سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڪارروائي کان منع، اسٽي ۾ واڌ

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل 2 رڪني بئنچ ڊي ايڇ اي کي هاڪس بي ۾6 هزار ايڪڙ سرڪاري زمين ڏيڻ خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت هاڪس بي جي رهواسين جي بي دخلي ۽ ڪارروائي روڪيندي اسٽي آرڊ ۾ واڌ ڪري ڇڏيو آهي. ڊي ايڇ اي پاران ايڊووڪيٽ حڪيم احمد وڪالت نامو جمع ڪرايو. جڏهن ته درخواست گذار اشفاق پنهور کي ڊي ايڇ اي جي وڪيل کي درخواست جي ڪاپي ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي. عدالت درخواست جي ٻڌڻي 3آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. هاڪس بي جي 6 هزار ايڪڙزمين ڊي ايڇ اي کي ڏيڻ جي خلاف مقامي ماڻهن درخواستون داخل ڪيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.