايراضي سميت ضلع جي هڪ لک 32 هزار 706 ايڪڙن تي خريف جي بيٺل فصلن کي سخت نقصان پهتو آهي، جنهن ۾ ڦٽيون، ڪمند، مرچون ۽ ٻيا فصل شامل آهن.ٻي پاسي آبادگارن سروي رپورٽ کي رد ڪندي رپورٽ ۾ زرعي نقصانن جا صحيع انگ اکر جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، رابطو ڪرڻ تي فارمرز آرگنائزيشن ڪائونسل سنڌ جي چيئرمين ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميرپورخاص جي ميمبر جاويد جوڻيجو چيو ته سرڪار پاران جاري ڪيل انگ اکرن ۾ وڏي هيرا ڦيري ڪري آبادگارن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ضلعي ۾ 2 لک 80 هزار ايڪڙن کان وڌيڪ تي بيٺل فصل تباهه ٿيا آهن، ڪامورن پاران آفيسن ۾ ويهي رپورٽ تيار ڪري موڪلڻ جو پراڻو رواج بڻيل آهي، اصل انگ اکر انهي کان ٻيڻ ٽيڻ تي آهن، آبادگار اڳواڻن چيو ته موجوده حالتن ۾ مٿين مهيني ۾ شروع ٿيندڙ ڪڻڪ جي آڳاٽي پوکائي ٿيندي نظر نه پئي اچي جنهن سان ايندڙ سال ڪڻڪ جو بحران پيدا ٿيڻ جا وڏا امڪان آهن، فارمرز آرگنائزيشن ڪائونسل جي چيئرمين جاويد جوڻيجو ۽ سنڌ آبادگار بورد جي ضلعي صدر حاجي عمر ٻگھيو مطالبو ڪيو ته ڪامورن جي نااهلي سبب جاري ٿيل غلط انگ اکرن کي درست ڪري ميرپورخاص ضلع کي آفت سٽيل ضلعو قرار ڏئي آبادگارن جي ڍل ۽ زرعي قرض معاف ڪري آبادگارن جي سهائتا ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.