ڪراچي (حفيظ ڦلپوٽو) ڪراچي جي علائقي شاهه فيصل ڪالوني نمبر 3 ۾ غير قانوني پيٽرول پمپ ۾ باهه لڳڻ سبب 3 ماڙ عمارت کي به لپيٽ هيٺ آڻي ڇڏيو ۽ واقعي ۾هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.رپورٽ مطابق ڪراچي جي علائقي شاهه فيصل نمبر 3 جي ويجهو هڪ دڪان ۾ باهه لڳي وئي، جنهن جلد ئي دڪانن ۽ رهائشي عمارتن کي به لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو.باهه لڳڻ سبب 10 کان وڌيڪ موٽرسائيڪلون سڙي رک ٿي ويون، جڏهن ته ڪيترائي دڪان پڻ متاثر ٿيا.فائر برگيڊ جي 5 گاڏين باهه وسائڻ جي عمل ۾ حصو ورتو ۽ ڪافي ڪوششن بعد باهه تي ضابطو آندوويوباهه لڳڻ کانپوءِ شاهه فيصل ڪالوني سميت لانڍي هائيڊرينٽ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.سنڌ ريسڪيو 1122 جي اهلڪار حسن خان چيو آهي ته عمارت جي ڏاڪڻ مان 55 سالن جي شخص جو لاش هٿ آيو آهي. هن چيو ته عورتن ۽ ٻارن سميت 15 جي لڳ ڀڳ رهواسي عمارت جي ڇت تي چڙهي ويا ۽ سڀني کي بچايو ويو آهي.