اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) حڪومت بجلي مهانگي ڪري ڇڏي آهي. بجلي جي قيمت ۾ 1 رپيا 74 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي وئي آهي.حڪومت طرفان بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ قيمتن ۾ واڌ تي عمل ڪيو ويو آهي. بجلي جي اگهن ۾ هي نئون اضافو ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ طور ڪيو ويو آهي.نيون قيمتون ڊسڪوز سميت ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي به لاڳو ٿينديون ۽ بجلي جي قيمتن ۾ اضافي سبب صارفين تي 43 ارب 23 ڪروڙ رپين جو اضافي بار پوندو. بجلي جي قيمتن ۾ واڌ سيپٽمبر، آڪٽوبر ۽ نومبر جي مهينن لاءِ لاڳو ٿيندو. ان کان اڳ نيپرا 6 سيپٽمبر تي ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جو فيصلو وفاقي حڪومت کي موڪليو هو.